ڇاڇري ويجهو يارهين ڪلاس جو شاگرد ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

جُولاءِ 19, 2023

ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو مبارڪ رند شهر ۾ نوجوان شاگرد بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. مبارڪ رند جو رهواسي 20 سالن جو شاگرد ڪاشف پٽ نهال رند کي بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳو

 واقعي بعد کيس بيهوشيءَ واري حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وارثن موجب نوجوان فرسٽ ييئر جو شاگرد هو ۽ عمرڪوٽ ۾ تعليم حاصل ڪندو هو. اونهاري جي موڪلن دوران گهر آيل هو. نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