ھن وقت ملڪ اندر ۽ خاص ڪري سنڌ اندڙ نون صوبن ٺاھڻ جو شوشو گردش ۾ آھي. حڪمران مخصوص مفادن جي حاصلات لاءِ ڪو منصوبو جوڙيندا آھن تـ اول ملڪ جي عوام کي ڪنھن ٽئين رخ طرف وٺي ويندا آھن ۽ عام ماڻھو ان ڳالھ تي واويلا ۾ رڌل ھوندو آھي تـ حڪمران وچان پنھنجو اصل منصوبو شروع ڪري ڪري چڪا ھوندا آھن. ويجھي ماضيءَ ۾ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي ھڪ ٽوئيٽ تي گرما گرم بحث مباحثا ٿيا ھئا، جنھن ۾ موصوف مستقبل ۾ آئين اندر متوقع ترميمن ذريعي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصن ۾ ڪٽوتي سان گڏ تعليم ۽ آباديء جي رٿابنديءَ واري شعبن کي مرڪزي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جا نقطا بيان ڪيا ھئا. اھي سڀ ڳالھيون دراصل ستاويھن ترميم جو حصو ئي نـ ھيون بس رڳو عوام کي ٽرڪ جي بتيءَ جي ڪڍ لڳائڻ ۽ سنڌي قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ھڪ ڪوشش ھئي. ھاڻي جڏھن ستاويھـين ترميم پاس ڪري پاڪستان جي آئين جو مڪمل نموني رخ ئي موڙيو ويو آھي تـ پ پ پ وارا اھو چئي پنھنجي عزت بچائڻ جي ڪوششن ۾ آھن تـ ڏسو مٿي بيان ڪيل نقطا اسان ان ترميم جو حصو ٿيڻ ئي ڪونـ ڏنا. مون کي الائي ڇو ھن وقت بـ اھوئي محسوس ٿي رھيو آھي. جيڪي ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آھن، جن جو تعلق ملڪ جي ھڪ خاص صوبي جي خاص علائقي سان آھي، اھي سنڌ اندر نئين صوبي جي ڳالھ ڪري پنھنجا ڪي لڪل مفاد حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن. ھتي ان ڳالھ جي واويلا ڪرڻ وارن ۾ ايم ڪيو ايم جو فاروق ستار، ايم ڪيو ايم حقيقي جو آفاق احمد ۽ ڪجھ ٻيا شامل آھن. اھي ماڻھو آھن، جن نفرت جي سياست ڪري پنھنجي سياست جي دڪانداري قائم پئي رکي آھي. ايم ڪيو ايم جڏھن ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ جي مالڪ ھئي، وفاقي حڪومت ۾ وڏو اثر رسوخ ھئن تـ انھن ان وقت ڪراچيءَ کي ڪرفيو لڳرائي لاڪ ڊائون ڪرائي رکيو ھو، ڪراچيءَ جي تعليم کي تباھ ڪرائي ڇڏيو ھو، ھڙتالون، ڀتا خوري، قتل، ٻوري بند لاش، گھيرائو جلائو، اسٽريٽ ڪرائم روزاني جي وھنوارن ۾ شامل ھوندا ھئا. ڪراچيءَ جي سموري آبادي بشمول اردو ڳالھائيندڙن، ھنن پناھگير نفسيات جي مريضن ڪري تمام گهڻو ڀوڳيو ھو ۽ گذريل ٻن عام چونڊن ۾ ڪراچيءَ جي ووٽرن کين مڪمل نموني ٺڪرائي ڇڏيو ھو. اھا تـ اسٽيبلشمينٽ جي ڪرامت ھئي تـ بريءَ طرح ھارايل چونڊن جو ثمر سندن جھولي ۾ اچي وڌو ھو ۽ عوام پاران رد ڪيلن کي ھڪ دفعو وري عام ماڻھن جي ڪلھن تي سوار ڪيو ويو ھو. ان جو سبب اھو ئي آھي تـ آقا پنھنجي مفادن جي حاصلات لاءِ کين اشارو ڪندا آھن تـ بنا ڪنھن اعتراض چون چران جي اھي پنھنجي ڪم ۾ لڳي ويندا آھن. ھينئر ساڳيو تماشو جاري آھي.
