هٿرادو ڏاهپ (آرٽيفشل انٽيليجنس) به هڪ اهڙو معاشي نظام يا نظريو بڻجندو پيو وڃي، جيڪو انساني معاشري کي وڻ ويڙھيءَ جيان وڪوڙي رهيو آھي. هي صورتحال بلڪل ان طرح آھي، جڏهن يورپ ۾ سترهين صديءَ جي آخري حصي دوران صنعتون برپا ٿيڻ شروع ٿيون ۽ پوءِ ان مشيني نظام وسيلي هڪ اهڙو صنعتي انقلاب برپا ٿي ويو، جنهن سان سرمايو يا دولت هڪ مخصوص ڪلاس وٽ اچي وئي. گڏوگڏ پورهيت طبقي ۾ واڌارو ٿيو، جنهن سان هڪ اهڙو سرمائيداراڻو نظام قائم ٿيو، جو انساني استحصال جي هڪ نئين تاريخ شروع ٿي وئي. ان کان اڳ دولت بادشاهن، مذهبي اڳواڻن ۽ اقتداري جاگيردار طبقي وٽ هئي ۽ ان جي ورڇ جو نظام هڪ ئي طبقي وٽ مڪمل طور قبضي هيٺ هو، جنهن مان ٿورا ماڻهو ئي فائدو حاصل ڪري ٿي سگهيا.
سرمائيداراڻي نظام (ڪيپيٽلزم) ارڙهين اڻويهين صديءَ ۾ معاشري ۾ پنهنجي هجڻ جون ميخون هڻي ڇڏيون ۽ رد عمل ۾ ڪميونزم يا سوشلزم جهڙو نظريو پيدا ٿيو، جنهن دولت جي ورڇ واري ان سرمائيداراڻي نظام کي ڌڪ هنيو. اهڙي صورتحال ۾ سرمائيداراڻي نظام (ڪيپيٽلزم) جمهوريت (ڊيموڪريسي) کي ڪميونزم/سوشلزم جي سامهون بيهاري ڇڏيو. ايئن هڪ وڏي نظرياتي ڇڪتاڻ جنم ورتو. پر اڄ جي دور ۾ جڏهن سرمائيداراڻي نظام ۾ دولت جي ورڇ واري نظام کي چيلينج ڪندڙ نظريو پنهنجي اصلي روح يا ان سگهه سان ناهي بچيو ته سرمائيداراڻي نظام آڏو اڄ جي دور ۾ دولت جو هڪ نئون نظام اچي ويو آهي، جنهن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ٽيڪنالاجي چون ٿا. مختصر انداز ۾ ان کي اَي آءِ ۽ ٽيڪ(AI & Tech) چون ٿا. (هتي سرمائيداراڻي نظام جو مطلب مشيني صنعتي نظام آهي.) ٿيو ايئن آهي جو ان جي اندر به ٽيڪ ۽ اَي آءِ داخل ٿي رهيا آهن، ڇو ته ٽيڪنالاجي (انٽرنيٽ سان لاڳاپيل) به نئين انداز ۾ برپا ٿي رهي آهي. ان سان ٻه شيون سامهون اچن پيون، پورهيت طبقي جي بي روزگاري ۽ دولت جو مخصوص ماڻهن جي هٿ اچڻ. نتيجي ۾ پورهيت طبقي جي بي روزگاري وڌندي، ڇو ته ان جي متبادل اسڪل يعني ان شعبي ۾ صلاحيت هجڻ جو بيان آندو ويو آهي. اهو پڪو امڪان آهي ته اڳتي اهو “اِسڪل” (Skill) وارو بدلاءُ به ڀرجڻ شروع ٿي ويندو پر ويهين صديءَ جي پهرين چوٿائي وارو معاشرو ان ڇڪتاڻ سبب ڏچي ۾ اچي رهيو آهي.
