ڇاڇرو: اجتماعي زيادتي جو شڪار ناري کي انصاف نه مليو موت ملي ويو، 2 مک جوابدار گرفتار

ڇاڇرو: اجتماعي زيادتي جو شڪار ناري کي انصاف نه مليو موت ملي ويو، 2 مک جوابدار گرفتار

 ڇاڇرو (رپورٽ: عبدالجبار نهڙيو) ڇاڇري جي ڳوٺ کڏي ۾ اجتماعي زيادتي بعد آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ناري رنگو ڌي چمون حيدرآباد جي اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي،ناري جي والد چمون ڀيل سميت ڀيل برادري جا ماڻهو وڏي انڳ ۾ ڇاڇرو اسپتال پهچي ويا،جتي ناري جي لاش مارٽم جي ڪارروائي لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ ڇاڇرو جي اسپتال ۾ پيل رهيو جنهن بعد ڇاڇرو اسپتال ۾ مقرر ٿيل ڊاڪٽرياڻي عمرڪوٽ کان پهچي پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،وارث سڄو ڏينهن جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڇاڇرو اسپتال ۽ پوليس ٿاڻي جا چڪر ڪاٽندا رهيا ۽ وارثن جي ميڊيا تي دانهون ڪرڻ بعد ڇاڇرو پوليس ناري سان مبينا زيادتي جي الزام هيٺ آيل ٻنهي جوابدارن هنجراج ڀيل ۽ خانو ڀيل کي گرفتار ڪري مٿس ناري جي پيءُ چمون ڀيل جي فرياد تي زيادتي جو ڪيس جنهن ۾ قلم 376 ۽ 322 تحت داخل ڪري،نامزد ٻنهي جوابدارن کي لاڪپ حوالي ڪيو،ناري جي پيءُ چمون ڀيل ۽ ٻين ڀيل برادري جي ماڻهن دانهيندي چيو ته نياڻي سان ظلم ٿيو آهي،جوابدار ٻئي ڳوٺ جا بااثر اوباش ڇوڪرا آهن جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.