ٿورا ڏينھن اڳ سنڌ جي تمام وڏي ڪھاڻيڪار، ناول نگار ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو لکيل ناول ‘ڪُتا’ پڙھي پورو ڪيو اٿم. ‘ڪُتا’ ناول ھڪ بي حد ڪارا آمد فلسفياڻي انداز سان لکيل ناول آھي. ان جو ھڪ ٽڪڙو ھتي رکان ٿو؛ “پَٽڪو ھڪ اھڙي شيءِ آھي، جيڪو ھرڪو لاھي سگھي ٿو ۽ جڏھن جوتو لھندو آھي تـ پوءِ ڪوبـ پٽڪي ۾ ھٿ وجھڻ جي ھمت نـ ڪندو آھي”. ھڪ سٽ ۾ تمام وڏي ڳالھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪيل آھي. پٽڪو عزت، وقار، عظمت، ثقافتي اھڃاڻ طور وڏي اھميت رکي ٿو. پٽڪي لھڻ جو مطلب تـ سموري عزت خاڪ ۾ ملي ويئي. پنھنجي سماج ۾ وروڌي اڪثر ڪري عزتدارن جي پٽڪي لاھڻ واري ڪرت ۾ رڌل رھندا آھن. ان ڪري تمام ضروري آھي تـ پٽڪي جي حفاظت ڪجي، ۽ اھڙو انتظام ڪجي تـ ڪو ٽڻي ٽامڻي اسان جي پٽڪي ۾ ھٿ وجھڻ جي جرئت ئي نـ ڪري سگھي ۽ ان جو بھترين حل اھو آھي تـ اھڙن ماڻھن لاءِ اسان کي پنھنجي پيرن مان جتي لاھي مٿن ان جو وسڪارو ڪرڻو پوندو، تڏھن وڃي اسان جي پٽڪي جي عظمت برقرار رھندي. منھنجي خيال ۾ تـ اڄوڪين حالتن ۾ سنڌ وارن کي پنھنجي پٽڪي جي بچائڻ خاطر رسول ميمڻ پاران ڏسيل واٽ وٺڻ جي اشد ضرورت آھي. ڪجھ ڏينھن اڳ سکر ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن ۾ برياني تي ھريلن جي ھڪ پوري بس ڀري آندي ويئي ھئي تـ جيئن اھي وڪيلن جي آواز کي دٻائي سگھن پر ٿيو ھيئن تـ وڪيلن، جيڪي قانون جا رکوالا پڻ آھن، انھن رسول ميمڻ جي ڏسيل واٽ وٺي جوتن ۾ جو ھٿ وڌا تـ جاھلن جون ڪيڪاٽيون راڄن ٻڌيون ۽ قانون جي رکوالن غيرقانوني عمل ڪندڙن کي پڪڙي پوليس وارن جي حوالي ڪيو ۽ اسان جي پوليس بھادر کين ٿاڻي تي وھنجاري سھنجاري، کارائي پياري آزاد ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي سنڌ جي نياڻين سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان ملڪ جي آئين کي ڪن فردن جي در جي گولي ۽ غلام بڻائڻ لاءِ لڪل ھٿن جي ھشڪر تي آندل 27ھين آئيني ترميم خلاف ھڪ تمام سگھارو احتجاجي آواز بلند ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي ھئي. اھو سمورو عمل انتھائي پرامن ھو، نه ڪنھن گاڏيءَ جو ڪو شيشو ڀڳو، نـ ڪنھن شھري جي ڪنھن بـ قسم جي ملڪيت کي نقصان پھچايو ويو ۽ نـ ئي ڪنھن امن امان قائم ڪرائڻ واري ڪارندي کي ڪا رھنڊ آئي ھئي. پر جيئن ھڪ اردو جو شعر آھي تہ، “وھ بات ساري فساني مين جس کا ذڪر نـ ٿا، وو بات ان ڪو بھت ناگوار گذري ھي”. سو سنڌ تي سترھن سالن کان حڪمراني ڪندڙن کي وڳوڙ ڪندڙ ايترا پيارا ھئا تـ انھن کي بنا ڪنھن تڪليف