ڇور ويجهو پراڻي کوهه جي صفائي لاءِ لٿل 3 ڳوٺاڻا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت
نومبر 17, 2024
ڇور (رپورٽ: ساگر شاھد نوھڙيو) کوکرا پار ويجهو ڳوٺ ميھندرو پار ۾ پنج سالن کان بند پيل کوھ جي صفائي ڪرڻ دوران ٽي ڳوٺاڻا 50 سالن جو حبيب الله، 47 سالن جو سڪندرسميجو ۽ 30 سالن جو ڀيمون ڀيل ھڪ ٻئي کي بچائيندي کوھ اندر فوت ٿي ويا، ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ جي قديمي کوھ جي صفائي لاءِ پھرين سڪندر اندر لٿو ڪجهه دير ٻاھر نه نڪرڻ سبب ڀيمون ڀيل اندر لٿو انهن ٻنھي جي خبر وٺڻ لاءِ حبيب الله به کوھ اندر لٿو، جيڪو ٻاھر نـ نڪتو تنهن بعد سڄي ڳوٺ کي خبر پوڻ تي ڳوٺاڻا کوھ تي گڏ ٿي ويا. آڪسيجن گئس جي مدد سان لاش ٻاھر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن،ايس ايڇ او کوکراپار ٻڌايو ته ثنهي ڳوٺاڻن جو موتساھ ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي، ۽ وارثن پاران وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ تي لاش سندن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اھڙي ڏکوييندڙ واقعي سبب علائقي ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي آهي.