ڇاڇري واسي پورهيت جي معصوم نياڻي ڊينگي سبب ڪراچي ۾ فوت

ڇاڇري واسي پورهيت جي معصوم نياڻي ڊينگي سبب ڪراچي ۾ فوت

ڇاڇرو(ن پ ا) ويجهو ڳوٺ اوڏاڻي جي رهواسي پورهيت امين ڏوهٽ جي هڪ سال جي ٻارڙي ڊينگي وائرس جي شڪار علاج دوران ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي،گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،20 ڏينهن اڳ مٺي سول اسپتال کان حيدرآباد ريفر ڪئي وئي هئي،جتان کان ريفر ڪرڻ بعد ڪراچي جناح اسپتال داخل ڪرائي وئي هئي،جتي فوت ٿي وئي،معصوم ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،ساڳي ڳوٺ ۾ وڌيڪ 7 ڪيس ڊينگي جا پازيٽو آيا هئا،ڳوٺاڻن موجب ٿرپارڪر جي صحت اختيارين پاران پوري ڳوٺ ۾ مڇر مار اسپري ڪرائڻ جي بجاءِ صرف ٻن گهرن ۾ مڇر مار اسپري ڪري روانا ٿي ويا هئا،ڳوٺ ۾ ڊينگي وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد خوف واري صورتحال ڇانيل آهي،ڳوٺاڻن پاران صوبائي وزير صحت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڳوٺ مڇر مار اسپري ڪرائڻ سان گڏ صحت جون ٽيمون موڪلي غريب مسڪين ماڻهن جو علاج ڪري وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي….