ڇوليون … سنڌ لڏندي پر ٻڏندي ڪونه ….

                 وڏڙن جي واتان ڪيترائي ڀيرا اھي جملا ٻڌا آھن تـ ”سنڌ لڏندي پر ٻڏندي ڪونہ“. اھا چوڻي اميدن، خواھشن، امنگن تي ٻڌل آھي، جنھن جو ذڪر اسان ننڍي ھوندي وري وري وڏڙن کان ٻڌندا پيا ايندا ھئاسين. سنڌ صدين کان جن حالتن ۾ رھي آھي تـ تاريخي طور ان قسم جا خيال پيدا ٿيڻ فطري عمل ٿو لڳي. جيتوڻيڪ اھي محاورا يا اھي سوچون مڪمل نموني غير سائنسي ۽ غيرمنطقي آھن، جن جو ڪوبـ بڻ بنياد نظر نـ ٿو اچي. اھا سوچ شايد ان ڪري پيدا ٿي آھي تـ صدين کان وٺي سنڌ تي ڌارين جو ڪاھون ٿينديون رھيون آھن، ان جي ڦرلٽ جا دلخراش داستان تاريخ جي ڪتابن ۾ درج آھن، سنڌ تي حملا آورن سنڌين جو قتلام گجرن ۽ مورين ڪٽڻ وانگر پئي ڪيو آھي. خوشحال سنڌ کي ڦري لٽي ان جي شھرن کي باھيون ڏيئي مسمار ڪرڻ جا ڪيئي قصا رونما ٿيا آھن. ٻيو تـ ٺھيو پر ويجھي ماضيءَ ۾ جڏھن برصغير جو ورهاڱو ٿيو تـ ان پڻ سنڌ کي ناقابل تلافي چھڪ ڏنا، سندس سيني تي گھاءُ لڳا ھئا، اھي اڃا تائين ڀرجي نـ سگھيا آھن. سنڌ جو پڙھيل لکيل، واپاري، زميندار، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مامرن جي ڀرپور ڄاڻ رکندڙ  ماھر وچيون طبقو لڏپلاڻ ڪري ھندستان ھليو ويو ۽ پوئتي مڇ تي مڇر ٽنڊ تي ٽوپي رکيل جاھل سردار، ڀوتار، وڏيرا، پير ۽ مير وڃي بچيا ھئا، جن جو ڪو دين ھو نـ ايمان. سنڌ مان لڏي پرئين ڀر ويل ماھرن جي ڀيٽ ۾ ھتي جيڪي آيا، انھن اچڻ سان سنڌ جي وجود کي ميسارڻ جا جيڪي جتن ڪيا، انھن کي بيان ڪرڻ جي ڪا ضرورت تـ ناھي، بس اھو ٻڌائيندو ھلان تـ لياقت علي خان کان وٺي ايم ڪيو ايم باني تائين، ايوب خان کان وٺي ضياءُ ۽ مشرف تائين ۽ مشرف کان باجوہ يا ھاڻوڪن صاحبن تائين جيڪي بـ اسان جي مٿي ۾ لڳا، انھن سنڌ جي نقشي کي مٽائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون، سنڌ جي شھرن ۾ سنڌين جا ڪيترائي ڀيرا قتلام ٿيا، ويندي اھي نعرا بلند ٿيا تـ سنڌيو، سنڌ ڇڏي وڃو! ان سڀ ڪجهه ھوندي بـ سنڌ قائم ۽ دائم آھي، سنڌي پنھنجو وجود بچايو بيٺا آھن ۽ اھو سڀ ڪجھ ڪنھن معجزي کان بنھ گھٽ ڪونھي. صفا ٿوارا سال اڳ تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڇڏي، سکر، نواب شاھ، ميرپورخاص، ٽنڊو الھيار ۽ اھڙا ٻيا ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا شھر سنڌين جي اثر رسوخ کان صفا ٻاھر ھئا. انھن شھرن ۾ سياست کان معيشت تائين ٻاھرين ماڻھن جو قبضو يا غلبو ھو. ھن وقت مٿي ٻڌايل سمورن شھرن سان گڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين صورتحال صفا تبديل ٿي چڪي آھي. جيڪڏھن چونڪـ چنانچـ اگر مگر وغيره جي ھيرا ڦيري نـ ٿئي، اصلي تي وڊا حاڪم ڪوڙن گروھن تان ھٿ شفقت کڻن ۽ ڪوڙ بدوڙ تي ٻڌل آدم شماري کي