| ڇا ڪو به غير قانوني اڏاوتن کي روڪڻ وارو ناهي ؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مسلم آباد سوسائٽي جي گرين بيلٽ تي غير قانوني اڏاوت خلاف داخل درخواست تي ايس بي سي اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڌرين کان چئن هفتن ۾ جواب به طلب ڪيو، عدالت غير قانوني اڏاوتن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا ڪوئي ڏسڻ وارو ناهي، ڪو به غير قانوني اڏاوتن کي روڪڻ به ناهي ڇا؟ درخواستگذار جي وڪيل ملڪ نعيم اقبال چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽي پاڻ درخواستگذار آهي، ايس بي سي اي کي غير قانوني اڏاوت خلاف درخواست ڏني هئي، ايس بي سي اي غير قانوني اڏاوت خلاف ڪارروائي ناهي ڪري رهي