چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو … ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

                 مور ساگر معرفت هڪ منفرد عنوان وارو ڪتاب مليم، ڪجهه ورق ئي ورايم ته ڄڻ آئون هن ڪتاب ۾ پيهي ويس. ٿر جي ٻاٻيهي صادق فقير جي ياد ۾ لکيل تاثر اتي مضمونن تي مشتمل “چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو” ڪتاب هڪ عظيم راڳيءَ لاءِ پيش ڪيل اهڙي ڀيٽا آهي، جا سوانح نگاريءَ جي ڪتابن ۾ هڪ خاص درجو رکي پئي. هڪ هڪ لکندڙ دل سان لفظن جو دان صادق فقير کي ايئن پيش ڪيو آهي، جو لڳي ٿو ته هُو هڪ اهڙو ٻيجل هو. جنهن جي تند تنوار تي هر سنڌي عاشق آهي.

                 هنن تاثراتي مضمونن کي سهيڙڻ جو ڪارنامو علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺي جو آهي، علي نواز اُنڙ آباد عمر ڪوٽ جو جوان سنڌي ادب ۾ ايم فل ڪرڻ سان گڏ موجوده وقت سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪميشن پاس ڪري ليڪچرار ٿيو آهي ۽ کيس لکڻ جو سٺو ڏانءُ آهي، سندس اڳ ڇپيل ڪتابن ۾ ”مانجھي مڻيادار“، ”قومي تحريڪ جا شهيد“، ”جي مون سانڍيا ساھ ۾“، ”بهار آندا پٽن جا لاشا“ آهن. زاهد اوٺي جو تعلق پڻ ٿرپارڪر سان آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”روح رُنو اڌرات“، ”ٿر جي لساني جاگرافي ۽ لهجا“ ۽ ”نهڙيا قبيلو ۽ ونگي جي تاريخ“ آهن.

سوانح نگاري سنڌي ادب جي اهم صنف آهي انگريز دؤر ۾ جيئن ئي ادبي نثر لکجڻ شروع ٿيو ته سوانحي مضمون پهرين لکيا ويا ۽ اڄ به انهن جي ساڳي اهميت آهي ۽ موجوده وقت ۾ ته هن ڏس ۾ وڏي ترقي ٿي آهي ۽ ڪيترائي مضمون تاثر، خاڪا ۽ ڪالم اهڙا ملن ٿا، جن ۾ ڪنهن شخصيت جي باري ۾ معلومات ملي پر جيئن هر گُل جو رنگ ۽ خوشبوءِ الڳ الڳ ئي هجي ٿي، تيئن هر ليکڪ جو پنهنجو هڪ الڳ انداز هُجي ٿو، سو هن ڪتاب ۾ پڻ ڪئين گل، رنگ ۽ خوشبوءِ پکڙيل آهن. ترتيب جي حوالي سان ڪتاب جي محنت داد وصول ڪري رهي آهي، لکندڙن ۾ عبدالواحد آريسر، تاج جويو، مختيار ملڪ، نصير مرزا، اياز گُل، ذوالفقار هاليپوٽو، ڀارومل امراڻي سوٽهڙ، رکيل مورائي، نور احمد جنجھي، ماڪن شاھ رضوي، الطاف ملڪاڻي، وجئه شرما، ايوب کوسو، سهيل ابڙو، شوڪت چاچڙ، ارم درس، سورٺ لغاري، فهميده شرف بلوچ، سرواڻ سنڌي ۽ ٻين جا مضمون لکيل آهن. پيش لفظ ذوالفقار هاليپوٽو ۽ پس لفظ پرشوتم داس واسواڻيءَ جو لکيل آهي. 26 فيبروري 2015ع تي صادق سنڌ کان وڇڙيو يا ساجد چانڊيي جي لفظن ۾، “مٺيءَجو سج مڪي ۾ غروب ٿيو” ۽ اپريل 2015ع ۾ هيءَ ڪتاب تيار ٿيو. ايترو جلد ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ غلطيون ته نه هئڻ برابر آهن پر مواد جي چونڊ پڻ اعليٰ درجي جي آهي. لڳي ٿو ته سڀني نثر جي ليکن ۾ نغمگي ۽ ترنم آهي. ذوالفقار هاليپوٽي موجب ته،”صادق کي ڏنل هيءَ ڀيٽا محبتن جي، لڙڪن جي، چاهتن جي ۽ خوبصورت لفظن جي اها عمارت آهي، جيڪا اسان جي هڪ عاشق ۽ ذميوار قوم هئڻ جي نشاني آهي“.

