تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڇاتي جو سرطان،عالمگير مرض!… ليکراج ميگهواڙ

صحتمند ذھن سماج لاءِ مسيحا هوندا آھن، هر سال آڪٽوبر جو مهينو ڇاتي جي سرطان جي آگاهي بابت ملهايو وڃي ٿو، پر هي هڪ عالمگير مرض آھي جنهن جي ڄاڻ هر ڏينهن هر پليٽفارم تي ڏيڻ گهرجي، ڇاتي جو سرطان(Breast Cance/ Carcinoma) عورتن ۾ ٿيندڙ هڪ مهلڪ مرض آهي. سڄيءَ دنيا ۾ هن بيماريءَ سبب فوت ٿيل عورتن جي شرح ٻين مرضن جي بنسبت وڌيڪ آهي. آڳاٽي زماني ۾ هيءَ بيماري اڪثر اهڙين عورتن کي ٿيندي هئي، جيڪي پنهنجي ماهواريءَ بند ٿيڻ واري عمر ۾ Menu pause کي پهچنديون هيون پر هاڻي هيءَ بيماري ڪيترن سببن ڪري عورت کي عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگھي ٿي. ڪيتريون نوجوان ڇوڪريون جيڪي اڃا بالغ ٿينديون آهن ته اهي به هن موذي مرض ۾ وٺجي وينديون آهن. اڃا تائين هن بيماريءَ جو ڪو خاطر خواهه علاج نه مليو ويو آهي ۽ نه ئي سرجريءَ سان هن مرض کي ختم ڪري سگهجي ٿو! ڇو ته متاثر ارهه جو اهو حصو يا سڄو ارهه ڪٽڻ جا تجربا به ڪيا ويا پر بيماري ختم ٿيڻ بجاءِ بگڙيل صورت ۾ ٻيهر ٿي پوندي آهي. ڪپي ڪڍڻ (Mastiodectomy) کان پوءِ وري انهن ڦٽن ۾ روڳ وڌي ويندو آهي ۽ ڦٽن ۾ وِرُ ٿي پوندو آهي پوءِ ان وِرُ مان پونءِ نڪرندي آهي ۽ پوءِ مرض ڇاتيءَ سان لاڳاپيل عضون ڏانهن پکڙجي ٿو، جيڪو ‘Mestastasis’ سڏجي ٿو. ان ۾ ٻئي ارهه، ڪَڇُن ۽ سيني وارين هڏين متاثر ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي.
مُهلڪ (سرطاني) واڌ جا قسم:
(1) سخت سرطاني واڌ (گومڙ) (Scrrihus Growth/ Tumor): هن قسم جو سرطاني (گومڙ) واڌ، سڀني قسمن جي گومڙن (واڌ) ۾ عام ٿئي ٿو. هن قسم جو گومڙ سخت ٿئي ٿو ۽ واڌ ويجھه ۾ گھڻو وقت وٺندو آهي. ڪن حالتن ۾ هن قسم جي گومڙ جي وڌڻ ۾سال به لڳي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن قسم جو گومڙ وڏي عمر ۾، خاص ڪري عورت جي حيض جي موقوف Menu pause Period)) کان پوءِ ظاهر ٿيندو آهي. هن قسم جي گومڙ ۾ سور به ٿيندو آهي پر اهو هر وقت نه ٿيندو آهي. گومڙ (واڌ) واري کل ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيندو آهي. تنهن کانسواءِ گھڻين مريضن جا هن قسم جي سرطاني واڌ ۾ ڇاتيءَ سان گڏ بغل جا غدود به سڄي پوندا آهن.
(2) ميڄالي جي مِکُ جي شڪل جھڙي واڌ (Encephaliod Growth of Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ مٿين سرطاني واڌ وانگر سخت ڪانه ٿيندي آهي، پر ڪي قدر نرم ٿيندي آهي، جيئن جيئن سرطاني واڌ ۾ واڌارو ٿيندو آهي ته سرطان جي واڌ جي مٿاڇري وارين نسن (Superfical Veins) ۾ پڻ واڌ ٿيندي آهي، ان واڌ جو رنگ واڱڻائي هوندو آهي، جيڪا هن قسم جي واڌ جي ڀرپور علامت هوندي آهي ۽ چورڻ سان هيڏي هوڏي ڦرندي آهي. هيءَ واڌ اڳتي هلي جڏهن ڦاٽي پوندي آهي ته ان مان گھڻو ڪري ڪاري رنگ جو رت وهندو آهي. هن قسم جي گومڙ جي شڪل گل جھڙي ٿيندي آهي، تنهنڪري هن قسم جي سرطاني واڌ کي (Rose Cancer) به چوندا آهن. هن قسم جي گومڙ جو ڪاڇو ٻين سرطاني گومڙن جي مقابلي ۾ گھڻو وڏو هوندو آهي ۽ گومڙ جو وزن به گھڻو هوندو آهي، تنهنڪري مريضه پنهنجي سرطاني ڇاتيءَ ۾ واڌ سان گڏ ڳوراڻ به گھڻي محسوس ڪندي آهي. هن قسم جي ڪينسر جي واڌ تمام گھڻي تڪڙي ٿيندي آهي، جيڪا هڪ سال کان مٿي ڪانه ٿيندي آهي.
