فيض آباد ڌرڻي جا ذميوار ڳولڻ لاءِ ڪميشن قائم: ڇا سپريم ڪورٽ کي ٻاهر ويٺل قوتن ڪنٽرول ڪيو؟ چيف جسٽس

نومبر 15, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيض آباد ڌرڻي جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن قائم ڪئي وئي آهي، انڪوائري ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي به طلب ڪري سگهندي، سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل وفاقي سرڪار پاران انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو، نوٽيفڪيشن موجب رٽائرڊ آءِ جي اختر علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن ٻن مهينن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي، وڌيڪ وقت گهربل هوندو ته حڪومت کان اجازت وٺندي.ڪميشن ۾ اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري خوشحال خان ميمبر هوندا،10 ٽي او آرز موجب وفاقي حڪومت سميت صوبائي حڪومتون ڪميشن جي معاونت ڪرڻ جون پابنديون هونديون، ڪميشن جو سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۽ پنهنجو سيڪريٽري هوندو، ڪميشن جا خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، ٽي او آرز موجب انڪوائري ڪميشن ٽي ايل پي جي غير قانوني مالي مدد ڪندڙن جي جاچ به ڪندي، ڪميشن ڌرڻي ۽ ريلين جي حوالي سان انٽيليجنس ايجنسين ۽ پوليس جي ڪردار جو تعين ڪندي، ڪميشن تعين ڪندي ته پبلڪ آفيس هولڊرز مان ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي ته ناهي ڪئي، ڪميشن ان وقت جي ڳجهن ادارن سميت سرڪاري ادارن جي آفيسرن جي ذميوارين جو به تعين ڪندي، ڪميشن ان ڳالهه جو به تعين ڪندي ته انٽيليجنس ادارن ۽ سرڪاري آفيسرن خلاف محڪماڻي ڪارروائي جي ضرورت آهي ته پوءِ ڪهڙي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڪميشن تجويز ڏيندي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اثرائتي نگراني ڪن ته نفرت انگيز، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي وارو مواد پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اها ڪميشن عوام جي اکين ۾ به ڌوڙ به وجهي سگهي ٿي ۽ ملڪ ۾ نئين روايت به قائم ڪري سگهي ٿي، حڪومتي ڪميشن ان وقت جي وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي به طلب ڪري سگهي ٿي، ڪميشن انهن ماڻهن کي به گهرائي سگهي ٿي جن جا نالا پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين ابصار عالم کنيا آهن، ابصار عالم پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه فيض حميد جو نالو به کنيو هو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته نظرثاني درخواستون ايڏي عرصي تائين مقرر نه ٿيڻ تي اسان جي مٿان به سوال اٿن ٿا، ڇا سپريم ڪورٽ کي ان وقت عدالت کان ٻاهر ويٺل قوتون ڪنٽرول ڪري رهيون هيون؟ اسان تنقيد برداشت ڪيون ٿا پر سسٽم کي استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، سڀني کي خبر آهي ته درخواستون ڪنهن داخل ڪرايون، پر ڪير به ڳالهائي نه ٿو، ، اسان جو ٻيو ڪير دشمن نه آهي اسان پنهنجا دشمن پاڻ آهيون، درخواست واپس وٺڻي هئي ته پوءِ داخل ڇو ڪرائي وئي؟ هن چيو ته  اميد ٿا ڪيون ته وفاقي سرڪار جي جوڙيل انڪوائري ڪميشن حقيقتن جو پتو لڳائيندي. ٻڌڻي 22 جنوري 2024 تائين ملتوي ڪئي وئي.

Leave A Comment