ڇوليون  …پاڪستاني سياست جي ميوزيڪل چيئر ….گل ڪٽوھر

                 پاڪستاني سياست جي اڍنگي ۽ فائول راند کي ڏسندي مان اوھان سان امرجليل جي ”ايڪ ڪرسي ڪي ڪھاني“  ڪالم ڪھاڻي جو تت ونڊ ڪرڻ ٿو گھران. اھا ڪھاڻي ھڪ اردو اخبار جي 27 مارچ 2018ع واري اشاعت ۾ شايع ٿي ھئي. ان کي پڙھي اوھان کي پوري ڳالھ صحيح نموني سمجھ ۾ اچي ويندي. دراصل اھا ڪھاڻي ھڪ ڪرسيءَ جي ڪھاڻي آھي، ھڪ اھڙي ڪرسي ـ  جنھن تي ويھندڙ گونگا روانيءَ سان ڳالھائڻ لڳندا آھن، انڌن جي ديد چٽي ٿي ويندي آھي، چريا ڪرسيءَ تي ويھندي ئي سياڻا ٿي پوندا آھن پر جيڪي ٻوڙا ھوندا آھن، اھي ان ڪرسيءَ تي ويھڻ بعد ٻوڙا ئي رھندا آھن. جيئن اڳ اھي ڪنھن جي ڪونه ٻڌندا ھئا، ڪرسيءَ تي ويھڻ بعد به ڪنھن جي ڪونه ٻڌندا آھن. ھا بس رڳو پنھنجون ڳالھيون پاڻ ئي ٻڌندا رھندا آھن. وڌيڪ اھو ته ھڪ دفعي انصاف ڪندڙ ان ڪرسيءَ تي ويٺو ھو ۽ پوءِ ھن ڪڏھن انصاف نه ڪيو. ان ڪرسيءَ تي ھڪ دفعي ھڪ ڊاڪو ويٺو ھو ۽ اھو ان

                 ڪرسيءَ تي ويھڻ بعد منصف بڻجي پيو ھو ۽ سڀ کان پھرين ھن پنھنجو پاڻ کي سڀني الزامن کان آجو قرار ڏيئي ڇڏيو ھو. ان جادوئي ڪرسيءَ تي جيڪڏھن ڪو ڪانءُ ويھندو آھي ته مور جي ٽور ھلڻ لڳندو آھي، گدڙ شينھن ٿي پوندو آھي. اھا ڪرسي اقتدار جي ڪرسي آھي. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ان تي جھيڙو ھلي پيو ۽ سڀئي ڌريون رتو رت آھن.

اسلام آباد جي سپريم ڪورٽ، اسلام آباد ھائي ڪورٽ ۾ ھلندڙ ڪيس، ججن جا ھڪ ٻئي سان اختلاف، اعتراض ھڪ پاسي ته تحريڪ انصاف جي عمران خان جو ڪيس ٻئي پاسي. کيس نه ڪنھن ڪورٽ سامھون پيش ٿو ڪيو وڃي، نه ئي ساڻس ڪنھن جي ملاقات ڪرائي ٿي وڃي. حد ته اھا آھي ته ھائي ڪورٽ جي حڪم کي اڊيالا جيل جو سپرنٽينڊنٽ رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ٿو ڇڏي ۽ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت جا ڪارندا ويچارن وارو منھن جوڙي چون ٿا ته، ”اسين ڇا ڪريون، اھو معاملو ته جيل انتظاميا ۽ ڪورٽن جو آھي.“  ڪورٽن جو حال ته اجھو ھي آھي ته جسٽس جھانگيريءَ تي ڪوڙي ڊگري رکڻ جو ڪيس داخل ھلندڙ آھي. (ھاڻي ته ان کي صدر مملڪت ڊي نوٽيفاء ڪري ڇڏيو آهي) ھي ھڪ سنگين الزام آھي. ملڪ اندر ڪنھن ڪلرڪ جي ڀرتيءَ وقت اميدوار جي ڪاغذن پٽن جي مستند ھئڻ جا ثبوت مختلف ذريعن کان ورتا ويندا آھن. نادرا پاران جاري ڪيل شناختي ڪارڊ، ميٽرڪ، انٽرميڊئيٽ جا سرٽيفڪيٽ، متعلقا بورڊن يا گزيٽيڊ پوسٽ جي ڪنھن مجاز فرد جا تصديق ٿيل ڪاغذ پٽ قبول ڪيا ويندا آھن. وڏي پوسٽ لاءِ ڪاغذن جي تصديق واسطيدار يونيورسٽين کان ڪرائي ويندي آھي، واڌو پوليس کان ڪرمنل رپورٽ ۽ ڊاڪٽرن وٽان صحت منديءَ جا سرٽيفڪيٽ ورتا ويندا آھن. ھتي ھڪ جج تي اھو ڪيس آھي ته سندس ڊگري ڪوڙي آھي. ظاھر آھي ته اھو فرد اعلى` عدالتن جي جج ٿيڻ کان اڳ ڪيترائي سال ان مبينا ڪوڙي ڊگريءَ تي وڪالت ڪندو رھيو ھوندو ۽ پوءِ کيس جج جي پوسٽ لاءِ نامزد ڪيو ويو ھوندو. ان سڄي عرصي ۾ ان ڪيئي ڪيس وڙھيا ھوندا، ڪيترن ڪيسن تي فيصلا ڏنا ھوندا. جيڪڏھن سندس ڊگري ڪوڙي آھي ته پوءِ سندس سڄي ڪيريئر ۾ ھلايل ڪيس ۽ ڏنل فيصلا به شڪ ھيٺ اچي وڃن ٿا. ڪروڙ جو سوال ھيءَ آھي ته انھن جو ڇا ٿيندو؟ پاڪستان ۾ ان جو جواب سولو آھي، ماضيءَ ۾ جيڪي ڪجھ ٿيو، ان تي ڌوڙ وجھو. جيڪي ڪجھ اڄ پيو ٿئي، ان تي نظر رکو. ھتي ھڪ ٻيو اھم سوال ھيءُ آھي ته جيڪڏھن معزز جج جي ڊگري سچي آھي ته آخرڪار مٿس ان قسم جا الزام ڇو مڙھيا ويا آھن. ان کان سواءِ سوال اھو پڻ پيدا ٿئي ٿو ته ان قسم جا اڃا ٻيا ڪيترا جج، ڪامورا ۽ وڏين ڪرسين کي سيڙايل ڊنگ قسم جا ماڻھو ھوندا، جن ان قسم جي جعلسازي ڪري اھو مقام ماڻيو ھوندو. انھن جي خلاف پڻ ڪا ڪارروائي عمل ۾ ايندي يا نہ؟

