گذريل ستر سالن دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو تصور آزمايو ويو ته ننڍا انتظامي يونٽ حڪومت کي عوام جي ويجهو آڻيندا ۽ ترقيءَ جي رفتار تيز ڪندا. پر تقابلي سياسي تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته رڳو نوان صوبا يا رياستون ٺاهڻ سان ترقي پاڻمرادو نٿي اچي. جيڪڏهن حڪمراني جا ادارا ڪمزور هجن، ڪرپشن عام هجي، وسيلن جي ورڇ غيرمنصفاڻي هجي ۽ مقامي حڪومتون غيرفعال هجن ته نوان انتظامي يونٽ به ساڳين مسئلن جو شڪار ٿي ويندا آهن. پاڪستان ۾ به وقت بوقت نون صوبن جي قيام بابت بحث زور وٺندو رهيو آهي. خاص طور تي سنڌ بابت جڏهن به نون انتظامي يونٽن يا صوبن جي ڳالهه ٿيندي آهي ته سياسي، قومي ۽ ثقافتي حلقن ۾ سخت ردعمل پيدا ٿيندو آهي. هڪ ڌر جو خيال آهي ته سنڌ کي ورهائڻ قومي سڃاڻپ تي حملو آهي، جڏهن ته ٻي ڌر دليل ڏئي ٿي ته وڌندڙ آبادي ۽ انتظامي پيچيدگين سبب نوان صوبا گورننس کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. هتي ان سلسلي ۾ هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا دنيا جو تجربو ٻڌائي ٿو ته وڌيڪ صوبا ترقي جي ضمانت آهن؟ يا وري بنيادي مسئلو انتظامي صلاحيت، قانون جي حڪمراني ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ آهي؟
سياسي سائنس موجب ڪنهن به ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٽي بنيادي مقصد سامهون رکي ٺاهيا ويندا آهن:
•بهتر انتظامي ڪارڪردگي
• عوام تائين رياستي خدمتن جي رسائي.
• مقامي نمائندگي کي مضبوط ڪرڻ
پر جيڪڏهن انهن مقصدن بدران سياسي فائدي، لساني ورهاست يا اقتدار جي ورڇ کي بنياد بڻايو وڃي ته اهڙي ورهاست نوان تڪرار پيدا ڪندي رهي آهي. انهيءَ ڪري انتظامي ورهاست بذات خود نه مثبت آهي، نه منفي؛ ان جي ڪاميابي جو ذدارومدار حڪمراني جي معيار تي هوندو آهي. دنيا جا تجربا ٻڌائين ٿا: هندستان ۾ نوان صوبا يا انتظامي يونٽ ته وڌيا، پر سڀئي ڪامياب نه… 1947 کان پوءِ هندستان ۾ رياستن جو تعداد مسلسل وڌيو. 1956 جي رياستن جي نئين تنظيم کان پوءِ مختلف مرحلن ۾ ڇتيس ڳڙهه، جهارکنڊ، اتراکنڊ ۽ تيلنگانا جهڙيون رياستون وجود ۾ آيون. ابتدائي طور اميد هئي ته مقامي حڪومت ماڻهن جا مسئلا حل ڪندي، پر تحقيق ٻڌايو ته: اتراکنڊ ۾ انتظامي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو. ڇتيس ڳڙهه زرعي ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي. جڏهن ته جهارکنڊ بدستور بدعنواني ۽ سياسي عدم استحڪام جو شڪار رهيو. يعني صرف نئين رياست/ صوبو ٺاهڻ سان ترقي يقيني نه ٿي.
اهو ساڳيو ڪم نائيجيريا ۾ پڻ ٿيو. جتي صوبا ته وڌايا ويا، پر مسئلا ساڳيا رهيا. نائيجيريا آزادي وقت صرف ٽن علائقن تي مشتمل هو. اڄ اتي 36 رياستون آهن. مقصد قومي اتحاد ۽ ترقي هو، پر ملڪ اڃا تائين؛ ڪرپشن، بدانتظامي، بيروزگاري، وسيلن جي اڻبرابري جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اِن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انتظامي يونٽن جي واڌ سان گڏوگڏ مضبوط ادارا به ضروري آهن.
هتي برازيل جو مثال پڻ پيش ڪجي ٿو. برازيل ۾ 26 رياستون آهن. ڪجهه رياستون انتهائي ترقي يافته آهن، جڏهن ته ڪجهه تمام پوئتي. سبب ڪهڙو آهي؟ رياستن جو تعداد نه، پر تعليم، ادارا، معيشت ۽ شفاف حڪمراني…
ميڪسيڪو ۾ 32 وفاقي رياستون آهن، پر ڪيترين ئي رياستن ۾ منشيات سان لاڳاپيل تشدد، بدعنواني ۽ غربت جا مسئلا اڄ به برقرار آهن. وڌيڪ انتظامي يونٽن جو وجود انهن مسئلن کي پاڻمرادو ختم نه ڪري سگهيو.
روس دنيا جي سڀ کان وڏي وفاقي رياستن مان هڪ آهي، جتي 80 کان وڌيڪ وفاقي سبجيڪٽ آهن. ايتري وڏي انتظامي ورهاست باوجود مختلف علائقن جي وچ ۾ معاشي اڻبرابري، آباديءَ جي گهٽتائي ۽ مرڪزي اختيار بابت بحث جاري آهن.
سوڊان ۽ ڏکڻ سوڊان
سوڊان ۾ انتظامي يونٽن ۾ بار بار تبديليون آيون، ۽ آخرڪار ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. پر نئين رياست ٺهڻ باوجود ڏکڻ سوڊان گهرو ويڙهه، معاشي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام مان نه نڪري سگهيو. اهو مثال دانهون ڪري ٻڌائن ٿا ته انتظامي يا سياسي ورهاست، جيڪڏهن ادارا ڪمزور هجن، ته امن ۽ خوشحالي جي ضمانت نٿي بڻجي.
ڏسو! آمريڪا ۾ 50 رياستون آهن، پر انهن جي ڪاميابي جو بنيادي راز نوان يونٽ نه، پر مضبوط آئين، آزاد عدليه، مضبوط مڪاني حڪومتون، ٽيڪس جو شفاف نظام ۽ احتساب آهي. اهڙي ريت چين دنيا جي وڏي آباديءَ وارو ملڪ آهي، پر چين هر وڏي شهر کي صوبو نه بڻايو؛ بلڪه مضبوط ضلعي نظام، اقتصادي زون ۽ بااختيار مڪاني حڪومتن ذريعي ترقي ڪئي.
هاڻي اچو ته پاڪستان جي صورتحال ڏسون. ملڪ جي بنيادي مسئلن ۾: ڪمزور مڪاني حڪومتون، مرڪزي بيوروڪريسي، مالي وسيلن جي اڻبرابري، ڪرپشن، ناقص منصوبابندي ۽ سياسي عدم استحڪام، اهي مسئلا چئني صوبن ۾ به موجود آهن. تنهنڪري سوال پيدا ٿئي ٿو: جيڪڏهن اهي بنيادي مسئلا برقرار رهن ته ڇا صرف نوان صوبا ٺاهڻ سان صورتحال بدلجي ويندي؟ دنيا جو تجربو ان سوال جو جواب ’نه‘ ۾ ڏئي ٿو.
ملڪ کانپوءِ اچو ته سنڌ کي هڪ مخصوص تناظر ۾ ڏسون. سنڌ صرف هڪ انتظامي يونٽ ناهي.
اهو هڪ تاريخي وطن آهي، هڪ لساني سڃاڻپ آهي، هڪ ثقافتي تهذيب به آهي. انهيءَ ڪري سنڌ بابت ڪنهن به انتظامي تجويز کي صرف آفيسن جي ورهاست نه سمجهيو ويندو، بلڪه قومي سڃاڻپ سان پڻ ڳنڍيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ اهڙو بحث جذباتي رخ اختيار ڪري وٺندو آهي.
پاڻ هڪ ڀيرو وري ان سوال ڏانهن واپس ٿيون ٿا ته ڇا ننڍا صوبا هميشه فائديمند هوندا آهن؟ ان لاءِ وري به تحقيق ڏانهن منهن ڪرڻو پوندو، جيڪا ٻڌائي ٿي ته ’نه نه نه، قطعي به نه…‘ ڇو جو ننڍا صوبا صرف ان وقت فائديمند ٿين ٿا،ذ جڏهن: مالي خودمختياري موجود هجي، انتظامي صلاحيت هجي، سياسي استحڪام هجي، ادارا مضبوط هجن، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ هجي. انهن کان سواءِ نئون صوبو صرف نئين گورنر هائوس، نئين سيڪريٽريٽ ۽ نئين بيوروڪريسي تائين محدود رهجي سگهي ٿو. پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان لاءِ دنيا جي ڪامياب تجربن مان هي سبق ملي ٿو ته، مضبوط مڪاني حڪومتون هجن، اختيار ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل تائين منتقل ڪيا وڃن، مالي خودمختياري هجي، مقامي حڪومتن کي پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي، شفاف احتساب جي راهه هموار هجي، بدعنواني ختم ڪرڻ لاءِ آزاد ادارا موجود هجن. اهو پڻ ته انتظامي تبديلي کان وڌيڪ انساني سرمايي تي سيڙپڪاري ڪئي وڃي، تعليم، تحفظ ۽ صحت معياري هجن. بيوروڪريسي کي جديد ۽ جوابده بڻايو وڃي.
سنڌ بابت جيڪڏهن نون صوبن جي ڳالهه صرف سياسي مفادن لاءِ ڪئي وڃي ته اها سماجي ۽ قومي بيچيني پيدا ڪندي. ٻئي طرف جيڪڏهن انتظامي سڌارن بابت ڪو سنجيده بحث ٿئي ته ان ۾ سڀني ڌرين جي راءِ، آئيني اصولن، معاشي امڪانن ۽ عوامي رضامندي کي بنياد بڻائڻ ضروري آهي. هڪ جمهوري معاشري ۾ اهڙا اهم فيصلا وسيع مشاورت ۽ شفاف دليلن سان ٿيڻ گهرجن، نه صرف سياسي نعريبازي سان.
ان حوالي سان دنيا جو تقابلي تجربو ثابت ڪري ٿو ته وڌيڪ صوبا پاڻ ۾ نه ترقي جي ضمانت آهن ۽ نه ئي سڀني مسئلن جو لازمي حل. اصل فرق ادارن جي مضبوطي، قانون جي حڪمراني، شفاف حڪمراني، مالي خودمختياري ۽ مقامي حڪومتن جي اثرائتي نظام سان پيدا ٿئي ٿو. جيڪڏهن اهي بنيادي عنصر ڪمزور هجن ته رڳو انتظامي حدبندين ۾ تبديلي سان گورننس جا بنيادي مسئلا ختم نٿا ٿين.