چڪ ويجھو ڳوٺ تي ڪاهه،7 ڄڻا اغوا، ڪجهه ڪلاڪن بعد بازياب، پوليس مقابلي جي دعويٰ
مَي 12, 2025
شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) چڪ لڳ بچل ڀيو ٿاڻي ويجهو ڳوٺ تي ڌاڙيلن جي ڪاھ، ملڪ برادري جا 7 ڄڻا اغوا، وليس کي آپريشن روڪڻ جي ڌمڪي، ان ڏس ۾ بچل ڀيو حد جي ڳوٺ سکيو ملڪ تي هٿياربندن ڪاھ ڪري ملڪ برادري جي 7 ڳوٺاڻن عزيز، نور محمد، فرمان، شفي محمد، احسان، عبدالمجيد ۽ 4 سالن جي معصوم سلمان ملڪ کي فائرنگ بعد اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ۾ کڻي فرار ٿي ويا، ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کي نياپو ڏنو ته مغوين جي بازيابي لاءِ اسان ڏانهن قرآن پاڪ کڻي اچڻ بدران ايس ايس پي شڪارپور ڏانهن پاڪ ڪتاب کڻي وڃون ته جيئن ڪچي واري علائقي ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن بند ڪري ڊرون حملا بند ڪيا وڃن.ٻي طرف اغوا جي اطلاع تي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رکيو. واقعي بعد پوليس شاھ بيلي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي، مبنيا مقابلي بعد اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙي سميت 7 ڄڻا بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
آپريشن بند ڪرائي آزاد ڪرايو: مغوين جي وڊيو وائرل
شڪارپور: جوابدارن پاران مغوين جي وڊيو وائرل ڪري مغوين کان ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪرائي وئي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن بند ڪري کين بازياب ڪرايو وڃي، وڊيو ۾ مغوي چئي رهيا آهن ته ڪچي واري علائقي ۾آپريشن بند ڪري ڊرون حملا بند ڪيا وڃن.
ڳوٺ مان 7 ڄڻن جي اغوا جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
شڪارپور: مغوين جي گهرن ڪهرام مچي ويو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري رهندو: ايس ايس پي شڪارپور
شڪارپور: ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ٻڌايو ته ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن پنهنجي ڪاميابي تائين بند نه ڪيو ويندو چڪ جي ڪچي واري علائقي مان ڏوهارين جو خاتمو آڻي امن امان بحال ڪيو ويندو.