| ڇاڇري ۽ ڏاهلي ۾ پيٽرول پمپن خلاف وٺ پڪڙ، 11 سيل |
ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ۽ ڏاھلي انتظاميه پاران ڪجهه منٽن لاءِ پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي ڪندي 11 پيٽرول پمپ سيل ڪري ڇڏيا، تصويرون جاري ڪيون ويون،ڪجهه منٽن بعد ڪم ٻيهر شروع ٿي وئي، ڏاھلي اسسٽنٽ ڪمشنر جهامن داس پوليس اٽالا کڻي ڪارروائي ڪندي کينسر شهر ۾ هلندڙ 3 پيٽرول پمپ ۽ ڳوٺ کاريو فصل ۾ هڪ پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي، جڏهن ته ڇاڇرو اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان خاصخيلي انوکي ڪارروائي ڪندي ڇاڇرو، مبارڪ رند ۽ ڳوٺ حيات هاليپوٽو ۾ 7 پيٽرول پمپ کي مڪمل سيل ڪرڻ بدران مٿي جاري ڪيل لسٽ ۽ انتظاميا کي مطمئن ڪرڻ لاءِ يونٽ جي هڪ پاسي کي سيل ڪري روانو ٿي ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر جي وڃڻ کانپوءِ صرف پنج منٽن بعد يونٽ جي ٻي پاسي کان پيٽرول پمپ مالڪن تيل جو وڪرو شروع ڪري ڇڏيو،اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو ته ڊي سي ٿرپارڪر جي حڪم تي ٽيڪس جمع نه ڪرائيندڙ پيٽروليم کاتي لسٽ ۾ شامل پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي ڪري سيل ڪيا آهن ۽ تول ماپ ۾ گهٽ تيل ڏيندڙ تي ڏنڊ پڻ لڳايو ويو.