| چڪ ويجھو هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو |
چڪ(ن پ ا)چڪ لڳ کاهي بچاءُ بند ڀرسان ويٺل ڳوٺ گلشير جاگيراڻي واسي نوجوان فدا حسين جاگيراڻي کي نامعلوم هٿياربندن پاران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول جي وارث قائم الدين جاگيراڻي ۽ ٻين پاران ڪرسي جتوئي برادري جي ماڻهن تي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل سوڀاري ڪرسي جتوئي واري ڌر پاران سوشل ميڊيا ڏنل بيان موجب قتل واقعي ملوث هجڻ واري معاملي کان لاتعلقي ظاهر ڪئي وئي آهي.