ڇاڇرو لڳ ڪکاون گهرن کي باهه: معصوم ٻارڙي سڙي فوت: لکين رپين جو سامان رک ٿي ويو

ڇاڇرو لڳ ڪکاون گهرن کي باهه: معصوم ٻارڙي سڙي فوت: لکين رپين جو سامان رک ٿي ويو

ڇاڇرو(رپورٽ: عبدالجبار نهڙيو) ڇاڇرو لڳ ڪکاون گهرن کي باهه سبب معصوم ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي جڏهن ته لکين رپين جو سامان رک ٿي ويو، ڳوٺ ٺارو جو پار ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي جنهن ڪري ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو،باهه لڳڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي سڃاڻپ اوشفا ڌي شهاب الدين راهمون طور ٿي آهي، جيڪا گهر اندر ستل هئي ۽ باهه جي شدت سبب ٻاهر نه نڪري سگهي. واقعي جي نتيجي ۾ ٽن پورهيتن شهاب الدين راهمون، حاجي الهداد ۽ ابوطالب راهمون جا ڪکاون گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا آهن، جڏهن ته گهرن اندر موجود سمورو قيمتي سامان کٽون،بسترا،سونا چاندي جا زيور،اناج کاڌي پيتي جو سامان به باهه جي ور چڙهي ويو،ٻئي طرف باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون جاري رکيون،جنهن بعد باهه تي ضابطو آندو ويو ۽ ڳوٺ کي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو،جڏهن ته باھ متاثر خاندانن معصوم ٻارن ٻچن سميت سخت گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ٿي ترسيل آهن،هنن ضلع انتظامیہ ٿرپارڪر سميت سنڌ سرڪار کان مدد جي اپيل ڪندي چيو ته اسان غريبن جي عمر ڀر جي ڪمائي سڙي خاڪ ٿي وئي آهي اسان جي جائز مدد ڪئي وڃي ته جنهن اسان پنهنجي معصوم ٻارڙن لاءِ ڇت اڏي سگهون.