تاج جويو کيس مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته،  ”واقعي اياز جي فن ۽ صادق جي ڪلا “نرگس کي ديد” عطا ڪئي آهي. هڪ تخليقڪار ۽ ٻيو وينجھار/فنڪار اڻميا موتي ڏيئي ويا آهن. جيڪي صدين تائين پيا سُوجھبا ۽ پارکو پيا پرکيندا“.

اياز گل جي لفظن ۾ ته، ”تو کان ٿيندي ڌار…. وارو ڪلام صادق فقير جي حوالي سان اڄ نه رڳو سنڌ واسين جو ترجمان بڻجي ويو آهي، پر هاڻي مون کي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ مون اها وائي لکي ئي صادق لاءِ هئي. اڄ جڏهن اسان کان پاڻ ڌار ٿي ويو آهي ته اهو ڪلام اڄ صادق فقير تي ئي ٺهڪي ٿو اچي“.

توکان ٿيندي ڌار،

کلندي.کلندي يـار،

لڙڪ لڙي پيا لار ڪري!

قومي راڳي صادق فقير اهڙو راڳي هو، جنهن جي آواز ۾ هڪ وڏو جادو هو، جنهن کي ٻڌندڙ منڊجي ويندا هئا،  فيض محمد مڱڻهار جي گهر ۾ 20 مارچ 1963ع تي مٺي شهر ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو هيءُ نالي وارو فنڪار سنڌي ادب م ايم اي ڪيل ۽ تعليم کاتي ۾ استاد هو، راڳ جي سکيا حسين فقير کان ورتائين، 1982ع ۾ مٺي ڪاليج ۾ هڪ پروگرام ۾ شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪندي کيس مشهوري ملڻ شروع ٿي وئي، نصير مرزا معرفت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي متعارف ٿيو ته 1988 ۾  شمشير الحيدريءَ کيس پي ٽي وي تي آڻي وڌيڪ ڪامياب ڪيو. ڪيترن ئي چئنلز تان سندس پروگرام ريڪارڊ ٿيا آهن، 50 جي قريب سندس آڊيو ڪيسٽن جا البم ريڪارڊ ٿيل آهن. هُن ڪيترن ئي نالي وارن شاعرن کي ڳايو، جيئن شيخ اياز، استاد بُخاري، ادل سومرو، امداد حسيني، تنوير عباسي، سائينداد ساند، ايازگُل، حسن درس، آڪاش انصاري ۽ ٻيا ڪيترا شاعر جن جي ڪلام کي هُن دِل سان ۽ سوز سان ڳايو. صادق جي چپن تي جڏهن سندن شاعريءَ جا ٻول آيا ته اها شاعري امر ٿي ويئي. ان کانسواءِ اردو شاعرن کي به ڳايو اٿس. 2015ع ۾ هو خاندان سميت عمري تي ويل هو، 26 فيبروريءَ تي سندس گاڏيءَ کي حادثو پيش آيو، جنهن ۾ هُن وفات ڪئي، سندس مڙهه مٺيءَ ۾ آڻي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، صادق جا ٻه پٽ نزاڪت ۽ راحت فقير سندس گائڪي واري ورثي کي سنڀاليندا اچن ٿا. هن ڪتاب ۾ صادق فقير کي مڃتا وڏي جذبي سان ڏنل آهي، هر تحرير اثرائتي آهي، هيءُ ڪتاب سهيڙي علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺي سنڌي ادب جي سوانح نگاريءَ ۾ هڪ ڪارائتي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي.