حقيقت ۾ انسانذات جي پوري تاريخ رت ۽ باھ سان ڀريل آھي. اھا پڻ حقيقت آھي ھر وقت جي ظالم، طاقتور حڪمرانن، رھزنن مظلوم انسانن جو گھڻي ۾ گهڻي رت وھايو آھي. بادشاھن، حڪمرانن، فوجي سربراھن ۽ سندن ساٿاري مذھبي مھندارن، قبائلي سردارن گڏجي سڏجي عام انسانن کي ھر دؤر ۾ اھو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تـ غربت، ڏک ڏوجھرا، بکون ۽ بيماريون سندن نصيب ۾ اڳواٽ لکيل آھن ۽ سمورا سک، سموريون سھولتون، سمورا وسيلا، سموري طاقت جيڪا حڪمرانن وٽ آھي، اھا پڻ آفاقي ورڇ آھي، جنھن جو ڪلاسيڪل مثال انسان جي پنجن آڱرين جي ننڍ وڏائي وارو ڏنو ويندو رھيو آھي. ان نموني طاقتور طبقن، حڪمرانن اھڙي ڪوڙي، جڙتو تاريخ جون نظرياتي مقدس سرحدون مقرر ڪري ڇڏيون آھن. پاڻ ڊجيٽلائيزيشن جي ھٿرادو ذھانت واري روبوٽڪ دؤر ۾ رھون پيا پر اڄ پڻ پاڻ جھڙن پوئتي پيل سماجن اندر ان قسم جي سوچن تي مقدس چادرن جون ڪيئي ٿلھا تھ چڙھيل آھن. ٽيڪنالاجي جي عروج واري دؤر ۾ جڏھن پنھنجي سماج تي ھڪ اڇاتري نظر ڦيرايون ٿا تـ اتي پاڻ کي عقيدن جا ماريل ڪروڙين انسان نظر اچن ٿا، جيڪي اھڙين سوچن کي پٿر تي ليڪ سمجھي عمل ڪندا آھن ۽ اھڙي روش سندن نظرن ۾ ايمان جو اھم جز آھي، ان کي پٺي ڏيڻ ڪفر برابر آھي، اھي ھڪ سيڪنڊ لاءِ بـ ان قسم جي خيالن کان منھن موڙڻ متعلق سوچي ناھن سگھندا. سنڌ اندر ڪيئي دبنگ پير آھن، دبنگ مولوي آھن، دبنگ سردار آھن. انھن جي پوئلڳن سان اوھان سندن مرشدن، مولوي حضرات جي مذھبي خيالن، سرداري سسٽم خلاف ڳالھائي ڏسو اھي ته اھي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آھن. علم جي روشنيءَ سان منور باشعور نظرين جو ثمر اڃا تائين پاڻ جھڙن سماجن اندر رھندڙ عام انسانن تائين پھچڻ ڏنو ئي ڪونـ ويو آھي. انڌي عقيدت، انڌي شخصيت پرستي حقيقت ۾ بت پرستي ئي آھي، جنھن جا پاڻ وڏي پيماني تي شڪار رھيا آھيون. ان قسم جون سوچون رڳو حڪمرانن، مذھبي مھندارن، پيرن، فقيرن، سردارن تائين محدود ناھن رھيون. جڏھن پاڻ سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست جي اکيڙ ڪنداسين تـ اتي پڻ اھي ساڳيون سوچون ڪاريھر جي ڦڻ وانگر ڦوڪون ڏيندي نظر اينديون. ھڪ پاسي اسان شعور، تضادن جي وحدت، فلسفي، جدت، سائنسي سوچن جي پرچار ڪندا آھيون پر ٻئي پاسي اسان جون تنظيمون منظم نموني پوري جفاڪشيءَ سان سندن اڳواڻن جي شخصيتن کي اھڙي آسماني ۽ آفاقي مخلوق ڪري پيش ڪندا آھن جن ۾ ڪو نقص ناھي ھوندو، دنيا اندر بس اھي ئي عقل جا اڪابر آھن، انھن خلاف ڳالھائڻ، لکڻ يا تنقيد ڪرڻ انقلابي ڪفر آھي، انقلاب سان، قوم سان ۽ انسانيت سان غداري آھي. اسان جو ھڪ تمام وڏو اڳواڻ اھا ڳالھ ڪارڪنن کي چوندو ھو تـ ”اوھان سمورا ڄٽ جا ڄٽ آھيو، اوھان مون کي ان پيماني تي مشھور ڪري سگھڻ جي صلاحيت ئي ڪونـ ٿا رکو، ڪاش مون کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ مون جھڙا مون کي ڪارڪن ملي وڃن ھا تـ مان ھن وقت دنيا جي عظيم اڳواڻن ۾ شمار ٿيان ھا“. جڏھن اھڙي قسم جي تربيت اسان ڪارڪنن کي ڏينداسين تـ اتي حقيقي انقلابي سوچون رکندڙ ڪارڪنن بدران رٽو لڳايل طوطا پيدا ٿيندا آھن. اھڙن طوطن سنڌ جي ترقي پسند، قومپرست سياست جون پاڙون اکيڙي رکيون آھن. اھڙن نام نھاد انقلابي، ترقي پسند، قومپرست ڪارڪنن ۽ مذھبي عقيدن جي ماريل مريدن، سردارن جي پوئلڳي ڪندڙ جاھل انسانن وچ ۾ مان ڪو فرق ناھيان سمجھندو.
