دنيا اندر ڪوبـ اھڙو مقبول، عوامي سياستدان ناھي رھيو، جيڪو تڪراري نـ رھيو ھجي يا جنھن جي حمايت ۽ مخالفت نـ ٿي ھجي. ساڳي ڳالھ سنڌ ڄائي بينظير ڀٽو سان پڻ لاڳو آھي. شھيد بينظير ڀٽو جي ھڪڙي اھم ڳالھ اھا پڻ رھي آھي تـ اھا واحد سياستدان ھئي، جيڪا اسٽبلشمنٽ جي پيداوار نـ ھئي، جڏھن تـ سمورا سياستدان شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کان عمران خان تائين – انھن کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويھارڻ ۾ پاڪستاني اسٽبلشمنٽ جو ڪردار رھيو آھي.
اھا ضياءُ الحق جي دؤر جي ڳالھ آھي. مان پنھنجي ٻين ڪامريڊ دوستن سان گڏ سابق سرحد ۽ ھاڻوڪي خيبر پختونخوا جي علائقي چارسدہ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي ڪنوينشن ۾ پشاور ويو ھوس. اجلاس بعد برادرم شاھنواز راڄپر سان گڏ شھر کان ٻاھر باڙا مارڪيٽ جو چڪر لڳايو ھوسين، جتي ھر قسم جا ھٿيار ۽ ھر قسم جون نشي واريون شيون دڪانن تي رکيل ڀڳڙن ۽ ريوڙين وانگر وڪامي رھيون ھيون. اسان ھڪ حاجي صاحب جي دڪان تي چڙھي ويا ھئاسين، جنھن کي ھڪ تمام وڏي تسبيح ھٿ ۾ ھئي ۽ اسان ساڻس ھٿيارن جي وڪري ۽ انھن جي ترسيل متعلق ڳالھين سان گڏ سياسي ڳالھ ٻولھ پڻ ڪئي ھئي. اھو دؤر ھو جڏھن ضياءَ الحق جي پاليسين تحت طالبانائيزيشن تحت مخصوص قسم جي مذھبي ماحول جي آبياري زور شور سان جاري ھئي. ان حاجي صاحب جي پسند جي پارٽي تـ پيپلز پارٽي ھئي پر سندس چوڻ ھو تـ ملڪ جو وزير اعظم ڀلي ڪو شيطان ڇونـ ٿئي، پر اھو مرد ھجي ۽ عورت جي حڪمراني اسلام ۾ حرام آھي. آمر ضياءَ جي ان بيانئي پويان جماعت اسلامي ۽ مولانا فضل الرحمان جي جمعيت علماءِ اسلام وارا ساڻس متفق ھئا. اھا سموري پروپيگنڊه محترما بينظير ڀٽو کي اقتدار مان ٻاھر رکڻ لاءِ ڪئي ويئي ھئي. ضياءُ اھو فوجي جنرل ھو، جنھن پنھنجي اقتدار کي ڊيگھ ڏيڻ خاطر اسلام جھڙي امن پسند، انسانيت دوست مذھب جي اصل روح کي ٽوڙي مروڙي دھشتگرديءَ وارو روپ ڏنو ھو، اھو بيانيو جماعت اسلامي وارن جو پڻ رھيو آھي، جيڪي نعرا ھڻائيندا ھئا تـ “ڪمشير- بزور شمشير” ۽ سندن اھڙين دھشت وارين ڪاررواين ڪري ڪشمير جي معصوم عوام کي تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو ھو. پاڪستان، افغانستان، ٻيا مسلمان ملڪ ۽ ڀارت اڄ تائين ساڳي بيانئي ڪري ڏچي ۾ آھن.
