| ڇاڇري لڳ پابندي باوجود تترن ۽ ٻين پکين جو شڪار، وڊيوز وائرل |
ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري لڳ ڳوٺ ويجهيار ڀرسان پابندي باوجود تتر ۽ ٻين پکين جو شڪار ڪيو ويو، هٿيارن سان شڪارين جون ڳوٺاڻن وڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندي وائلڊلائيف کاتي کان ڪاروائي جو مطالبو ڪندا رهيا پر ڪا ڪاروائي نه ٿي،ڳوٺاڻن راجوير سنگهھ ٺڪر الزام هڻندي چيو ته بااثر شڪارين پاران ڳوٺاڻن عثمان سومرو ۽ خميسو سومرو سان ملي ڪري تترن ۽ ٻين پکين جو شڪار ڪيو آهي،ڳوٺ ڀرسان قائم ٿيل پوليس چيڪ پوسٽ جي اهلڪارن ۽ ٿرپارڪر جي وائلڊلائيف کاتي وارن کي اطلاع ڪيو پر ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو،ڳوٺاڻن پکين جو شڪار ڪندڙ شڪارين جون هٿيارن سميت ويڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون،پوري معاملي تي لاڳاپيل کاتي وائلڊلائيف جي انتظاميا ڪوبه قانوني ڪارروائي نه ڪئي،شڪاري پکين جو شڪار ڪري گاڏي ۾ سرعام کڻي روانا ٿي ويا..