| ڇاڇرو: ٻارن کي پوليو ڦڙا نه پياريندڙ پي پٽ گرفتار، جيل ۾ روئيندا رهيا |
ڇاڇرو (ن پ ا) پوليو ورڪر عورت جو مبينا ٻارن کي پوليو پيارڻ کان انڪار ڪندڙ پيءُ پٽ خلاف احتجاج ڪندي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام مڙهيو، ميڊيا تي ايل ايچ وي جي احتجاج جون خبرون اچڻ تي صحت کاتي جي سيڪريٽري نوٽيس وٺندي پيءُ پٽ تي ڪيس داخل ڪرايو ٻئي ڄڻا روئندا رهيا کين لاڪپ حوالي ڪيو ويو، سندن روئڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، الزام هيٺ آيل ڳوٺاڻا رمضان ۽ نياز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، شفاف جاچ ڪئي وڃي، ان کان اڳ ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ ڪانڪيو جي ايل ايڇ وي تاج ٻائي جو سوشل ميڊيا تي احتجاج جو وڊيو وائرل ٿيو جنهن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر احتجاج ڪندي الزام هنيو ته پوليو پيارڻ دوران نياز پٽ رمضان ۽ هن جي پيءُ رمضان پٽ ڪارو واگهوريو مون سان بدتميزي ۽ گارگند ڪئي آهي ۽ ٻارن کي پوليو پيارڻ کان انڪار ڪيو آهي