هاڻي هت انگن اکرن سان ڪجهه ڳالهيون ڪجن. ويهين صدي يا وري ايڪويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪو سالن دوران تائين دنيا جي امير ماڻهن يا شعبن جي لسٽ ڏسون ٿا، ان ۾ صنعتڪار يا سرمائيدار سڀ کان سرفهرست نظر اچن ٿا ۽ زرعي شعبي وارا آخر ۾ به ناهن. ايئن جڏهن هاڻ فاربس جي رڳو 2025ع واري رپورٽ ڏسون ٿا ته ان موجب هن وقت دنيا ۾ جيتوڻيڪ ٻين شعبن ۾ وڌيڪ ناڻو آهي، جيڪو 88 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ خاص شعبو گهريلو استعمال وارين شين جي واهپي واري صنعت آهي. جڏهن ته نج ٽيڪ ۽ اَي آءِ واري صنعت ٻارنهن سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. پر آڳاٽي صنعت ۾ به هاڻ نئين ٽيڪنالاجي ۽ اَي آءِ جي شموليت ٿي رهي آهي ۽ اندازو اهو آهي ته هن صديءَ جي اڌ تائين صورتحال مختلف هوندي. جيڪڏهن شعبن جي حساب سان دنيا جا سڀ کان گهڻو ناڻو رکندڙ رڳو ڏهه ماڻهو ڏسجن ٿا ته انهن ۾ ڇهه ڄڻا رڳو اَي آءِ ۽ ٽيڪ وارا ملن ٿا. فاربس ۽ ٻين مستند ادارن موجب هن وقت ايلن مسڪ Elon Musk هٿرادو ڏاهپ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وڏي ۾ وڏو دولتمند آهي. ان بعد ميٽا جي اَي آءِ ۽ ٽيڪ ۾ ٻيو نمبر دنيا جو دولت مند ماڻهو آهي. ايئن اَي آءِ ۽ ٽيڪ جا جيف بيزوس ۽ ليري ايلسن جا آهن. انهن ۾ اڳ مٿي رهندڙ نان ٽيڪ صنعت جو برنارڊ ارنالٽ جنهن جي صنعت فيشن ۽ عام واهپي وارين شين جي آهي، اهو پنجين نمبر تي هليو ويو آهي. ڇهين، ستين ۽ اٺين نمبر تي به ٽيڪ ۽ اَي آءِ وارا دولتمند اچي ويا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت مجموعي طور نان ٽيڪ صنعت مٿي آهي پر سرمايو وڌيڪ اَي آءِ ۽ ٽيڪ طرف منتقل ٿي رهيو آهي ۽ اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته اها شرح بلڪل ايئن ٿئي، جيئن اڳ زراعت بمقابلا صنعت وارن شعبن ۾ هو، يعني صنعت بمقابلا اَي آءِ ۽ ٽيڪ. جڏهن ويهين صديءَ ۾ ڏسون ٿا ته جين پال گيٽي (Jen Paul Getty) (پيٽروليم صنعت)، هاورڊ هيوز (Howard Hughes) ريئل اسٽيٽ ۽ سفري صنعت، يوشياڪائي سوتسومي (Yoshiaki Tsutsumi) (ريئل اسٽيٽ ۽ ريلوي صنعت) جهڙا دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ دولت رکندڙن ۾ شامل هئا.
