ڇا هن سال سنڌ ۾ ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي؟

جُولاءِ 26, 2023

 مون ‘پنهنجي اخبار’ ۾ مضمون لکيو هو، جنهن جو عنوان هو، “ڇا هن سال سنڌ ۾ ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي؟” اهو مضمون پنهنجي اخبار ۾ 03 مئي 2023ع تي ڇپيو هو. ان ئي مضمون جي تسلسل ۾ اڳتي وڌون ٿا.

سنڌ ۾ ٻن قسمن جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي:

دريائي ٻوڏ

برساتي ٻوڏ

دريائي ٻوڏ سال 2010ع ۾ آئي ۽ برساتي ٻوڏ هڪ سال پوءِ 2011ع ۾ آئي هئي. دريائي ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ کنڊ پون ٿا. سال 2010ع ۾ 4 کنڊ پيا. انهن کنڊن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. پهرين اچو ته انهن کنڊن جي نقصانن جا تفصيل ڏيون. سال 2010ع ۾ 4 کنڊ پيا. انهن جي نقصانن جا هيٺيان تفصيل آهن:

ٻيلو شهر انهن کنڊن ٻوڙي ڇڏيو.

پاڻي سجاول طرف وڌيو.

سجاول- بدين روڊ ٻڏي ويو.

جاتي طرف پاڻي وڌڻ لڳو.

ساڄي ڪپ تي ڀٽا…. بگهاڙ جي چوٿين ميل تي کنڊ لڳو، جنهن ڪري جيڪا تباهي آئي، اها ٻڌائڻ کان مٿي آهي.

مٿين کنڊن جو پاڻي ڪلري بگهاڙ فيڊر لوئر کي لڳو.

ٽن هنڌن تي کنڊ پيا.

هڪڙو آر ڊي تي پيو

ٻيو آر ڊي 22 تي

ٽيون آر ڊي 54 تي

کنڊن جا سبب:

کنڊ پوڻ جا هيٺيان سبب آهن:

سنڌ جي زمين (شهرن جي) بندن کان مٿي آهي، تنهنڪري ٻنهي پاسن درياهه تي بند ٺاهيا ويا آهن ته جيئن انهيءَ ڪري پاڻي روڪجي ۽ کنڊ نه پون.

روڻ جو پوڻ

درياهه ۾ ڪنهن به بند ۾ روڻ پئجي سگهي ٿي، اتي درياهه جو پاڻي بندن مان ليڪ ٿئي ٿو ۽ کنڊ پوڻ جو مکيه سبب بڻجي ٿو.

ويوِ واش Wave wash جو ٿيڻ

هوا جي ڪري بندن مان هوا لڳڻ سبب ڇولي ٿئي ٿي، جنهن جي ڪري بند کائجي ٿو.

بِلو آئوٽ (Blow out)

بند جي هيٺان جيڪڏهن وارِي هُجي ته انهيءَ مان ٻوڏ جو پاڻي ٻئي پاسي ٻڙڪا ڏئي نڪري ٿو ۽ ڪُجھه وقت گُذرڻ کان پوءِ جڏهن تمام گھڻو پريشر پيدا ٿئي ٿو ته بند ٺڪاءُ ڏئي وهي وڃي ٿو. جتي کاڌ واريون جايون اڳ ئي آبپاشي کاتي وارن جي ڄاڻ ۾ آهن، انهيءَ جو علاج اهو آهي ته کاڌ وارن هنڌن کي بند ڪري ٻنهي پاسي پاڻي جي سطح هڪ جھڙي ڪرڻ آهي. اها پويان منگلي ڏئي ڪئي وڃي ٿي، رڳو ٻوڏ واري وقت ۾ انهن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

درياهه جو پائڻ (Erosion)

انهيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پٿر جي پچنگ ٺاهي وڃي ٿي. ٻوڏ ۾ اهو ڏسڻو هوندو آهي ته اها پچنگ بيٺل رهي. جتي پچنگ ناهي ۽ ڇولين جي ڪري بند کائجي ٿو، اتي مهاڙيون ٺاهي يا وري واريءَ جون ڳوڻيون ڀري رکيون وڃن ٿيون.

بندن جو سيمو ڪرڻ (Seepage)

گهڻي وقت تائين پاڻي بيهڻ سان ۽ بند جو سيڪشن اڻپورو هئڻ ڪري ان مان پاڻي بند جي ٻئي پاسي نڪري اچي ٿو، جنهنڪري ڪجهه وقت کانپوءِ بند سيڪشن سلائيڊ (Slide) ڪري ٿو ۽ کنڊ پئجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري بند جو سيڪشن وڌائڻ جي ضرورت ٿئي ٿي.

بند جو ويهجي وڃڻ (Unequal Settlement)

بند جي بنياد ۾ گهٽ وڌ (Settlement) ٿئي ٿي، انهيءَ سبب بند جو ڪريڪ ٿئي ٿو. اهو انهيءَ ڪري ٿئي ٿو جو بند جي اڳواٽ سيڪائي نٿي ڪئي وڃي. تونسا بئراج ۾ پيل کنڊ ان جو مثال آهي. اوچتو بند جو ٽڪرو ويهجي ويو ۽ پاڻي اوور ٽاپ ٿي ويو ۽ کنڊ پئجي ويو.

بند سلوئس جو فيل ٿيڻ

اڳئين بند ۾ سلوئس انهيءَ ڪري ٺاهجي ٿو، جيئن پوئين بند جي سيڪائي ٿي سگهي پر جيڪڏهن بند سلوئس ۾ مسئلو ٿئي ٿو ته انهيءَ آڏو درياهه واري پاسي منگلي ڏئي ڇڏجي ته جيئن انهيءَ مان پاڻي ئي نه وڃي.

بند مينيوئل ۾ هيٺين نصيت لکيل آهي، جنهن جو ترجمو ڪجهه هن ريت آهي: “توهان بند کي مضبوط ۽ مڪمل ڪرڻ ۾ ڪيترا پئسا به خرچ ڪريو ته به اهو اونداهي رات ۽ پوري اختيار سان گشت ڪندڙ بيلدار جي رحم ڪرم تي هوندو.

وارننگ:

جاچ ڪندڙ بيلدار ۽ داروغي جو ڪردار اهو آهي ته اهي رات جو صحيح ڊيوٽي نٿا ڏين. جڏهن چيف انجنيئر گڊو بئراج حاجي هاشم هو ته بيلدار سڏ ڏيندا هئا ته اسان حاضر آهيون پر هاڻي رات جو اهي صحيح ڊيوٽي نٿا ڪن ۽ انهيءَ ڪري کنڊ پون ٿا.

Leave A Comment