ضياءُ الحق ان سان گڏ ٻيا ڪجھ ڪم پڻ ڪيا ھئا تـ جيئن پ پ پ ۽ سنڌ کي جمھوريت دوستي جي سزا ڏيئي سگھجي. ضياءَ پنجاب ۾ نواز شريف کي ميدان تي لاٿو ھو، سنڌ اندر ھيروئن نشي جي واڌ ويجھ ڪرائي ڇڏي ھئي، سکر جيل ٽوڙائي سموري سنڌ اندر ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڇڏيو ويو ھو، ڪراچي ۾ لساني تنظيم ايم ڪيو ايم قائم ڪرائي ھئي ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن کي پنھنجن سياسي ڇاڙتن وسيلي نو گو ايريا بڻائڻ وارو ڪم ڪيو ھو. مان پاڻ ان وقت سنڌ جي شاگرد سياست جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ ھئس ۽ تنھن وقت ڊڪٽيٽر خلاف ھلايل ايم آر ڊي ۾ پڻ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو ھوم. اسان جڏھن يونيورسٽيءَ جا شاگرد ھئاسين تـ ھڪ قومپرست ڌر اھو اعلان ڪيو ھو تـ جيئن تـ اسان جي ھن اداري ۾ اڪثريت آھي، ان ڪري باقي ڪنھن بـ تنظيم کي سياست ڪرڻ جي اجازت ناھي. اھو ساڳيو ڪم پھريون جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ جميعت طلباءِ اسلام کان ۽ بعد ۾ آل پاڪستان مھاجر اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن کان ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ ورتو ويندو ھو. ھڪ دفعي چار مارچ وارو ڏھاڙو ملھائي رھيا ھئاسين تـ ساڳي ڌر سنڌ جي پنجن ترقي پسند شاگرد تنظيمن کي زبردستي ھال مان ڪڍي ڇڏيو ھو. ضياءُ الحق پنھنجي حڪمرانيءَ تي جمھوري چادر چاڙھڻ لاءِ ملڪ اندر غير جماعتي چونڊون ڪرائي ھڪ ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪئي ھئي ۽ بعد ۾ ان سڄي سيٽ اپ کي پنھنجو پاڻ گهر ڀيڙو ڪيو ھو. اھو ڏھاڳ بھاولپور ڀرسان ھڪ پراسرار جھاز جي حادثي سبب ملڪ تان ٽري سگھيو ھو ۽ پاڪستان جي عوام سک جو ساھ کنيو ھو، جنھن جي لاءِ آڪاش انصاريءَ چيو ھو تـ، ”تون زندگي جي ذليل گهڙين ۾ ضياءَ جي موت جي خبر آھين“. سنڌياڻي بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي پھرين ننڍي عمر جي وزير اعظم طور ملڪ جون واڳون پھريون ڀيرو 02 ڊسمبر 1988ع تي سنڀاريون ھيون. اسٽبلشمنٽ کي اھو زھر جو ڍڪ مجبوري ڪري ڀرڻو پيو ھو پر اھي ڪڏھن بـ خاموش ٿي ڪونـ ويٺا. بينظير جي اقتدار ۾ ايندي ئي سندس خلاف محلاتي سازشون زور شور سان روا رکيو ويون ۽ نيٺ سندس ان حڪومت جو خاتمو تنھن وقت جي صدر غلام اسحاق ھٿان 5 اگسٽ 1989ع تي ڪيو ويو ھو. ھڪ دفعو وري مٿس ڏکيا ڏينھن اچي ويا ھئا.