سرمائيداري جي اڄ واري ان نئين شڪل ۾ جيڪڏهن پاڻ فڪري پاسي ڏانهن وڃون ته ڪهڙا امڪان ممڪن آهن. اڳ وارن نظرين جي اسرڻ جي تاريخ موجود آهي ته جنگي سماجن کان زرعي سماجن ۽ وري صنعتي دور تائين اهڙا نظريا اسريا آهن، جن جو سڌو سنئون تعلق انساني زندگي سان رهيو آهي. پر هي سرمائيداري جو قسم نج ‘ڄاڻ’ (انٽيليجنس) جي بنياد تي آهي، جنهن کي “انٽيليڪچوئل ڪيپيٽل” (ڏاهپ وارو سرمايو) چيو وڃي ٿو. جڏهن ته نظريا به ڏاهپ (انٽيليجنس) جي بنياد تي اسريا آهن، ان جو مطلب هاڻ ڏاهپ جي سامهون ڏاهپ جو مقابلو آهي! هي دولت به ڊيٽا، الگورٿم يا وري انساني سوچ ويچار جي بنياد تي گڏ ٿئي پئي. ان کي استحصالي طبقو چئي سگهبو يا نه؟ اهو خود هڪ وڏو سوال آهي. يا وري نظرين جي هي آخري صدي آهي؟ جڏهن سرمائي جو ويليو يا قدر ڊجيٽل پليٽ فارم يا اِي ڪامرس وسيلي اچڻ لڳي ۽ ڪم جو وڏو سرمايو ڪنهن گهڻي صنعتي عمارتي يا مشيني نظام بجاءِ رڳو انهن ڪجهه هٿن ۽ غير نهري (نان فزيڪل) شين وٽ اچي ته پوءِ ان جي ورڇ وارو نظام رڳو اِسڪل (Skill) جي بنياد تي هوندو. ته ڇا پوءِ ڪيپيٽلزم ۽ سوشلزم ٻئي هڪ ٿي ڊجيٽل ڪيپيٽلزم کي آڌر ڪنديون يا وري ڪنهن نئين نظريئي جي اسرڻ جو امڪان آهي، جيڪو الگورٿم گورننس ئي هڪ نئون ڊجيٽل فڪري نظام سان تشڪيل ڏيندي! جيڪا هن وقت اَي آءِ ۾ ڏاهپ جو سرچشمو آهي. ان سان هاڻوڪي معاشرتي ۽ ثقافتي بيهڪ جا سڀ پاسا چيلينج ٿيندي نظر پيا اچن. جيڪڏهن اڳ جو جائزو وٺون ٿا ته نظريا هڪ ٻئي جي ردعمل ۾ آيا آهن ۽ اهي به هڪ ٻئي جي خيالن مان متاثر ٿي؛ پوءِ ڪي رد وارا نقطا هجن يا وري ان سان ملندڙ.
جيڪي به ٽيڪ ۽ اَي آءِ جا ڏاها آهن، انهن جو به خيال آهي ته الگورٿم ان نئين نظام جو لڳ ڀڳ بنياد آهي. جيڪي به موجود سياسي نظريا آهن، اهي الگورٿم جي ڪري چيلينج هيٺ آهن. اڳ به هر طرح جي طاقت ان ڄاڻ جي بنياد تي هئي، جيڪا انسان وٽ هئي، اهو موجود نظرين سان پنهنجي پنهنجي حساب سان ڪتب آڻي رهيو هو ۽ هاڻي اها هڪ نظام تحت اَي آءِ ۽ الگورٿم ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي. ايستائين جو فيصلا سازي به اها ڪرڻ شروع ڪري چڪي آهي يعني طاقت غير انساني شئي طرف وڃي پئي، جيئن اڳ الادين جي ڏيئي ۾ پيل جن وٽ هئي ۽ هاڻي الادين جي ڏيئي جا مالڪ ڪجهه ئي ماڻهو آهن، جن وٽ اها دولت اچي ويئي آهي ۽ الادين جي ڏيئي وارو جِن ته هن وقت انهن جي چوڻ ۾ آهي پر ڪٿي اڳتي هلي اهو به آزاد ٿي وڃي!
ڏٺو وڃي ته اَي آءِ ۽ ٽيڪ جي دنيا سان جيڪي نوان نظريا اسرندي نظر پيا اچن، انهن کي ڊيٽا ازم (الگورٿم گورننس)، ٽيڪنو ڪيپيٽلزم (نيٽورڪ بنياد تي دولت)، نيٽورڪ ڊيموڪريسي (ڊجيٽل نيٽورڪ وسيلي جمهوريت)، سائبر سوشلزم (ڊجيٽل معيشت وسيلي سرمائي جي ورڇ) جهڙا نظريا شامل آهن. دنيا جنهن نموني تيزيءَ سان بدلجي پئي، شايد نظرين جي دنيا جي صورتحال ايئن جلد چِٽي ٿي وڃي. ان سان ڳالهه صاف آهي ته گذريل ملينيئم جي ماڻهن جا خيال هن ملينيئم جي ماڻهن سان تڪرار ۾ ضرور رهندا.