حڪومتي حلقن مان جيڪي “27هين آئيني ترميم” جي تياري بابت خبرون سامهون اچي رهيون آهن، انهن نه صرف نئين سياسي بحران جو اشارو ڏنو آهي پر ملڪ جي وفاقي ڍانچي تي به سنجيده سوال اٿاريا آهن۔ هيءَ مجوزه ترميم، جنهن کي ڪجهه مبصر “ون يونٽ جو نئون روپ” سڏين ٿا، بنيادي طور صوبن کي ارڙهين ترميم وسيلي مليل مالي ۽ انتظامي اختيارن کي واپس وفاق ڏانهن کڻڻ جي ڪوشش آهي۔ خميس ڏينهن پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن کان پوءِ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ، ”اين ايف سي فارمولي ۾ تبديلي پ پ رد ڪري ڇڏي آهي“. سي اي سي اجلاس کانپوءِ مختصر بريفنگ ڏيندي هن چيو تہ، ”آرٽيڪل 243 ۾ حڪومت تبديليون آڻڻ جو سوچيو آهي، سي اي سي رڳو انهيءَ تجويز جي حمايت ڪئي آهي، ٻين ترميمن تي خدشا آهن، آئيني عدالت ۾ صوبن جي برابر نمائندگي نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اسان سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، ميثاق جمهوريت ۾ ٻيون شيون به هيون، پ پ جي سي اي سي جو اجلاس ٻيهر جمعي نماز کانپوءِ ٿيندو.
ارڙهين آئيني ترميم (2010ع) پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل هئي، جنهن ذريعي 1973ع جي آئين جو اصل وفاقي روح بحال ڪيو ويو۔ ان ترميم سان صوبن کي تعليم، صحت، آبادي، ثقافت، زراعت ۽ سماجي بهبود جا اختيار واپس مليا، جڏهن ته وفاق کي “مرڪزي وزارتن” جو لشڪر گهٽائڻو هو۔ پر، وقت سان گڏ وفاقي حڪومتن مختلف طريقن سان انهن اختيارن تي ٻيهر قبضو ڪرڻ شروع ڪيو۔ اسٽريٽجڪ انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جو قيام، جنهن ذريعي معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي جهڙا صوبائي کاتا اسلام آباد جي ڪنٽرول ۾ آندا ويا، اهو به انهيءَ رجحان جو تسلسل هو. هاڻي جڏهن 27هين آئيني ترميم جي تجويز اچي چڪي آهي، ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته ملڪ کي ٻيهر “مرڪزي نظام” ڏانهن موٽايو پيو وڃي۔ وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات کانپوءِ سامهون آيل تجويزن مان معلوم ٿئي ٿو تہ حڪومت تعليم ۽ آبادي ڪنٽرول جا کاتا صوبن کان واپس وٺڻ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ ۽ نئين “آئيني عدالت” قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن سان عدليه، انتظاميا ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي حدبندين ۾ بنيادي تبديليون اچي سگهن ٿيون۔ پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 160 واضح طور چوي ٿو تہ اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن جو حصو گذريل ايوارڊ کان گهٽ نه ٿو ٿي سگهي۔ اهو وفاقيت جو بنيادي اصول آهي۔ پر، مجوزه ترميم ۾ ان شق کي تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن سان صوبن جي مالي وسيلن ۾ واضح گهٽتائي اچي سگهي ٿي۔ وفاق اڳ ئي مالي حڪمت عمليءَ ۾ اهڙا قدم کڻي چڪو آهي، جن سان صوبن جي وسيلن کي نقصان پهتو آهي۔ مثال طور، پيٽروليم تي جنرل سيلز ٽيڪس ختم ڪري ان جي جاءِ تي “پيٽروليم ليوي” لاڳو ڪئي وئي، جيڪا سڌي طرح وفاق جي آمدني ۾ وڃي ٿي۔ ان سان صوبن کي لڳ ڀڳ 850 ارب رپين جو ساليانو نقصان ٿيو۔ اهڙي پاليسيءَ جو تسلسل جيڪڏهن آئيني تحفظ حاصل ڪري وٺي ٿو، ته پوءِ اين ايف سي ايوارڊ رڳو هڪ رسمي دستاويز رهجي ويندو۔
ڪجھ ذريعن موجب 27هين ترميم ۾ صوبن جي جاگرافيائي حدن ۾ ڦيرڦار بابت به تجويزون تيار ٿي رهيون آهن۔ جيڪڏهن آرٽيڪل 239 ۾ اهڙي تبديلي ڪئي وئي، جنهن سان صوبائي اسيمبلين جي رضامندي کانسواءِ صوبن جي حدن ۾ تبديلي ممڪن ٿي وڃي، ته پوءِ اهو ملڪ جي سياسي ۽ آئيني استحڪام لاءِ تمام وڏو خطرو هوندو۔ صوبا ڪنهن نوٽيفڪيشن ذريعي وجود ۾ نه آيا هئا، اهي تاريخي ۽ قومي سڃاڻپ رکندڙ علائقا آهن، جن مان هن ملڪ کي جنم مليو. انهن جي سڃاڻپ ۽ سالميت تي هٿ وجهڻ رڳو انتظامي نه پر وجودي نوعيت جو مسئلو آهي۔ 27هين ترميم جي حوالي سان پارليامينٽ اندر عددي ڳڻپ به تمام اهم آهي۔ حڪومت کي سينيٽ ۾ 65 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي، ن ليگ، بي اي پي، ايم ڪيو ايم ۽ ڪجھ آزاد سينيٽر شامل آهن۔ اپوزيشن، جنهن ۾ پي ٽي آءِ، جي يو آءِ (ف) ۽ قومپرست ڌريون شامل آهن، ان ترميم کي وفاق لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي۔ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان سينيٽ ۾ چيو ته، “18هين ترميم قومي اتفاق راءِ سان منظور ٿي هئي، پر 27هين ترميم وفاق کي ٽوڙڻ جو خطرو پيدا ڪندي۔” خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي به ان کي صوبائي خودمختياريءَ تي حملو سڏيو، جڏهن ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ واضح اعلان ڪيو آهي تہ، “27هين ترميم ون يونٽ جو نئون روپ آهي”۔
سنڌ ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف ردعمل تمام شديد آهي۔ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وَسند ٿري چيو آهي ته، “هي ترميم مارشل لا کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇو ته اها وفاقي مارشل لا جو روپ آهي، جنهن سان صوبن جا حق ختم ڪيا پيا وڃن۔” سندس چوڻ آهي ته، “پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي مفادن خاطر اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان سنڌ جي وحدت تي حملو ڪري رهي آهي۔ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ وڏي احتجاجي مارچ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا۔ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن لاءِ هي ترميم رڳو آئيني تبديلي نه پر قومي وجود جي بقا جو سوال بڻجي چڪي آهي۔
پيپلز پارٽي جي قيادت هن وقت سڀ کان وڏي سياسي آزمائش مان گذري رهي آهي۔ اها پارٽي جيڪا 18هين ترميم جي خالق هئي، هاڻي ساڳي ترميم جي خاتمي ۾ پنهنجي سهڪار جي آڙ ۾ بيٺي نظر اچي ٿي۔ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي تہ وزيراعظم شهباز شريف ان کان حمايت گهري آهي، پر هو ان بابت “پارٽي جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ سان مشاورت” ڪندو۔ سوال اهو آهي ته ڇا پيپلز پارٽي “آئيني عدالت” ۽ ٻين انتظامي مفادن جي عيوض صوبائي خودمختياريءَ تي سودو ڪندي؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو نه رڳو سياسي طور ان لاءِ نقصانڪار هوندو پر سنڌ ۾ ان جي ساک لاءِ به تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ پيپلز پارٽي ماضي ۾ به ٻٽو مڪاني نظام، ٻيٽن جي وڪري ۽ تڪراري واهن تي فيصلا ڪري پوءِ عوامي دٻاءَ هيٺ واپس ورتا هئا۔ حڪومت جو مؤقف آهي ته 27هين ترميم سان ملڪ ۾ انتظامي طور ۽ ادارن جي توازن ۾ بهتري ايندي، پر حقيقت ۾ هيءَ ترميم وفاق کي وڌيڪ طاقتور ۽ صوبن کي وڌيڪ محتاج بڻائي ڇڏيندي۔ “آئيني عدالت” جو قيام، ججن جي بدلين ۽ مقررين ۾ تبديلي، ۽ فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ ڏيڻ جهڙيون تجويزون رڳو سول ادارن جي خودمختياري کي گهٽائينديون۔ جيڪڏهن حڪمران ڌريون واقعي قومي هم آهنگي چاهين ٿيون، ته کين وفاقيت جي اصولن تي سمجھ سان اڳتي وڌڻو پوندو۔ هر اهڙو قدم جيڪو صوبن جي مالي ۽ انتظامي آزاديءَ کي محدود ڪري، اهو وفاقي توازن کي بگاڙيندو، ۽ ملڪ کي هڪ نئين سياسي بحران ڏانهن وٺي ويندو۔
27هين آئيني ترميم جو مجوزه مسودو صرف هڪ آئيني تبديلي ناهي، پر اهو وفاقيت ۽ جمهوريت جي جوڙجڪ تي هڪ وڏو تجربو آهي، جنهن جا نتيجا ڏکيا هوندا۔ جيڪڏهن صوبن کان اختيار ۽ وسيلا واپس ورتا ويا ته اهو نه صرف سياسي مزاحمت کي جنم ڏيندو پر وفاقي وحدت کي به خطري ۾ وجهندو۔ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا ماڻهو اڳ ئي احساسِ محرومي جو شڪار آهن۔ اهڙي ترميم سان انهن احساسن کي وڌيڪ وڌايو ويندو، ۽ وفاقي نظام کي ڪمزور ڪيو ويندو۔ پيپلز پارٽي لاءِ اهو وقت آزمائش جو آهي، ڇا اها پنهنجي تاريخي ورثي، يعني صوبائي خودمختياري سان وفادار رهندي يا اقتدار جي خواهش ۾ پنهنجي ئي ٺاهيل ترميم کي قربان ڪندي؟ جيڪڏهن صوبن جي حقن تي حملو ڪيو ويو ته پوءِ تاريخ ٻيهر ورجائبي، ۽ ملڪ کي هڪ نئين سياسي بحران ۾ ڌڪي ڇڏبو۔ وفاقيت ۽ جمهوريت جي بقا ان ڳالھ ۾ آهي ته صوبن کي اعتماد، اختيار ۽ وسيلن جي ضمانت ڏني وڃي ـ نه ته 27هين ترميم نئين ون يونٽ جي شڪل اختيار ڪندي۔