بينظير ڀٽو پنھنجي جوھر ۾ جمھوريت دوست اھا واحد اڳواڻ ھئي، جيڪا اسٽبلشمنٽ جي آشيرواد سان اقتدار ۾ ڪونـ آئي ھئي. بينظير کي پنھنجي والد جي ري گناھ ڦاسيءَ بعد پ پ پ جي واڳ سونپي ويئي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيد بند ۽ ڦاسي بعد بينظير کي پ پ پ جي قيادت ڪرڻ پئي ھئي. ۽ ان وقت اھو ڪم ڪنڊن جي سيج تي سمھڻ برابر ھو. ڀٽي صاحب جو ڪيس هلندو رهيو، بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي بار بار گرفتار ۽ آزاد ڪيو ويو، ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن سهالا پوليس ڪيمپ ۾ ته ڪڏهن سکر جيل ۾. جڏهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ وارو فيصلو ٿيو، ان وقت اهي ٻئي سهالا جيل ۾ هيون. ان کان پوءِ کين ڀٽي صاحب سان ملاقات لاءِ راولپنڊيءَ نيو ويو، جيڪا ساڻس سندن آخري ملاقات هئي. ان سانحي کان پوءِ هوءَ بيحد بهادر، بي ڊپي، پراعتماد ۽ بيباڪ عورت سياسي اڳواڻ طور اڀري. محترما پنهنجي ڪتاب ”ڊاٽر آف دي ايسٽ“ جي پهرين سٽ ئي اها لکي هئي ته، ”مون پنهنجي هن زندگيءَ جو پاڻ انتخاب نه ڪيو، پر ان لاءِ مون کي چونڊيو هو.“ حالتن هن کي فولاد بڻائي ڇڏيو. سندس والد کي شھيد ڪيو ويو ھو، سندس ڀائر جلاوطني جي زندگي گذاري رھيا ھئا ۽ ملڪ اندر سندس ۽ سندس امڙ بيگم نصرت ڀٽو جي اميج کي خراب ڪرڻ لاءِ انتھائي ڪريل حرڪتون ڪيون پئي ويون. انھن سڀني ڳالھين کي منھن ڏيندي، گھر ۾ نظربندي، جيل ڪاٽيندي ھن ڪڏھن ڪين ڪيٻايو ھو ۽ آمرن سان مھاڏو اٽڪائڻ وارو وھنوار جاري رکيو ھو. ايستائين تـ سندس حڪومتي دؤر ۾ سندس ڀاءَ کي شھيد ڪيو ويو ھو ۽ مٿان وري مٿس ڪرپشن جا الزام ڌري سندس ئي مقرر ڪيل صدر فاروق لغاري ھٿان سندس حڪومت کي ڊاھي پٽ ڪيو ويو ھو. اھڙي جڙيل زھريلي ماحول ھوندي ضياءَ رجيم جي پيداوار نواز شريف کي سامھون آندو ويو ھو.
1993ع جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري چونڊون ٿيون ۽ بينظير کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بنايو ويو. ھن ڀيري سندس نامزد سندس پارٽي جي اڳواڻ صدر فاروق لغاري 5 نومبر 1995ع تي سندس حڪومت جو خاتمو ڪيو، جنھن بعد پاڪستان جي سياست ۾ ڪيترا لاھا چاڙھا آيا. بينظير جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪئي ويئي پر سڀ لاڳاپا لاھي بينظير 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. سندس استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. سندس قافلو جڏهن ڪارساز وٽ پهتو ته ٻه زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 179 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. بينظير کي مارڻ جي ان سازش ۾ سندس دشمن ڪامياب نه ٿيا. هن جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه آئي. ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪندي هن سمورن خطرن جي باوجود ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ۽ جلسا ڪيا. 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ جلسي تان واپسيءَ مهل عوام جي زبردست محبتن ۽ نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ مان منهن ڪڍيو ته هڪ ڀيرو وري مٿس گوليون وسايون ويون ۽ بم ڦاڙيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي وئي. ان نموني ھن ملڪ جي ھڪ تمام گهڻي پڙھيل لکيل، تجربي ڪار اڳواڻ جو خاتمو ڪيو ويو. سندس مرتئي تي پوري دنيا ۾ غم، غصي، ڪاوڙ ۽ مايوسيءَ جا مليل جليل احساس ڏٺا ويا.
وقت ڪي گذرني پر
وھ جو ڀول جائين گين
ھم انھين بتائين گي
زندگي ڪي ماٿي پہ
اڪ لڪير جيسي ٿي
شھر ڪي غريبون مين
وه امير جيسي تھي
جبر ڪي انڌيرون مين
وھ تير جيسي ٿي
بي نظير ڀٽو بس
بي نظير جيسي ٿي