کير ٿر نيشنل پارڪ مان صديون پراڻا ڳوٺ ختم ڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪاوڙ

آگسٽ 25, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾کيرٿر نيشنل پارڪ کي تباهه ڪري هائوسنگ اسڪيم ٺاهڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي

عدالت کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين بلڊر کي الاٽ ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي، چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران چيف سيڪريٽري ۽ ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان کي ان ڳالهه جي خبر ناهي؟ کير ٿر نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ صديون پراڻن ڳوٺن کي ختم ڪيو پيو وڃي، ماڻهن کي ڳوٺن مان بي دخل ڪيو پيو وڃي، نام نهاد هائوسنگ اسڪيمن جي نالي تي گلوبل پارڪ تي قبضا ڪيا پيا وڃن

ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري چيو ته ڪمشنر حيدرآباد 5 دورا ڪري رپورٽ تيار ڪئي آھي، رپورٽ موجب نيشنل پارڪ جي زمين تي ڪي به حددخليون نه آهن

 عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته توهان اها ئي ڳالهه حلف نامي ۾ لکي ڏيو ته مستقبل ۾ هن عالمي معيار جي پارڪ تي قبضو نه ٿيندو، لکي ڏيو ته سنڌ حڪومت مستقبل ۾ ڪنهن کي هڪ انچ به زمين نه ڏيندي، نام نهاد بلڊرز  پاران هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي ڪا به ڊولپمينٽ نه ٿيندي

عدالت چيف سيڪريٽري کي ايندڙ خميس تائين بيان حلفي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ۽ عدالت کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين بلڊر کي الاٽ ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Leave A Comment