ڇا هيڊڪانسٽيبل جي بيان تي اڳوڻي وزيراعظم کي غدار مڃون؟ خدا جو خوف ڪريو، ڪيڏاهن پيا وڃو؟: جسٽس جمال خان مندوخيل

مارچ 20, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس جمال خان مندوخيل جا 9 مئي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته ڇا هڪ هيڊ ڪانسٽيبل جي بيان تي اڳوڻي وزيراعظم کي غدار مڃي وٺون؟ ڇا ريلي ڪڍڻ يا سياسي جماعت جو ميمبر هئڻ ڏوهه آهي؟

جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 9 مئي سانحي جي 5 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت چيو ته حڪومت ۽ رياست عوام لاءِ ماءُ پيءُ جهڙي اهميت رکن ٿا، ٻارن کي ماءُ پيءُ ٻه چماٽون هڻي بعد ۾ پرچائي به وٺندا آهن، قتل نه ڪندا آهن

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اصل دهشتگردن کي پڪڙيو نه ٿا، ريلين وارن جي پويان لڳا پيا آهيو، ڇا بم ڌماڪن وارن جي سازش ڪڏهن پڪڙي وئي آهي؟  اصل دهشتگردن جي سازش پڪڙيو ته ڪو به شهيد نه ٿئي

پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته اسپيشل برانچ لاهور جو هڪ هيڊ ڪانسٽيبل به گواهه آهي، جسٽس مندوخيل چيو ته ڇا هڪ هيڊ ڪانسٽيبل جي بيان تي اڳوڻي وزيراعظم کي دهشتگرد مڃي وٺون؟ خدا جو خوف ڪيو، هي ڪهڙي پاسي پيا وڃو؟

هن چيو ته واقعو راولپنڊي جو آهي ۽ گواهه لاهور جو، ڇا حڪومت خلاف ٽائر ساڙڻ تمام وڏو ڏوهه آهي؟  جسٽس جمال مندو خيل چيو ته ريلي ڪڍڻ يا سياسي جماعتن جو ڪارڪن ھجڻ ڏوھ آھي؟ شاگرد يونين ۽ سياسي جماعتن تي پابنديون لڳائڻ سان ئي اڄ ھي بربادي ٿي آھي

عدالت نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل 9 مئي جي ڪيس ۾ 5 ئي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي

Leave A Comment