(3) ڳوڙهن (غدودن) جھڙي واڌ (Adenoid Growth/ Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ ۾ مريضه جي سرطاني ڇاتيءَ ۾ هر هنڌ ننڍڙين ننڍڙين سخت ڳوڙهين جا ڇڳا هوندا آهن. اهي سخت ڳوڙهيون رٻڙ جي بال وانگي محسوس ٿينديون آهن، جن ڳوڙهين کي هٿ سان گھمائڻ سان هيڏي هوڏي چوري پري (ڦري) سگھنديون آهن.
(4) گوشت (جي ٽڪري) جھڙي واڌ (Sarcoma Growth Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ تمام گھڻي خطرناڪ هوندي آهي. هن قسم جي واڌ جي پاڙ گھڻو ڪري سرطاني مرض ۾ وچڙيل ڇاتيءَ جي هيٺان هڏن تائين هوندي آهي. هن قسم جو سرطان تمام گھڻو تڪڙو واڌ ويجهه ڪندو آهي. سرجريءَ کان پوءِ نئين حملي ۾ هي پنهنجي اصلي جاءِ مٽائي ڪنهن ٻئي عضوي يا ٻئي اُرهه ڏي وڌندو يا پکڙبو (Metastasis) آهي پر جيڪڏهن ساڳي هنڌ تي وري ٿي پيو ته به اهو تمام تڪڙو واڌ ويجھه ڪندو آهي. تمام گھڻو مهلڪ ۽ خطرناڪ بڻجي ويندو آهي.آپريشن کان پوءِ جيڪڏهن هن قسم جي سرطان جي واڌ ساڳئي هنڌ ٿي پئي ته ڪن حالتن ۾ اها ايتري ته وڏي هوندي آهي جو اها ٽن ڇاتين جيڏي ٿي پوندي آهي، تنهنڪري ٻيهر بيماري هيٺ آيل ڇاتيءَ وارو حصو وڏو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ ڀوائتو لڳندو آهي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جا سبب:
(1) ٿڃ نه ڌارائڻ: ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو ۽ بنيادي سبب ماءُ جو ٻار کي ٿڇ نه ڌارائڻ آهي. ٿڃ ڌارائڻ ڪري ماءُ جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ لاءِ وڏي ڍال آهي. جيڪي مائرون پنهنجي اولاد کي ٿڃ نٿيون ڌارائن، انهن ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي.
(2) دير سان شادي ٿيڻ (Late Marriage): اڄڪلهه سماجي مجبورين ۽ ڪن سببن جي ڪري ڇوڪرين جي شادي دير سان ٿئي ٿي، جنهنڪري ڪنوارين ڇوڪرين کي پڻ گهڻي ڀاڱي ارهه جو ڪينسر ٿئي ٿو.ڇوڪرين جي مناسب وقت تي شادي ڪرائڻ سان ارهه جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو بلڪل گھٽ ٿئي ٿو. ان کانسواءِ جلدي شادي ڪرڻ کانپوءِ عورت جو جلدي حاملا ٿيڻ پڻ ارهه جي ڪينسر کان بچاءُ جو وڏو ذريعو آهي.
(3) ڄم روڪ دوائون (Birth Control Medicines): جيڪي عورتون گھڻي عرصي تائين ڄم روڪ جون دوائون استعمال ڪن ٿيون، جن دوائن/ انجيڪشن جي ٺاهڻ ۾ هٿرادو اسٽروجن (Estrogen) ۽ پروجيسٽرون (Progestrone)، هارمون (Harmones) ڪتب آندا ويندا آهن. اهي ٻئي هٿرادو هارمون عورتن ۾ ڪيتريون زنانيون بيماريون ڪري وجھندا آهن، جنهن ۾ ماهواريءَ جو بي ترتيب اچڻ، يا گھڻو اچڻ، ٻيجڻين ۽ ڳڀيرڻ جي فعل ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيجڻين ۽ ڳڀيرڻ ۾ رسولين کان وٺي ڪينسر جو ٿي پوڻ. ٻيجڻين ۾ هٿرادو هنن ٻنهي هارمونن جي گھڻي مقدار ۾ پهچڻ ڪري انهيءَ جو سڌو اثر ارهه جي غدودن تي بگاڙ جي صورت ۾ ٿئي ٿو، جنهن ڪري ڇاتيءَ جي غدودن ۾ غير فطري واڌ ٿئي ٿي، جنهن کانپوءِ سخت گومڙ ٺهن ٿا، جيڪي مهلڪ هجڻ ڪري ڇاتيءَ جي ڪينسر جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا.