نوان صوبا تاريخي طور مقامي ماڻھن جي اقتصادي، سماجي، سياسي صورتحال ۾ مثبت تبديلين کي نظر ۾ رکي قائم ڪيا ويندا آھن. جيڪي زميني حقيقتون آھن، ان مطابق پنجاب يا ڪي پي ڪي اندر واقع وڌيڪ صوبن جوڙڻ جي ضرورت آھي. ڏکڻ پنجاب جي انھن علائقن، جن ۾ سرائيڪي ڳالھائيندڙن جي اڪثريت آھي، ۽ ڪي پي ڪي ۾ اھي علائقا، جيڪي غير پختون آھن، جتي ھندڪو، چترالي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھايون وينديون آھن، انھن جو اھو پراڻو مطالبو رھيو آھي. اتي آباد عوام جو اھو تاريخي وطن آھي، اھي ڪنھن ٻئي ملڪ مان ھجرت ڪري اتي ناھن پھتا. ڏکڻ پنجاب جو پنجاب جي مجموعي زرعي پيداوار ۾ تمام وڏو حصو آھي. معدني پيداوار کان سواءِ ڪپھ، ڪڻڪ، چانور ۽ ڪمند جي پيداوار ۾ ترتيبوار 75، 45، 25، 35 سيڪڙو آھي. ڏکڻ پنجاب ۾ ان وڏي پيماني تي زرعي اپت ھوندي بـ اھي سمورا علائقا غربت جي حساب سان تمام گهڻو ڀوڳي رھيا آھن. ڏکڻ پنجاب جي سموري زرعي پيداوار مان پيدا ٿيندڙ خام مال مان واپاري وکر جي تياريءَ وارا سمورا مرحلا سينٽرل پنجاب وارن علائقن ۾ ٿيندا آھن، ان ڪري اتي روزگار جي وسيلن جي وڌڻ سان گڏ واپار کي تمام گهڻي ھٿي ملندي آھي. سينٽرل پنجاب جي صنعتن جو دارومدار گهڻو تڻو ڏکڻ پنجاب يا سنڌ جي علائقن مان ان طرف کڻي ويل خام مال، معدني پيداوار تي آھي. بلوچستان مان ملندڙ گئس ۽ سنڌ مان ملندڙ گئس ۽ ڪوئلي جي ذخيرن جي رسد پنجاب کي بند ڪئي وڃي تـ سينٽرل پنجاب جا سمورا صنعتي يونٽ جيڪر بند ٿي وڃن. تيل سنڌ مان نڪرندو آھي، ان جي صاف ڪرڻ واري ريفائنري ملتان ۾ قائم ڪئي ويئي آھي. بندرگاھ سنڌ ۾ آھي ۽ ڊراءِ پورٽ سيالڪوٽ ۾ قائم ٿيل آھي. سنڌ جي خيرپور ۽ روھڙي تعلقن مان وڏي پيماني تي کجور جي پيداوار ٿيندي آھي، جڏھن اھا ٻاھرين ايڪسپورٽ ڪئي ويندي آھي تـ انھن تي ڪسٽم ڊيوٽي واگھا، چمن وٽ وصول ڪئي ويندي آھي. ڪوئلو، گئس، تيل سنڌ جي ملڪيت آھن پر وفاقيت جي نالي ۾ پنجاب جي ان مخصوص ٽولي جو انھن وسيلن تي مڪمل قبضو آھي.
قدرتي وسيلن مان اپت جي ڳالھ کي ھڪ پاسي رکي، رڳو نوڪرين واري پاسي کي ڏسجي تـ اتي پڻ سراسر ٻيائي ٿيل نظر ۾ ايندي آھي. پنجاب بلوچستان، سنڌ ۽ سرائيڪي علائقن مان خام مال، معدنيات حاصل ڪري ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪري رھيو آھي، اتي سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي علائقن ۾ رھندڙ ڪروڙين انسان اقتصادي اھنجاين جي ور چڙھيل آھن ۽ اھي جڏھن اھڙي ڦرلٽ خلاف آواز بلند ڪندا آھن تـ مٿن غداري يا ملڪ دشمنيءَ جا الزام لڳايا ويندا آھن. ان جو سبب ھڪ صوبي تي حڪمران ڌر آھي، جنھن جو واسطو پنجابي ڳالھائيندڙن تي ٻڌل آھي، جيڪي سينٽرل پنجاب سان واسطو رکن ٿا. ڏکڻ پنجاب جا ڪجھ جاگيردار سياستدان وري انھن جا ساڳي نموني حامي آھن، جيئن سنڌ جو وڏيرڪو ڪلاس آھي. پنجاب جو اھوئي ڪلاس آھي، جن جي آشيرواد سان سنڌ اندر ڪراچي صوبي جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي. ھاڻي بحث سرائيڪي صوبي، بھاولپور صوبي بدران ڪراچيءَ تي ھلي پيو. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي آمھون سامھون بيھارڻ جون ڪوششون جاري آھن. ھن معاملي ۾ ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، آفاق احمد ۽ ڪجھ ٻيا پنھنجي ڪريل ساک کي وري بحال ڪرڻ لاءِ ڊمپرن جي حادثن، ڪارن تي لڳل اجرڪ واري نمبر پليٽن تـ ڪڏھن سنڌي ثقافتي ڏھاڙي ملھائڻ وارن ڏھاڙن کي آڙ بڻائي نفرت جي سياست جي آبياريءَ جي مذموم ڪوششون ڪري رھيا آھن. حافظ نعيم ۽ سندس جماعت اسلامي وارن اجرڪ واريون نمبر پليٽون گڏھن جي ڪنڌ ۾ لڙڪائي سنڌي ثقافت جي توھين ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌي ماڻھن پنھنجي شديد رد عمل جو اظھار ڪيو آھي ۽ سندن مذمت ڪئي آھي. کين جيڪڏھن پ پ پ جي سنڌ حڪومت سان ڪي معاملا آھن تـ انھن سان مقابلو ڪن، کين پ پ پ جي مخالفت ۾ سنڌ، سنڌي ماڻھن، سنڌي ثقافت جي توھين جي ڪنھن بـ صورت ۾ اجازت ملڻ نـ گھرجي. ھونئن پ پ پ جا سردار، جاگيردار اڳواڻ سنڌي ماڻھن تي بنا بريڪ ٽريڪٽر وانگر چڙھي ويندا آھن پر کين ھن قسم جي نفرت انگيز ماحول پيدا ڪرڻ وارا نظر ئي ناھن ايندا.
