| ڇور ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ الهارون ڪلب کٽي ورتي: صوفي صادق ڪلب کي شڪست |
ڇور (ن پ ا) نيو ڪرڪيٽ گرائونڊ ڇور تي مرحوم سائين محمد سليم سومرو جي ياد ۾ آچار سومرو نسيم سومرو خالد سليم سومرو حيات سومرو سائين عنايت سومرو راجا رضوان سميجو آصف سومرو ۽ ٻين پاران ڪرايل تمام زبردست فري انٽري آل پاڪستان ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل مئچ صوفي صادق ڪرڪيٽ ڪلب چنيسر سومرو ۽ الھارون ڪرڪيٽ ڪلب مولوي ثنا الله آريسر وچ ۾ ٿيو الھارون ڪرڪيٽ ڪلب پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 4 اوورن ۾ 80 رنسون ٻن وڪيٽن جي نقصان ته ٺاھيون جنھن ۾ سني جون 55 رنسون ٺاھيون جواب ۾ صوفي صادق ڪرڪيٽ ڪلب چنيسر سومرو مقرر اوورن ۾ 76 رنسون بنا وڪيٽ جي نقصان ته ٺاھي سگھي اھڙي طرح الھارون ڪرڪيٽ ڪلب مولوي ثناالله چار 4 رنسن کان فائنل کٽي ورتو آخر ۾ مھمان خاص ڊاڪٽر اسد خالد سراج سومرو پروفيسر نجم الدين سومرو سائين امين سومرو سائين بلال سومرو احسان منڱريو نواز مجيد سومرو فقير محمد علي منڱريو سائين ھاشم سومرو واحد سومرو رضوان سومرو ثاقب آريسر مھر علي آريسر الطاف آريسر رحيم ڀيو ۽ ٻين پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن رحيم آريسر کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز رنر ٽيم جي ڪيپٽن حيات سومرو کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز مين آف دي مئچ سني جون مين آف دي سيريز سني جون بيسٽ بيٽشمين سجاد گجو بيسٽ بالر اسلم راھمون بيسٽ امپائرز ابراھيم سومرو ۽ جماالدين نھڙي بيسٽ ڪامينٽر استاد الياس آفاق سائين عنايت الله سومرو کي قرار ڏنو ويو،
بيسٽ اسڪورز علي سومرو کي ٽرافيون ڏنيون