آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ۽ پشاور ۽ بهاولپور جي اڳوڻي ڪور ڪمانڊر جنرل (ر) فيض حميد خلاف پندرهن مهينن تائين هلندڙ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ کيس چئن بنيادي الزامن هيٺ 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي۔ ان حوالي سان آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته، “12 آگسٽ 2024 تي اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو، جيڪو 15 مهينا جاري رهيو۔ جوابدار خلاف چئن الزامن تي مقدمو هلايو ويو، جن ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ- جيڪا رياست جي سلامتي ۽ مفاد لاءِ نقصانڪار هئي، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو ناجائز استعمال، ۽ ڪجهه ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن”۔ آءِ ايس پي آر موجب، “ڊگهي ۽ محنت طلب قانوني ڪارروائيءَ کان پوءِ جوابدار کي سڀني الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ کيس 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي۔ اهو فيصلو 11 ڊسمبر 2025 تي باضابطه طور جاري ڪيو ويو”. بيشڪ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري تاريخ ۾ هي پنهنجي نوعيت جي پهرين سزا آهي۔ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سڀئي قانوني گهرجون پوريون ڪيون۔ جوابدار کي پنهنجي پسند جي دفاعي ٽيم سميت سڀئي قانوني حق ڏنا ويا۔ ڏوهاريءَ کي لاڳاپيل فورم تي اپيل جو حق حاصل آهي۔ آءِ ايس پي آر جي پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، “سياسي عناصر سان ملي ڀڳت ڪري سياسي انتشار ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۾ جوابدار جي مبينا شموليت سميت ڪجهه ٻين معاملن بابت الڳ الڳ ڪارروائي جاري آهي”۔ انهن حالتن ۾ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته فوج جي اداراتي احتساب جي قانون ۽ ٻڌڻي واري عمل هڪ مثال قائم ڪيو آهي۔ ماضيءَ ۾ اهڙي عهدي تي فائز ڪنهن به اڳوڻي آفيسر بابت ائين سوچڻ به ممڪن نه هو۔ اڄ نه رڳو 14 ورهين جي سزا ٻڌائي وئي آهي، پر اهو به چيو ويو آهي ته سياسي عناصر سان ملي ڀڳت ڪري سياسي انتشار ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ بابت الڳ ڪارروائي ڪئي ويندي۔
ڪجهه تجزيه نگار چون ٿا ته فوج جي اعليٰ آفيسرن کي ماضي ۾ به سزائون ملنديون رهيون آهن، ۽ انهن جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست آهي، پر جن الزامن جي ثابت ٿيڻ تي جنرل (ر) فيض حميد کي سزا ٻڌائي وئي آهي، اهي پنهنجي نوعيت جا هڪ طرح سان پهريون مثال آهن۔ ماضي ۾ پنڊي سازش ڪيس ۽ ڪجهه ٻين مقدمن ۾ انتهائي اعليٰ فوجي آفيسرن کي بغاوت جا منصوبا تيار ڪرڻ جي الزام هيٺ سزائون مليون، پر ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ طاقتور اداري جي اڳوڻي سربراهه، جيڪو ٻن ڪورز جي ڪمانڊ به ڪري چڪو هجي، ان جو پهريون ڀيرو احتساب جي عمل مان گذرڻ تاريخي حيثيت رکي ٿو۔
جنهن وقت هي سٽون لکي رهيو آهيان، اخبارن ۾ وفاقي وزيرِ دفاع خواجه آصف جي بيان جي سرخي هي آهي: “9 مئي جي پويان فيض حميد جو دماغ هو.” وزيرِ دفاع جو چوڻ آهي ته سڀني ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ڀلي اهي وردي ۾ هجن يا پشاوري چپل ۾۔ بيشڪ هي مطالبو پنهنجي جاءِ تي درست آهي، پر رڳو خواجه آصف ئي نه، اڳوڻي پي ڊي ايم جا ڪي وڏا اڳواڻ به عمران خان خلاف تحريڪِ عدم اعتماد جي حوالي سان باجوہ رجيم جي تعاون وغيره بابت جيڪي اعتراف ڪندا رهيا آهن، انهن جو ڇا ٿيندو؟ هي هڪ اهم سوال آهي ۽ ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔ اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪجهه ماڻهن وٽ ان تعاون بابت مختلف تاويلون موجود آهن، پر بهرحال اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي قائم آهي ته جن الزامن هيٺ جنرل (ر) فيض حميد کي سزا ٻڌائي وئي آهي، انهن جو بار رڳو اڪيلو سندس ڪلهن تي ناهي۔ فوج، عدليه، بيوروڪريسي ۽ سياسي عمل ۾ موجود ڪجهه ٻيا ڪردار به آهن، جن کي پڻ احتساب جي عمل مان گذارڻ گهرجي۔ وزيرِ دفاع خواجه آصف 9 مئي جي حوالي سان فيض حميد جي جنهن ڪردار ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهو، ان بابت مان هنن ئي سِٽن ۾ اُن وقت تفصيل سان عرض ڪري چڪو آهيان، جڏهن 9 مئي جا واقعا پيش آيا هئا ۽ ان کان گهڻو پوءِ جنرل (ر) فيض حميد کي گرفتار ڪيو ويو۔
