ڇور ۾ واپاري جو ملازم گرفتار، شهر بند، جاچ بعد آزاد
مارچ 24, 2025
ڇور(ن پ ا) ڇور پوليس پاران شھر جي مشھور واپاري صديق آريسر جي دڪان تي ملازمت ڪندڙ نوجوان نريش ڀيل کي گرفتار ڪري کڻي وڃڻ خلاف شھر جي واپاري تنظيم پاران ڇور شھر ۾ سمورو ڪاروبار بند ڪري احتجاج ڪيو ويو، واپاري تنظيم جي صدر نورالدين نھڙي، صديق آريسر، ملڪ الياس، خميسو خان، بابو ناغڙ ۽ ٻين چيو تـه سادن ڪپڙن ۾ ملبوس همراهه پاڻ کي پوليس جو اھلڪار سڏائي بنا جواز اسان جي ملازم کي کڻي ويو، واپارين جي احتجاج کانپوءِ علائقي جي معزز ماڻهن وچم اچي ڳالهين جي مسئلو ڪرائي واپارين جو احتجاج ختم ڪرايو، جنهن بعد پوليس نوجوان کي آزاد ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته سادا ڪپڙا پهري پاڻ پوليس وار سڏائيندڙ ماڻهن کي اسان نه ٿا سڃاڻون، باقي نوجوان کي اسان گذريل رات ٿيل چوري الزام ۾ کڻي آيا هئاسين، جاچ بعد کيس آزاد ڪيو ويو آهي،