ڇاڇري لڳ ساهرين آيل نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، ساهرا گهر ڇڏي فرار
ڊسمبر 9, 2024
ڇاڇرو (ن پ ا)ڇاڇرو لڳ ساهرن وٽ آيل نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو خبر موجب ڇاڇرو جي ڳوٺ حڄامڙو واسي 32 سالا ڏيارام پٽ رائوتو ڪولهي ڳوٺ ٺارو تڙ ۾ ساهرن وٽ آيل هو، جتي هن ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي جهنگ ۾ وڃي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي اطلاع بعد نوجوان جا ساهرا خوف ۾ مبتلا ٿي گهر خالي ڪري لڏو کڻي هليا ويا، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي تڙ احمد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اسان واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته نوجوان گهرو اڻبڻت تان ڪاوڙ ۾ اچي خودڪشي ڪئي آهي.