| ڇور ۾ شوٽنگ والي بال ليگ ٽورنامينٽ اوڪراڙو پنهور ڪلب کٽي ورتي: گرهوڙ ڪلب کي شڪست |
ڇور ( ن پ ا ) ريلوي گرائونڊ تي ارباب تاج محمد ڪلب ڇور ياسر خان، نبيل راجپوت حفيظ ڪنڀر حسنين ۽ اربو نھڙي پاران ھڪ تمام زبردست شوٽنگ والي بال ليگ ٽورنامنٽ ڪرايو ويو جنھن ۾ ٽوٽل 8 بھترين ٽيمن حصو ورتو جنھن جو فائنل اوڪراڙو پنھور ۽ گرھوڙ ڪلب وچ ۾ ٿيو جنھن ۾ سخت مقابلي کان پوء اوڪراڙو پنھور فائنل کٽي ورتو آخر ۾ مھمان خاص عاقب راجپوث ڪامران ملڪ شيراز ناغڙ شوڪت اسٽار اياز احمد لال محمد نھڙي ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان اسلم پنھور کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز رنر ٽيم جي ڪپتان امير شاڪراني کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز مين آف دي مئچ اسلم پنھور مين آف دي سيريز نبيل راجپوت کي ٽرافي ڏني ۽ مھمانن کي شيلڊون ڏنيون ۽ اجرڪون پارايون ويون