ڇور ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ تي پ پ اڳواڻن ۾ اختلاف برقرار

مَي 27, 2023

عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري)پيپلزپارٽي قيادت توڙي مقامي چونڊيل نمائنده ٽائون ڪميٽي ڇور جي چئرمين شپ تي ھلندڙ اختلافن جو نبيرو ڪري نه سگھيا آھن

اڳوڻو چئرمين نظر محمد آريسر ھڪ ڀيرو ٻيھر ڇور ٽائون جو چئرمين ٿيڻ جو اميدوار بڻيل آھي پر ھن ڀيري ساڻن گڏ گذريل دور ۾ وائيس چئرمين طور رھندڙ جي يو آءِ جو مولانا يعقوب نعماني چاھي ٿو چئرمين شپ کيس ملي

هي به پڙهندا

پيپلز پارٽي جو ڪائونسلر ۽ سروري جماعت سان تعلق رکندڙ احسان منگريو به ميدان ۾ لٿل آھي ۽ پ پ جو اميدوار بڻجڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي

 ستن ٽائون ڪائونسلرن واري ٽائون ڪميٽي ڇور ۾ 3 سيٽون پ پ ۽ ٽي جي ڊي اي اميدوارن کٽيون ۽ ھڪ سيٽ تي جي يو آءِ جو مولانا يعقوب نعماني ڪامياب ٿيو آھي جي يو آءِ جو مولانا يعقوب نعماني پيپلز پارٽي جي ويجھو رھيو آھي

 يعقوب نعماني جو چوڻ آھي ته چئرمين ڇور ٽائون طور اميدوار آھيان جي يو آءِ سنڌ جي قيادت کي به ان بابت اعتماد ۾ ورتو آھي پيپلزپارٽي جي قيادت سان رابطي ۾ آھن وڌيڪ جيڪو  جي قيادت جو حڪم ھوندو ايئن ٿيندو باقي جيڪڏھن موقعو مليو ته ڇور ٽائون ڪميٽي ۾ ترقي خوشحالي آندي ويندي

هن چيو ته  ٽائون جي بجيٽ مان ھڪ روپيو به ڪنھن کي ذاتي طور استعمال ڪرڻ نه ڏبو عوام جي بجيٽ عوام تي خرچ ڪئي ويندي

 رابطو ڪرڻ تي پ پ ۽ سروري جماعت سان تعلق رکندڙ احسان منگريو ٻڌايو ته چئرمين جي عھدي تي اميدوار آھيان نظرمحمد آريسر اڳ به چئرمين رھي چڪو آھي ھن ڀيري منھنجو حق آھي ان باوجود به وڌيڪ جيڪو پارٽي جو فيصلو ھوندو سو قبول ھوندو

Leave A Comment