| چڪ ڀرسان مبينا طور پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي بيدردي سان قتل |
شڪارپور(رپورٽر) چڪ لڳ زمين تي ڪم ڪندڙ نوجوان کي نامعلوم ھٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ گلشير جاگيراڻي ويجهو زمين تي ڪڻڪ کي پاڻي ڏيندڙ نوجوان غلام اڪبر جاگيراڻي کي نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، وارثن ۽ پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو،
مقتول غلام اڪبر جاگيراڻي جي ڀاءُ غلام اصغر جاگيراڻي ٿاڻي پهتل صحافين آڏو ڪرسي جتوئي ڌر جي گلو ڪرسي جتوئي مٿان زمين تي منهن ماري بعد ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي، جڏهن ته ڪرسي جتوئي ڌر جي چڱي مڙس سوڀارو ڪرسي جتوئي الزام رد ڪري ڇڏيو آهي هن وڌيڪ چيو ته جاگيراڻي ڌر سان سندس فيصلو ٿيل آهي مقتول غلام اڪبر جاگيراڻي جي قتل سان سندن پري پري تائين ڪو واسطو ناهي، ٻئي طرف ڊي ايس پي لکي غلام شاهه محمد علي سومرو ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد ڪيس داخل ڪيو ويندو. ياد رهي ته جاگيراڻي ڪرسي جتوئي ڌرين وچ ڇڪتاڻ جو ڪجهه هفتا پهريون نبيرو ڪيو ويو هو.