| ڇاڇري ويجهو پراسرار بيماري، هڪ ئي خاندان جا 6 ٻار متاثر، هڏا سڪڻ لڳا، گهمڻ کان لاچار |
ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ ڪروڙو سمان ۾ ٻارڙا پراسرار بيماري ۾ وٺجي ويا، هڪ ئي خاندان جي 6 معصوم ٻارڙن جا هڏا سڪڻ لڳا، هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويا، غربت سبب والدين علاج ڪرائڻ لاءِ سخت پريشان بڻيل آهن، ھڏن جي بيماري ۾ مبتلا 9 سالن جو رضوان ولد عرس. 6 سالن جي ادن ڌيءَ عرس. 6 سالن جو نورحسن ولد طاھر، 4 سالن جو مير حسن ولد طاهر. 6 سالن جو ياسين ولد صديق سمون شامل آهن. ٻارڙن جي والدين جو چوڻ آهي ته اسان سڀئي ويجھا عزيز ۽ هڪ ئي خاندان جا آهيون اسان جي خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار شروعات ۾ ٻه چار سالن تائين نارمل هجن ٿا جنهن بعد آهستي آهستي هڏو سڪڻ لڳي ٿو پوءِ هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وڃن ٿا، گذريل سال ساڳي بيماري ۾ مبتلا 9 سالن جو عرس سمون جو ٻارڙو فوت ٿي ويو هو جنهن جو ڪوبه ميڊيڪل علاج نه ملي سگهيو هو. وارثن صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته اسان غريب ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهيون علاج ڪٿان ڪرائينداسين سرڪاري سطح تي ٻارڙن جو علاج ڪرائي زندگيون بچايو وڃن. ٻي پاسي ٻارڙن جي بيماري جي ماهر ڊاڪٽر انيل ڪمار سوجاڻي ٻارڙن جي چڪاس ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙن ۾ موروثي بيماري آهي، هڪ خاندان جا آهن خانداني بيماري آهي ورزش کان سواءِ هن جو ٻيو ڪوبه ميڊيڪل علاج ناهي وڌيڪ تصديق ڪرڻ لاءِ ٻارڙن جي رت جا سيمپل ورتا آهن جيڪي ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ موڪليا آهن.