چڪ: ڪلهوڙا-ڪهرياڻي ڌرين ۾ فائرنگ، واٽهڙو قتل، 2 زخمي: پوليس 2 جوابدار ماري ڇڏيا

چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪلهوڙا-ڪهرياڻي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 واٽهڙو گوليون لڳڻ سبب زخمي، هڪ واٽهڙو قتل، شڪارپور پوليس جي ڪارروائي ۾ ٻه ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ تفصيل موجب چڪ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪلهوڙا- ڪهرياڻي تڪرار تان اصغر سڪندر ڪلهوڙي ۽ احسو ڪهرياڻي جي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان دوبدو فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ اتان گذرندڙ 3 واٽهڙو منور ڀٽار، صرفو ڳوٺ واسي آصف علي مهر ۽ زاهد مهر زخمي ٿي پيا، جن کي ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي بيٺل هجڻ سبب زخمين کي ٻيڙي ذريعي ڪچي مان پڪي طرف آندو ويو، جتان کين اسپتال نيو پئي ويو ته صرفو ڳوٺ واسي نوجوان آصف علي مهر زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. هڪ ٻئي زخمي جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، مقتول جو مڙهه گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته شڪارپور ضلعي جي پوليس اٽالن ڪهرياڻي ڌر جي مبينا ٺڪاڻن خلاف ڊرون ذريعي ڪارروائي ڪئي، ذريعن موجب پوليس پاران ڪهرياڻي ڌر جي گهرن ۽ مبينا ٺڪاڻن کي ڊرون ذريعي نشانو بڻايو ويو، شڪارپور پوليس پاران ڪچي واري علائقي اندر هٿياربندن سان مقابلو ڪري ڪيترن ڪلاڪن تائين فائرنگ جي نتيجي ۾ بدنام ڏوهاري اسماعيل عرف احسو ڪهراڻي جتوئي ۽ سندس سئوٽ بشير احمد پٽ گل حسن ڪهراڻي جتوئي جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته ٽي هٿياربند پڻ زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ بدنام ڏوهاري احسو ڪهراڻي جتوئي ۽ ساٿي بشير ڪهراڻي جتوئي جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي، پر احسو ڪهراڻي جو لاش هٿ اچي ناهي سگهيو، جڏهن ته بشير ڪهراڻي جتوئي جو لاش هٿ ڪري چڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بدنام ڏوهاري احسو ڪهراڻي جي مارجي وڃڻ بعد پوليس پاران خوشي ۾هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي. ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ ڪچي واري علائقي اندر پهچي پوليس ٽيم کي وڏي ڪاميابي تي شاباسي ڏني، هن چيو ته پوليس هڪ لاش هٿ ڪيو آهي ٻئي جي ڳولا جاري آهي، علائقي مان ناسور ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پوليس جوانن بهادري سان وڙهي پنهنجو نقصان ڪرائڻ کان سواءِ ڏوهارين جو وڏو نقصان ڪيو آهي جيڪا شڪارپور پوليس جي جوانن جي وڏي ڪاميابي آهي.
 

ڪچي ۾ پاڻي بيٺل، زخمين کي ٻيڙي ذريعي پڪي تي آندو ويو
 

چڪ: فائرنگ ۾ زخمي ٿيل واٽهڙو منور ڀٽار، صرفو ڳوٺ واسي آصف علي مهر ۽ زاهد مهر کي ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي بيٺل هجڻ سبب زخمين کي ٻيڙي ذريعي ڪچي مان پڪي طرف آندو ويو، جتان کين اسپتال نيو پئي ويو ته صرفو ڳوٺ واسي نوجوان آصف علي مهر زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. هڪ ٻئي زخمي جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، هوڏانهن ڪلهوڙن ۽ ڪهرياڻي ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار ۾ هڪ غير واسطيدار نوجوان جي مارجڻ کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي.واقعي کانپوءِ ڪچي واري علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو آهي.
 

ڏوهاري احسو ڪهراڻي جو لاش درياهه ۾ لڙهي ويو آهي: پوليس
 

چڪ: پوليس مقابلي ۾ ماريل اسماعيل عرف احسو ڪهراڻي جتوئي جو لاش نه مليو، ڊي ايس پي لکي محمد علي سومرو چيو آهي ته بدنام ڏوهاري احسو ڪهراڻي جتوئي مارجي ويو آهي، جنهنجو لاش سنڌو درياھ ۾ لڙهي ويو آهي.
 

فائرنگ سبب گوليون ڳوٺ ولي محمد ڀيو ۾ ڪريون، 11 ڍور زخمي
 چڪ:  فائرنگ جون گوليون ڪچي جي ڳوٺ ولي محمد ڀيو ۾ پڻ ڪريون، جنهن سبب مختلف ڳوٺاڻن جون چار ڳئون ۽ ست مينهون پڻ زخمي ٿي پيون.