رد ڪيو وڃي تـ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين جو انگ ٻين سمورين برادرين کان وڌيڪ ھوندو. حيرت انگيز ڳالھ ھي آھي تـ اھڙي سڀاويڪ ڪم ۾ سنڌ تي حڪومت ڪندڙن يا وفاق ۾ ويٺل سنڌي سياستدانن جو ڪو ٽڪو پيسو حصو ناھي رھيو. ويتر اھي ”مون پڪ سڃاتا پنھنجا ھئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“ واري ڪار ڪندا پئي رھيا آھن، جن ھر دفعي ڌارين چورن، لٽيرن، ڦورن، ٽڪساٽ ڪندڙن جو ساٿ پئي ڏنو آھي. ڀلي اسان سنڌي سست ھجون، ڪاھل ھجون، اڻ پڙھيل ھجون، وھمن ۾ ورتل ھجون پر سنڌي ماڻھو ھر قسم جون تڪليفون برداشت ڪري، شڪستون حاصل ڪري، انگ انگ زخمي ڪري بـ خاموش نـ ٿو ويھي، اھو وري وري ڪپڙا ڇنڊي ڦوڪي اٿي ٿو ۽ اڳ کان وڌيڪ طاقتور ٿي اٿي ٿو ۽ جڏھن سندس گجگوڙ ٿئي ٿي تـ فرعونن پاران جوڙايل ڪوٽ ذرا پرزا ٿي اڏري ٿا وڃن. 1983ع ايم آر ڊي جي جدوجھد، ڪالاباغ ڊيم خلاف ھلايل ھلچل، تازو سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان ڌاڙن ھڻڻ لاءِ ڇھن واھن ڪڍڻ وارين ڪوششن کي ٻٻرلوءِ وٽ تاريخي ڌرڻو ھڻي سنڌي ماڻھن جنھن نموني سان سنڌ دشمنن جي جوڙيل مذموم سازشن کي ناڪام بڻايو ھو، اھو تاريخ جي ڪر موڙڻ وارو مثال آھي ۽ جنھن کي ڪوبـ مائيءَ جو لعل ميساري ڪونـ ٿو سگھي. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، پشتو، بلوچي ٻولين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ روا رکيو ويو آھي. منڍ کان ھن وقت تائين سمورين صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن ٿاڦيل اردو ٻوليءَ جي آبياري تي اربين روپيا پئي خرچ ڪيا آھن. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري تعليمي ادارن مان تڙي ڪڍڻ جون ڪوششون اڄ ڏينھن تائين جاري آھن پر تنھن ھوندي بـ سنڌي ٻولي پاڪستان جي ٻين ٻولين جھڙوڪ پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين ۾ واحد ٻولي آھي، جنھن ۾ اخبارون، رسالا نڪرن ٿا، ٽنن جي حساب سان سنڌي ادب تخليق ٿئي پيو، نئين ۽ جديد ٽيڪنالاجي جھڙوڪر اينڊرائيڊ، ھٿرادو ذھانت، ڪمپيوٽر وغيره ۾ سنڌي ٻولي دنيا جي تمام اڳتي وڌيل ٻولين وانگي شامل ٿي ويئي آھي. ِ فيس بوڪ، ٽيوٽر، يوٽيوب، بلاگنگ، ولاگنگ، ٽڪ ٽوڪ سميت ٻيا جيڪي بـ سوشل ميڊيا جا نيٽ ورڪ آھن، انھن ۾ سنڌي ٻولي ڀرپور نموني سان موجود آھي. سنڌ جي ثقافت تي ٽوڪون ڪرڻ وارا ھاڻي پاڻ ٻاھران آيل مھمانن کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جو تحفو پيا ڏين. سنڌي اجرڪ، ٽوپي، شلوار ۽ قميص ھن وقت غير سرڪاري نموني پوري پاڪستان جو ثقافتي اھڃاڻ ٿي اڀريا آھن. سنڌي نوجوان ھن وقت پوري دنيا جي ساک وارين يونيورسٽين ۾ اعلى تعليم حاصل ڪري پنھنجي ڌرتيءَ جي نالي کي روشن ڪرڻ جو ڪم پيا ڪن. انھن