جي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سنڌياڻي تحريڪ وارو پرامن احتجاج سندن آرام ڦٽائي ڇڏيا ۽ انھن احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ پنج سئو مردن ۽ عورتن خلاف ايف آئي آر داخل ڪري پنھنجي پت وائکي ڪري وڌي. رسول ميمڻ پنھنجي ناول ۾ وڌيڪ لکي ٿو تہ، “جڏھن انصاف ڪندڙ ھوش ۾ نـ ھجي تـ بيھوشيءَ جي ھلندڙ مقابلي جو انصاف ڪير ڪندو؟” پر افسوس سنڌ جا حڪمران مڪمل نموني بيھوش، بي حواس، بي حس ۽ اکين ھوندي ديد کان وانجھيل بڻجي رھجي ويا آھن. حڪمران سنڌ جا ھجن يا پاڪستان جا، کين ياد رکڻ گھرجي تـ اوھان جنھن ڪاري قانون جي رکواليءَ لاءِ جشن ملهائي رھيا آھيو، اھو ساڳيو قانون سڀاڻي اوھان جي ڳچيءَ ۾ گلن جي ھار بدران لوھي ڳٽ پڻ ٿي سگھي ٿو ۽ پوءِ اوھان لاءِ ڪو اخلاقي جواز نـ بچندو تـ اوھان ان خلاف ڪا ٻڙڪ بـ ٻاھر ڪڍي سگھو.
مون پنھنجي گذريل ڪالم ۾ لکيو ھو ته 1985ع ۾ غيرجماعتي بنيادن تي قائم ڪيل ايوان پاران تنھن وقت جي فوجي حڪمران ضياءَ جي زور بار تي آئين ۾ اٺين ترميم پاس ڪئي ھئي، جنھن ۾ ملڪ جي صدر کي چونڊيل وزيراعظم کي ھٽائڻ وارا اختيار ڏنا ويا ھئا ۽ ان قانون جو پھريون شڪار قومي اسيمبلي جي ايوان مان اھو بل پاس ڪرائيندڙ تنھن وقت جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو پاڻ بڻيو ھو. پاڪستان ۾ جيڪي ڳجھا ھٿ حڪومت ھلائيندا آھن، انھن جا واعدا پاڻيءَ تي اڀريل ڦوٽن جھڙا نازڪ ھوندا آھن، انھن جي وٽن ڪا اھميت ناھي ھوندي، ھو ان قسم جا واعدا وعيد ڪري سياستدانن کي پنھنجي ھٿن جو رانديڪو بڻائي پنھنجا مفاد حاصل ڪندا آھن ۽ جڏھن سندن مفاد پورا ٿي ويندا آھن تـ سياستدانن کي ٽشو پيپر وانگي ڊسٽ بن ۾ ڦٽي ڪندي دير ناھن ڪندا. پاڪستان جي تاريخ اھڙن مثالن سان ڀري پيئي آھي. مختلف وقتن تي اقتدار جي ٿيٽر ۾ انھن مختلف ڪردار پئي متعارف ڪرايا آھن. ايڪھتر ۾ پاڪستان ٻـ اڌ ٿيو تـ کين شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جھڙو ڪرشماتي اڳواڻ گهربو ھو، جيڪو پاڪستان جي ڪريل مورال کي اڀاري سگھي. جڏھن شھيد ڀٽو اقتدار ۾ آيو تـ ان اھڙا ڪرشماتي ڪم ڪري بـ ڏيکاريا ھئا، جن ۾ نوي ھزار پاڪستاني فوجين جي آزادي، دنيا اندر تنھن وقت جي سمورن اسلامي ملڪن جي سربراھي ڪانفرنس وغيره بس ٻـ مثال ڄاڻائڻ ئي کوڙ آھن پر رڳو چئن سالن کان پوءِ ان پاپولر ڪردار کي جيل ۾ واڙيو ويو، مٿس قتل جي سازش ڪرڻ جي الزام وارو ڪيس ھلائي ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويو، سندس ٻـ پٽ، سندس نياڻي شھيد ڪيا ويا، سندن ونيءَ کي ڏينھن ڏٺي جو راند جي ميدان ۾ ڏنڊا ھڻي زخمي ڪيو ويو.
ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪن مختلف وقتن تي ڪيترائي ڪردار سياسي آکاڙي تي لاٿا، کانئن مفاد حاصل ڪيا ۽ جڏھن اھي سندن ڪم جا نـ رھيا يا وري اھي سندن مفادن جي راھ ۾ رنڊڪ بنجڻ جو سبب بڻيا تـ کين ڪم نڪتو ڪاغذ ڦاٽو وانگر بنا دير جي ڦٽي ڪندي کين ڪو خيال نـ آيو تـ اھي ڪردار ڪڏھن سندن اکين جو نور ھئا. پاڪستان جي تاريخ ڪا پراڻي تـ ناھي، گھڻي تڻي اھا اسان سڀني جي اکين اڳيان گذري آھي يا تاريخ جي ورقن ۾ رقم ٿيل آھي. ان تاريخ ۾ ھلڪي جھاتي پائڻ سان پاڻ کي ڏسڻ ايندو تـ اھي ساڳيا ھٿ ھئا، جن شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، محمد خان جوڻيجي، نواز شريف، عمران خان، شھباز شريف، آصف علي زرداري کي اقتدار جي مسند تي ويھاريو، وري مٿن ڪرپشن جا الزام لڳائي کين ڪرسين تان گھلي لاٿو، کين جيلن ۾ واڙيو، وري سندن مفادن لاءِ کين جيلن مان ڪڍي، کين مسند تي ويھاريو. اھو سمورو چڪر/سائيڪل منڍ کان وٺي جاري آھي ۽ ڪا خبر ناھي تـ ان جو خاتمو ڪڏھن ٿيندو. سياستدان سڀ ڪجھ سمجھندي بـ جھڙوڪر ڪجھ ڪونـ ٿا سمجھن، ڌڪ کائي، ذليل خوار ٿي وري بـ ساڳين درن تي ڌڪا کائڻ ۾ اھي فخر ٿا محسوس ڪن. کين ملڪي خزاني جي ڦرلٽ مان تمام ٿورڙو حصو ملندو رھيو آھي ۽ ان جي کين ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آھي. جڏھن ملڪ تمام وڏي ڏچي ۾ پئجي ويندو آھي تـ اسڪرپٽ لکڻ وارا، ھدايتڪار پردي پويان ھليا ويندا آھن ۽ سمورن الزامن جو گند سياستدانن تي اڇلايو ويندو آھي. پاڪستان ٻـ اڌ ايوبي آمريت جي ڪري ٿيو ھو، پر الزام ذوالفقار علي ڀٽي تي رکيو ويندو آھي جھڙوڪر جنرل نيازي کي ھٿيار ڦٽي ڪرڻ جو حڪم شھيد ڀٽي ڏنو ھو. ايوب خان، يحيى` خان، ضياء، مشرف، ڪياني، باجوا ۽ حافظ صاحب تائين ڪنھن تي ڪڏھن ڪو ڪيس داخل ٿيو آھي؟ جڏھن تـ پاڪستان جو ڪھڙو سياستدان آھي، جيڪو ڪيسن کي منھن مقابل ٿيندي جيل ياترا ڪري نـ آيو ھجي. مان پنھنجي ڳالھ رسول ميمڻ جي ناول جي ھڪ ٻئي اقتباس تي ختم ٿو ڪريان. بس اھا اڳواٽ گذارش ٿو ڪريان تـ وڏن شھرن جي لفظ کي پاڪستاني سياست ڪري سمجھي پڙھندو تـ اوھان کي سموري ڳالھ واضح سمجھ ۾ اچي ويندي: “وڏا شھر ڌٻڻ جيان ھوندا آھن، پير ڄمايو تـ پير اھڙا ڄمندا آھن، جو نڪرڻ جو نانءُ نـ وٺندا آھن. ويندا آھن ڏينھون ڏينھن ڌٻڻ ۾ غرق ٿيندا ۽ پوءِ توھان جو وجود ڪلھن تائين ھيٺ ھليو ويندو آھي. توھان ڏسي سگھندا آھيو ۽ آخر اکيون بـ دفن ٿي وينديون آھن ۽ توھان انڌا ٿي ويندا آھيو”.