منھنجي خيال ۾ ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪن ڏکڻ پنجاب جي جائز مطالبي تي دز وجھڻ، ان تي اٿندڙ آوازن، مطالبن جو رخ موڙڻ لاءِ راند جو ميدان سنڌ کي بڻايو آھي. ھي پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ جا پگھادار آھن ۽ انھن کي ان واويلا ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي ۽ ھو پنھنجي آقائن جي حڪم جي پوئيواري ڪندي نمڪ حلالي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن. کين خبر آھي تـ سنڌي ماڻھو مرندي مري ويندا، پنھنجي ڌرتيءَ جي ورھاست ڪڏھن قبول ڪونـ ڪندا. جڏھن سنڌ اندر ان قسم جا زوردار آواز اٿندا يا ڪا تحريڪ جو سبب بڻبا تـ کين موقعو ملندو تـ ڏسو سنڌ وارا پنھنجي ڌرتيءَ جي ورھاست جي خلاف آھن تـ پنجاب اندر نون صوبن ٺاھڻ جي ڪائي ضرورت ناھي.
ڪو ڪنھن جي مفاد جي حاصلات لاءِ ڇا ٿو ڪري، ان ڳالھ کي پاسي رکي سنڌي ماڻھن کي بھرحال انھن آوازن کي پنھنجي پوري سگھ سان، دليلن سان ۽ پنھنجي سرگرمين سان رد ڪرڻ گھرجي. ڪراچي کان سواءِ سنڌ ۽ سنڌ کان سواءِ ڪراچيءَ جو ڪو تصور بـ سنڌي ماڻھن لاءِ گناھ ڪبيرا کان گھٽ ناھي. جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، تحريڪ انصاف جا فرد ڇا بـ ڪن يا چون، سنڌي ڪراچيءَ کي سنڌ جي ڌڙ مٿان دماغ واري حيثيت سان ڏسندا آھن. ھن وقت تائين ان موضوع تي جيڪي پروگرام ٿيا آھن، انھن ۾ سنڌي، اردو، سرائيڪي، ترقي پسند، قومپرست، باشعور دانشورن، صحافين ۽ سياسي ڌرين دليلن سان اھڙي ڪڌي عمل کي مڪمل نموني رد ڪيو آھي ۽ ڪندا رھندا. افسوس پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي، سندن اڳواڻن تي ٿئي ٿو، جيڪي سنڌ سان گڏ پاڪستان جي حڪمرانيءَ جا مزا سنڌي ماڻھن جي ووٽن تي ڪيترن ڏھاڪن کان پيا ماڻين، اھي سنڌي ماڻھن جي مفادن خلاف ھلندڙ انھن سازشن جو ڪو نوٽيس ڪونـ پيا وٺن. سنڌ جي مفادن خلاف اٿندڙ آوازن کي ٻڌڻ کان بچڻ لاءِ جھڙوڪر انھن پنھنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا آھن، سنڌ جي وسيلن جي ڀينگ ٿيڻ خلاف ڳالھائڻ انھن وٽ جھڙوڪر گناھ ڪبيرا ھجي، سنڌ جي ورھاست کي اھي ٻاراڻي راند سمجھي نظر انداز پيا ڪن! کين ياد رکڻ گهرجي تـ ھي وقت بـ گذري ويندو ۽ تاريخ تي بس وڏن ۽ چٽن اکرن سان سچ ئي پوئتي لکيل رھجي ويندو ۽ انھن ۾ اوھان کي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪندڙن جا لقب ڳچين ۾ پيل ھوندا. ان کان بچڻ لاءِ کين پڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن پوري پارٽي نـ تـ پارٽي اندر ڪي اڳواڻ تـ اھڙا ھئڻ گھرجن، جيڪي سنڌ جي زندگي ۽ موت جھڙن مسئلن تي نـ ڳالھائڻ واري روزي کي ھاڻ ٽوڙي ڇڏين.