چڪ ڀرسان ڳوٺ تي ڪاهه 2 ڄڻا قتل
جُون 1, 2025
چڪ ( پنهنجي ڊيسڪ ) چڪ ويجهو ڳوٺ دل تي هٿياربندن ڪاهه ڪري سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ محمد عمر مهر ۽ محمد خان مهر شامل آهن، مارجي ويل ڳوٺاڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واقعو ڪرسي جتوئي ۽ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار سبب پيش آيو،ٻن نوجوان جي قتل بعد علائقي ۾خوف ڇائنجي ويو،ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن.