| ڇور ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ الراشد اليون کٽي ورتي: فائنل ۾ النور ڪلب کي شڪست |
ڇور (ن پ ا) ڇور ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ الراشد اليون کٽي ورتي، فائنل ۾ النور ڪلب کي شڪست نصيب ٿي. تفصيل موجب نيو العظيم ڪرڪيٽ گرائونڊ تي آصف آريسر شھباز آريسر ۽ مظھر آريسر پاران ڪرايل ٽيپ بال نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جنھن جو فائنل مئچ الراشد ڪرڪيٽ ڪلب فقير محمد امين منڱريو ۽ النور ڪرڪيٽ ڪلب ڇور وچ ۾ ٿيو النور ڪرڪيٽ ڪلب پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 101 رنسون ھڪ وڪيٽ جي نقصان ته ٺاھيون جواب ۾ الراشد ڪرڪيٽ ڪلب فقير محمد امين منڱريو پنجين اوور جي پنجين بال ته ھڪ وڪيٽ جي نقصان ته ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو الراشد طرفان رفيق ڀيو 65 رنسون ٺاھيون اھڙي طرح الراشد ڪرڪيٽ ڪلب فقير محمد امين منڱريو 9 وڪيٽن تان فائنل کٽي ورتو آخر ۾ مھمان خاص غلام محمد منڱريو محمود منڱريو غلام قادر آريسر حنيف منڱريو ستار منڱريو شڪيل منڱريو حيات منڱريو شوڪت منڱريو برڪت منڱريو آصف آريسر منظور ڪنڀر ۽ ٻين پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن فقير عبدالله منڱريو کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز رنر ٽيم جي ڪيپٽن زڪريه آريسر کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز مين آف دي مئچ ڪامران سومرو مين آف دي سيريز ڪامران سومرو بيسٽ امپائرز زڪاالله آريسر ۽ تيرٿ بجير بيسٽ ڪامينٽر خير محمد ڀيو کي ٽرافيون ڏنيون