| ڇتو چنڊ ويجهو ڳوٺ ۾ باهه، 5 پورهيتن جا اُجها سڙي رک |
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجهو ڇتو چنڊ ڀرسان ملاحن جي ڳوٺ کي باھ لڳڻ سبب 5 غريب پورھيت ملاحن جا گهر ۽ ان ۾ سمورو قيمتي سامان توڙي اناج سڙي رک ٿي ويو ، باہ متاثر خاندان سيءَ ۾ کلي آسمان ھيٺ ويھڻ تي مجبور بڻجي ويو خميسو ملاح ، عرس ، سعيدو ۽ محمد حسن ملاح سميت 5 غريب پورھيتن جا گهر سڙي ويا گهرن ۾ پيل ھنڌ ،بسترن ٻئي قيمتي سامان سميت پيل اناج پڻ سڙي رک ٿي ويو باھ متاثر پورھيتن موجب اوچتو باھ لڳڻ سبب سندن گهر 7 انھن ۾ پيل سموري الھ تلھ سڙي رک ٿيڻ ڪري سندن سمورو خاندان سخت سيءَ کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھي باھ متاثر موجب باھ وسائڻ لاءِ فائر برگئيڊ کي اطلاع ڏنو ويو