| ڇاڇري ويجھو نينگريءَ سان زيادتي ڪوشش، ڪيس داخل تان والد کي مبينا ڌمڪيون |
ڇاڇرو (ن پ ا) ڀرسان 12 سالن جي نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل،ڇاڇرو جي ڳوٺ ڏاڪي ڏاهر واسي پورهيت خميسو ڀيل جي فرياد تي ڇاڇرو پوليس ٿاڻي تي پرتاب پٽ ليلارام ڀيل تي نياڻي سان مبينا زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،نينگري جي والد ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجي 12 سالن جي نياڻي (گ) منهنجي لاءِ گھر کان چانھ کڻي اڪيلي ٻني اچي رهي هئي ته جوابدار وچ رستي ۾ زيادتي جي ڪوشش ڪئي آهي، نينگري جي رڙيون ڪرڻ تي منهنجا ڀائر پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويو، نينگري جي والد وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڳوٺ جي وڏيرن مون کي چيو ته برادري جو مسئلو آهي فيصلو ٿا ڪريون، منهنجي نياڻي تي تشدد ڪيو ويو آهي هاڻ بااثر وڏيرا مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ٻي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي الزام هيٺ آيل جوابدار جي به عمر 13 کان 14 سال آهي.