(5)خـانـدانـي مـنصــوبـابـنـدي (Family Planning): اڪـثـر عـورتون خـانداني منصوبابنديءَ سبب پنهنجو آپريشن ڪرائي، ٻار ڪڍرائي ڇڏينديون آهن، جنهن ڪري عورت جو سڄو جنمي نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو ۽ عورت جو وقت کان اڳ ۾ سنڍ Barren (Sterile) ٿيڻ ڪيترين جسماني توڙي ذهني بيمارين کي جنم ڏئي ٿو، جن ۾ ڇاتيءَ جو ڪينسر، زنانيون بيماريون، ٿولهه ۽ ذهني پريشاني (ڊپريشن) وغيره اچي وڃن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ٻيجڻي ۽ ڳڀيرڻ جي گھڻين مهلڪ بيمارين، خاص ڪري ٻيجڻي (Ovary) ۽ ڳڀيرڻ جي ڪينسر جي صورت ۾ ٻيجڻي ۽ ڳڀيرڻ کي آپريشن ڪري ڪڍيو ويندو آهي ته ڪينسر جي صورت ۾ آپريشن دوران يا آپريشن کانپوءِ ڪينسر جا جيوڙا رت جي ناڙين وسيلي رت جي وهڪري ذريعي ٻيجڻين يا ڳڀيرڻ کان پکڙجي Metastasis بيمار عورت جي ڇاتي تائين پهچي کيس ڇاتيءَ جو ڪينسر ڪري وجھندا آهن.
ڇاتين جي سرطان جي ٻين سببن مان ڪجهه هي آهن: کاڌي ۾ پوٽيشم جي گهٽتائي، پوٽيشم عام طور ڳڙ ۾ گهڻو ٿئي ٿو، جيڪڏهن ذيباطيس نه هجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٿوري مقدار ۾ ڳڙ جو شربت پيئڻ سان پوٽيشم حاصل ٿئي ٿو. ان کان سواءِ دٻن ۾ پيڪ ٿيل کاڌن/ فاسٽ فوڊ وغيره يا سوڊا جهڙا ڪيميڪل گهڻو واپرائڻ به بيماريءَ جو ڪارڻ ٿين ٿا، جڏهن ته فارمي مرغيءَ جي هڏين کي ڪُرٽي کائڻ کان به پرهيز ڪجي، ڇو ته مرغين جي خوراڪ ۾ زهريلا ڪيميڪل به استعمال ٿيندا آهن، جڏهن ته گهڻي مقدار ۾ ڪافي يا چانهه جو استعمال، گهڻي تماڪ نوشي، سدائين ڳڻتين ۾ رهڻ ۽ وڏي گوشت جي گهڻي استعمال سان به ڇاتين جي سرطان جو خدشو وڌي سگهي ٿو.
احتياط وارا اپاءَ:
ڪينسر جي مريضه کي هر صورت ۾ رڌ پچاءُ نه ڪرڻ ڏجي ڇو ته باهه جي تاءَ سبب مرض اڃا به وڌي ويندو آهي. ائين علاج ڪرائڻ کانپوءِ جڏهن مريضه صحتمند ٿئي ته به کيس هڪ سال تائين باهه جي ويجھو نه وڃڻ گھرجي، نه ته مرض وري ٻيهر اٿلي سگھي ٿو. باهه جي لهس تي هي مرض وڌندو ۽ وري ٻيهر موٽندو به آهي. ڪينسر جي مريضه کي اس کان به بچائڻ گھرجي نه ته ٻيءَ صروت ۾ هيءُ مرض تڪڙو وڌي ويندو آهي. صحتياب ٿيڻ کانپوءِ به هڪ سال تائين هر حال ۾ اُس تي گھٽ نڪرجي، خاص ڪري اونهاري واري موسم جي اُس ۾ گھٽ نڪرڻ گھرجي. ڪينسر جي مريضه کي گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ نه گھرجي. سياري ۾ به نهن سوسڙي پاڻيءَ سان وهنجڻ گھرجي، مرض ڇڏي وڃڻ کانپوءِ به هڪ سال تائين احتياط ڪرڻ گھرجي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *