ڇتي ڪتي جي ويڪسين اڻلڀ ڇو ؟ چيف سيڪريٽري کان جواب طلب

جنوري 29, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾  رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن ۾ واڌ ۽ ويڪسين جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري، اينٽي ريبيز پروگرام جي چيف ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کان 10 فيبروري تائين جواب گهري ورتو

 ٻڌڻي دوران درخواست گذار وڪيل طارق منصورعدالت کي ٻڌايو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾  روزانو سوين ماڻهو ڪتن کان  چڪجي رهيا آهن،  ڪراچي سميت سنڌ جي 30 ضلعن جي 432 اسپتالن ۾ ويڪسين موجود ناهي

هن ٻڌايو ته جناح ۽ سول اسپتال ۾روزانو 150کان وڌيڪ ڪتا ڏاڙهيل اچن ٿا، ڪراچي ۾ سرجاني، اورنگي ٽائون، ملير، قائدآباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪتن جو وڏو آزار آهي  4 سال اڳ شروع ڪيل اينٽي ريبيز پروگرام اڃا تائين غير فعال آهي

طارق منصور جو چوڻ هو ته اينٽي ريبيز پروگرام جي هيلپ لائين به ڪم نه پئي ڪري، اربين رپين جي بجيٽ هوندي اسپتالن ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪسين موجود ناهي

Leave A Comment