پنھنجي محنت ۽ ذھانت ۽ ايمانداري ۽ سچائي سان دنيا جي ساک وارن ادارن ۾ اھميت وارين ڪرسين کي سنڀاليو آھي. پاڪستان پوري دنيا ۾ ٻـ نمبري ڪمن ۾ بدنام آھي ۽ اھو سمورو ڪم پنجابي، اردو ۽ ڪنھن حد تائين پشتو ڳالھائيندڙن ڪري ٿيو آھي، انھن جي ڀيٽ ۾ سنڌي نوجوان ۽ سنڌي ماڻھو ٻاھرين دنيا اندر پنھنجي سڀاويڪ روين سان دنيا جي مختلف قومن جون دليون کٽي رھيا آھن. ھندستاني دفاعي وزير  ھڪ ڳالھ ڪئي ھئي تـ سنڌ جو الڳ ڪو وجود نـ ھو پر اھو ھندستان جو حصو ھو ۽ اھو وري ان جو حصو بڻجي سگھي ٿو. ڪو کيس ٻڌائي تـ سنڌ جو ذڪر تـ دنيا جي قديم ترين ڪتابن ويدن ۾ ٿيل آھي، سنڌ تـ ان وقت بـ ھئي، جڏھن ھندستان جو وجود ئي نـ ھو. خود انڊيا جيڪو نالو آھي، اھو انڊس مان ورتل آھي. ان نموني تـ ھندستان سنڌ جو حصو آھي. پر ڏسو تـ قدرت واري کين اھڙي غلط بياني جي سزا وري ھن نموني ڏني آھي تـ ھڪ ھندستاني عورت پريما جيڪا چين وڃي رھي ھئي، جنھن کي ھندستاني اروناچل پرديش جي ايڊريس واري پاسپورٽ ھئي ۽ چيني عملدارن کيس ارڙھن ڪلاڪن تائين ايئرپورٽ تي اھو چئي روڪي رکيو ھو تـ اروناچل پرديش حقيقت ۾ چين جو حصو آھي، جنھن جو نالو زانگنان آھي ۽ کيس اڳتي وڃڻ جي اجازت تڏھن ملندي، جڏھن ھوءَ زانگنان جو پاسپورٽ ٺھرائيندي! ڏسو ھندستان سنڌ تي پنھنجي دعوا پئي ڪئي ۽ کيس پنھنجي ھڪ علائقي جي مالڪيءَ واري سوال تي وضاحتون ڪرڻيون پيون پون. ساڳي ڪار ساڻس پاڻيءَ واري معاملي ۾ پڻ آھي، جيڪڏھن ھو ھندستان جي سرحدن مان سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو تـ ساڳيو عمل چين وارا پڻ ڪندا، ڇوتـ سنڌوءَ جي شروعات ئي اتان پئي ٿئي. ان نموني سنڌ کي قدرت ان نموني مدد پئي ڪري.  جڏھن ان قسم جي حالتن کي ڏسون ٿا تـ پوء مٿي ٻڌايل محاوري تـ سنڌ لڏندي پر ٻڏندي ڪونـ تي اعتبار اچڻ ٿو شروع ٿئي. پر سنڌ وارن کي ھروڀرو اھڙي ڪنھن خوش فھمي ۾ پڻ رھڻ نـ گھرجي تـ ملڪي، علائقائي يا بين الاقوامي حالتون ھروقت اسان جي مدد ڪنديون. دنيا ۾ ھرڪنھن کي پنھنجا پنھنجا مفاد پيارا آھن ان ڪري پھرين سڄاڳ رھڻ گھرجي. ھر قسم جي حالتن کي پنھنجي ڌرتيءَ جي مفادن جي رکواليءَ لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي ۽ سياڻپ آھي. سنڌ وارن وٽ پرامن جدوجھد جو جيڪو ھٿيار آھي، اھو تمام گهڻو سگھارو آھي ۽ ان کي صحيح وقت تي صحيح جڳھ تي استعمال ڪرڻ گھرجي. مسئلو سنڌي ڳالھائيندڙ سياستدانن جو ناھي پر سنڌ جي مفادن جي رکواليءَ جو آھي. جيڪڏھن ڪو سنڌي ڳالھائيندڙ ڊنگ سياستدان، ڪا پارٽي سنڌ جي وحدت، سالميت، معيشت، پرامن ۽ بقاء باھمي واري اصولن جي پاسداري نـ ڪري تـ انھن کي سنڌ جي بدترين دشمنن جي صفن ۾ شمار ڪرڻ گھرجي، ڀلي کين سونا تاج پھريل ڇونـ ھجن يا اھي ڪيتريون به وڏيون دعوائون ڪن.