ڇاڇري ڀرسان 17 ورهين جي نوجوان جو ڦاهو آيل لاش هٿ

ڇاڇري ڀرسان 17 ورهين جي نوجوان جو ڦاهو آيل لاش هٿ

ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇري ڀرسان ڳوٺ اڪليون ۾ 17 ورهين جي نوجوان جو گهر اندر ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو،جنهن بعد وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏنو آهي. پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ گھنشام پٽ مانسينگھ، ذات ميگھواڙ طور ٿي آهي،لاش ملڻ جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو۔ وارثن پوليس کي شروعاتي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته نوجوان جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو،جڏهن ته دماغي ٺيڪ نه هئڻ ۽ علاج وغيره هلندڙ جي اهڙي ڪا به ميڊيڪل رپورٽ پيش نه ڪئي آهي،جنهن سبب هن مبينا طور آپگهات ڪيو،پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ مختلف پاسن کان معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي پئي وڃي۔