ھي ڳالھيون مان اوھان سان ڪالھوڪي ڏينهن (17 جنوريءَ) جي حوالي سان ان ڪري ونڊ ڪري رھيو آھيان، ڇوتـ ھن ڏينھن تي سنڌ کي سائين جي ايم سيد جھڙو عالم اڳواڻ مليو ھو، جنھن اسان کي انڌن عقيدن جي اوجھڙ مان ڪڍڻ لاءِ ”جيئن ڏٺو آھي مون“ جھڙو ڪتاب لکيو ھو، سنڌ جي فلسفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر کي ڪنھن عام پير فقير واري اونداھين پاسي مان ڪڍي ان جي حقيقي فڪر جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ بنياد فراھم ڪيا ھئا.
ساڳي ڏينھن تي سنڌ کي ھڪ ٻئي عظيم انقلابي اڳواڻ فاضل راھوءَ جو ڪھاڙين جي وار سان ٿڌو ڪيل جسم مليو ھو، سندس شھادت ڪري سنڌ اندر ترقي پسند سياست جا پير اکڙي ويا ھئا، جيڪي اڃا تائين سنوان ٿي نـ سگھيا آھن.
فاضل راھو جي سياست انا کان پاڪ صاف سياست ھئي. منجھس پارٽي انا پرستيءَ جو ذرو پرزو بـ نـ ھوندو ھو. سندس نظرون پنھنجي ڌرتيءَ جي عام انسانن تي کتل ھونديون ھيون، ڀلي اھي ڪھڙي بـ سياسي پارٽي، ڪنھن بـ عقيدي سان سلھاڙيل ڇونـ ھجن. ڪڙيي گھنور سان لاڳاپيل، سائين جي ايم سيد سان عشق رکندڙ محمد راھمون ھوندو ھو/آھي. ھڪ دفعي سائين شاھ محمد شاھ پاران بيچ لگزري ھوٽل ڪراچيءَ ۾ ھڪ پروگرام ۾ ڳالھائيندي موصوف چيو ھو تـ سندس ٽي والد آھن، ھڪ اھو جنھن جي گھر ۾ سندس جنم ٿيو، ٻيو سائين جي ايم سيد جيڪو سندس سياسي گرو آھي ۽ ٽيون روحاني والد فاضل راھو آھي. محمد راھمون جڏھن ڪنھن ڪيس ۾ جيل ويندو ھو تـ سار سنڀار شھيد فاضل راھو ڪندو ھو، سندس ضمانتون ڪرائيندو ھو، سندس مالي ۽ اخلاقي مدد ڪندو ھو ۽ اھو سڀ ڪجھ ھو ان خيال کان ڪونـ ڪندو ھو تـ ھو سندس پارٽيءَ جو حصو بڻجي. ان قسم جا ڪيئي مثال ڏيئي سگھجن ٿا. راھو خاندان سان سلھاڙيل شاھنواز راڄپر ھڪ قصو مون کي ٻڌايو ھو تـ ھڪ دفعي محمد اسماعيل راھو سان بدين طرف ويندي سندن گاڏي رستي تي خراب ٿي پيئي ھئي ۽ اھي اتي بيٺا ھئا تـ ھڪ عام ماڻھو اچي ساڻن مليو ھو، جنھن کي نـ ھو سڃاڻن پيا، نـ ئي ھُن کين سڃاتو ھو. ان کين ٻڌايو ھو تـ لاڙ پٽ ۾ جيڪڏھن ڪو سچو ليڊر ھو تـ اھو فاضل راھو ھو، جنھن تي کانئس اسان پڇا ڪئي ھئي تـ اھو وري ڪيئن؟ وراڻيو ھئائين تـ سندس ھاڪ ٻڌي مان سندس اوطاق تي ويو ھوس ۽ فاضل صاحب مون کي اتي اچڻ جو سبب پڇيو ھو. مون کيس ٻڌايو ھو تـ ”مون کي پاڻي وارو نلڪو (ھينڊ پمپ) گھرجي“. جنھن تي فاضل صاحب سندس اوطاق تي لڳايل ھڪ نلڪي کي اکيڙي سندس حوالي ڪندي کانئس پڇيو ھو تـ ”اھو تون ڪيئن کڻي ويندين؟ ”۽ پوءِ راھو صاحب ان کي پنھنجي گاڏيءَ تي رکرائي ڊرائيور ۽ نلڪي لڳائڻ واري ڪاريگر سميت مون کي پنھنجي گھر ۾ اھو نلڪو لڳرائي ڏنو ھو“. فاضل اھو ڪم ان لاءِ بلڪل نـ ڪيو ھو تـ سندس منشا ھئي تـ اھو ماڻھو سندس پارٽيءَ ۾ شامل ٿئي، سندس مدد ان ڪري ڪئي ھئائين، ڇوتـ اھو حقيقي گھرج وند ھو.
فاضل راھو جي چاليھي تي سکر مان چئن ڪامريڊن تي ٻڌل ھڪ پيادل قافلو راھوڪي لاءِ ھليو ھو. مون کي فخر آھي تـ مان پڻ ان پيادل قافلي ۾ شامل ھئس. اسان جي ان قافلي ۾ خيرپور جا ساٿي اڳتي ھلي سلھاڙجي ويا ھئا. اسان ٻن ھفتن کان وڌيڪ ڏينھن پنڌ ڪري راھوڪي پھتا ھئاسين. لاڙ پٽ ۾ داخل ٿيندي جيڪي بـ ماڻھو اسان سان مليا ھئا، انھن سڀني اھو پئي چيو تـ ”اسان يتيم ٿي ويا آھيون“. اھو ھڪ عوامي سچ ھو. ان ڏينھن تي رڳو لاڙ پٽ جا ماڻھو يتيم نـ ٿيا ھئا، پوري سنڌ سياسي طور يتيم ٿي ويئي ھئي ۽ اھا سياسي يتيمي اڄ ڏينھن تائين قائم آھي.
ڪجھ انقلابي ڪارڪن ۽ اڳواڻ اھڙا ھوندا آھن، جيڪي ڪنھن بـ مصلحت کان بالاتر رھندي پوري ايمانداري ۽ سچائيءَ سان انقلابي پيچرن جا راھي ھوندا آھن ۽ اھي ظّالم قوتن جي اکين ۾ ڪنڊن مثل ھوندا آھن. انھن اڳواڻن کي ڪا لالچ، ڪو خوف ناھي ھوندو. جڏھن ظالم جابر، حڪمران کين ڪنھن بـ نموني جھڪائي ناھن سگھندا تـ آخري آپشن سندن جسماني خاتمي سان ڪيو ويندو آھي. مون کي سنڌ اندر اھڙا ٽي اڳواڻ سجھن ٿا، جن کي ان نموني رستي تان ھٽايو ويو آھي. شھيد فاضل راھو، شھيد نظير عباسي ۽ شھيد بشير قريشي، جيڪي اڻموٽ ھئا، جيڪي سچا ھئا، جيڪي پنھنجي نظرياتي واٽن جا سچا راھي ھئا. اسان ڪيترا نـ بدنصيب آھيون تـ اسان پنھنجن اھڙن ھيرن کي بچائي نـ سگھياسين، جن سياست جي پرپيچ اونداھي راھن تي روشني بخشيدڙ ڏيئا ٻاريا ھئا.