پڙهندڙن کي ياد هوندو ته مون هنن ئي ڪالمن ۾ عرض ڪيو هو ته جنرل (ر) فيض حميد فوج مان رٽائرمينٽ کان اڳ ۽ پوءِ به متوازي جاسوسي جو نظام هلائيندو رهيو، ۽ اهو به ته سندس انهيءَ متوازي جاسوسي نظام 2022ع ۾ ٿيندڙ ٻن درجن کان وڌيڪ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن ۾ ٿيل ضمني چونڊن دوران جنرل باجوہ جي ڪجهه ماتحتن سان ملي ڪري “رنگ بازي” ڪئي، حالانڪه ان وقت فيض اڃا ورديءَ ۾ هو۔ ان کان پوءِ سندس متوازي نظام 2024ع جي عام چونڊن ۾ به اثرائتو ڪردار ادا ڪيو۔ 9 مئي کان پوءِ به مون هنن ئي سِٽن ۾ عرض ڪيو هو ته ان منصوبي جي ناڪامي جو سبب اهو رهيو ته هي منصوبو فوج جي اڳوڻن آفيسرن تي ٻڌل هو۔ داخلي ڊسيپلين ۽ ان سان لاڳاپيل معاملا وڏي پيماني تي اندروني سهڪار ۾ رڪاوٽ بڻيا، ايتريقدر جو منصوبي سازن جنهن شخص کي بعد ۾ آرمي چيف بنائڻ جو ارادو ڪيو هو، اهو پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي سگهه به نه رکي سگهيو۔ ساڳئي 9 مئي جي معاملي ۾ لاهور جي ان وقت جي ڪور ڪمانڊر سميت ڪيترائي ننڍا وڏا آفيسر پنهنجين نوڪرين کان محروم ٿيا۔ اهو سڀ ڪجهه اسان جي ويجهي تاريخ جو حصو آهي۔ پاڪستاني سياست ۽ اقتدار سازي ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي وڏن جي دلچسپي ۽ مداخلت، يا ائين چئجي ته پنهنجي مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ جي جنوني خواهش ڪا نئين ڳالهه هرگز ناهي۔ اڄ به اسين ساڳين حالتن ۽ ماحول ۾ جِيئي رهيا آهيون۔ هتي تقريباً سڀني پنهنجي پنهنجي وقت ۽ ضرورت موجب اسٽيبلشمينٽ جي اڳواٽ شرطن تي اقتدار حاصل ڪيو ۽ پوءِ ساڳي اسٽيبلشمينٽ جي هٿان دربدر به ٿيا۔
هاڻي اڳتي وڌون ٿا۔ جنرل (ر) فيض حميد کي سزا کان پوءِ مخبرن، نجومين ۽ اظهار جي آزاديءَ مجاهدن جي “بهار” اچي وئي آهي۔ هر پاسي انهن مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گودڙيءَ مان نوان نوان گل ڪڍي پيو آڻي۔ ڪجهه ماڻهن جون ڳالهيون ماضي جي حوالي سان درست آهن، پر اڪثريت آڱر ڪٽرائي شهيدن ۾ پنهنجو نالو لکائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ خير، اسان کي ڇا؟ وقت پاڻ فيصلو ڪندو ته اظهار جي آزاديءَ جو حقيقي مجاهد ڪير آهي ۽ ڪُٽي کائيندڙ مجنون ڪير آهي! البته مون سميت اهي سڀ قلم مزدور، جيڪي انهن سالن ۾ “دي فرنٽيئر پوسٽ لاهور” ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا، انهن ٻن مرحلن ۾ طاقتور اداري جي جبر ۽ ستم کي ڀوڳيو: پهريون ڀيرو 2015 کان 2018 تائين مسلم ليگ (ن) جي دور ۾، ۽ پوءِ 2018 کان 2020 تائين تبديلي سرڪار جي دور ۾۔ جبر ۽ ستم جون اهي تلخ يادون آخري پساهن تائين وساري نٿيون سگهجن۔ افسوس ته انهن ئي سالن ۾ اظهار جي آزاديءَ جا سڀيئي مجاهد ڌاتورو پِي سُتا رهيا۔
خير، هاڻي اسين اصل موضوع ڏانهن اچون ٿا۔ اسان وٽ اصل ۽ وڏي طاقت اسٽيبلشمينٽ آهي۔ ان جا سول حصا، عدليه ۽ ٻيا ادارا هميشه اسٽيبلشمينٽ جا تابعدار، يا ائين چئجي ته ٻيلي ۽ ڀيچي بڻيل رهيا آهن ۽ انهن فيض حاصل ڪيو آهي۔ فيض جي ورڇ جو هي سلسلو ڪڏهن به ختم نه ٿيو آهي؛ چهرا ۽ ڪردار بدلجندا رهن ٿا، جيئن هميشه بدلجندا رهيا آهن۔ ها، اوهان ۽ اسان ايترو ضرور چئي سگهون ٿا ته فيض جي فيض جو جيڪو عالم هو، اهو پنهنجي نوعيت جو بلڪل انوکو فيض هو۔ بهرحال، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد جي ڪيس جو ايندڙ مرحلو ڪڏهن شروع ٿيندو، ۽ ڇا واقعي سڀئي فيض پرائيندڙ ۽ شراڪتدار احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن ٿا يا وري پسند ۽ ناپسند جو مظاهرو ڪيو وڃي ٿو؟ اهو بنيادي سوال آهي۔ ان جو تسلي بخش جواب ئي اهو طئي ڪندو ته ڇا فيض جا چشما واقعي هميشه لاءِ بند ڪيا پيا وڃن يا وري رڳو ڏٽو ڏنو پيو وڃي۔ اسان ۽ اوهان رڳو اميد ئي ڪري سگهون ٿا- ڇو ته اميد تي ئي دنيا قائم آهي۔