پاڪستان جي صحافتي حلقن ۾ ھن وقت آئي ايس آئي جي اڳوڻي چيف، عمران خان جي ساڄي ھٿ فيض حميد کي مليل سزا شد مد سان زير بحث آھي. ھر ڪو پنھنجي رخ سان ان فيصلي تي ڳالھائي رھيو آھي. اھو پھريون ڀيرو ٿيو آھي ته ڪنھن فوجي جنرل کي فوج پنھنجو پاڻ قصوروار ٻڌائي سزا ڏني آھي. جيتوڻيڪ ملڪ تي زبردست ضربون ته اسان جي سابق فوجي جنرلز پڻ وڏيون ھنيون ھيون، جن ۾ پاڪستان جو ٻه اڌ ٿيڻ، ملڪن ۾ مارشلائون لڳائڻ، سامراجي ملڪن پاران ٻاريل باھين ۾ پنھنجي ملڪ ۽ پاڙيسري ملڪن تي ڌڪڻ جھڙا ناقابل معافي جرم ڪيا ويا ھئا، پر ڪنھن کي به ڪا سزا ڪانه ڏني ويئي ھئي. جنرل پرويز مشرف کي موت جي سزا ڏني ويئي ھئي پر ساڳين ڪورٽن کيس ملڪ کان ٻاھر وڃي علاج ڪرائڻ جي سھولت ڏيڻ وارو اجازت نامو عطا ڪيو ھو ۽ پوءِ مرندي گهڙيءَ تائين ھو موٽي ملڪ اندر ڪونه آيو ھو.  ھر دفعي سزائون بلڊي سولين کي ڏنيون ويندو رھيون آھن.

جنرل فيض حميد جي سزا واري مامري سان لاڳاپيل ھڪ پوسٽ منھنجي پياري دوست سرويچ ساريو جي فيس بوڪ وال تي پڙھڻ لاءِ ملي. اوھان پڻ پڙھي وٺو؛ مشھور ٽاپ سٽي اسڪينڊل، جنھن ۾ فيض حميد کي سزا ملي آھي. فيض حميد ٻه قيمتي ڪارون ٽاپ سٽي جي مالڪ جي گھران کنيون ھيون. ٻئي گاڏيون تمام گھڻيون مھانگيون ۽ نان ڪسٽم ھيون. اھي ٻئي گاڏيون ان وقت جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار کي تحفي طور ڏنيون ويون ھيون. جاچ جوچ جي مرحلن ۾ ھڪ گاڏي سابق چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي گھران ھٿ ڪئي ويئي آھي. گاڏين جون جڏھن ڪنجيون ثاقب نثار حوالي ڪيون پئي ويون ته ان فوٽوءَ ۾ جنرل فيض حميد، ثاقب نثار ۽ عمران خان جا مسڪرائيندڙ چھرا سندن اندر جي خوشي ظاھر ڪري رھيا آھن. ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته جڏھن ان ڪيس ۾ جنرل فيض حميد کي سزا ملي چڪي آھي، سابق چيف جسٽس ثاقب نثار کي پڻ ٽوڙھو وڌو ويندو يا نہ؟  جڏھن ته عمران خان ته اڳ ئي پابند سلاسل آھن. 

ھن وقت ملڪ اندر تمام وڏي پيماني تي ھاءِ پروفائيل ڪيس پيا ھلن، سمجھ ۾ ڪنھن کي نٿو اچي ته مستقبل ۾ ڇا ٿيندو. جيڪي حڪمران ناجائز طريقن سان اقتدار جي مسند تي اچي ويھندا آھن ۽ جن جو مقصد عوام، ملڪ يا قوم/قومن جي ڀلائي بدران سندن ذاتي مفاد ھوندا آھن، اھي ملڪ اندر افراتفري ۽ بي چينيءَ جو ماحول جوڙيندا آھن ته جيئن ماڻھو سندن ڪرتوتن، ناجائزين، ظلم ۽ زيادتين تي ڌيان ڌرڻ بدران پنھنجي خفن ۾ اھڙا جڪڙيل ھجن ته کين مٿي کنھڻ جي ڪا فرصت نه ملي. اھي پنھنجي ساک کي بحال رکڻ لاءِ ڪي ھلڪا ڦلڪا فلاحي ڪم ڪار پڻ ڪرائيندا آھن ته جيئن اھي عام جلسن جلوسن، پريس ڪانفرنسن ۾ انھن کي پنھنجي ڪاميابيءَ جي سند طور استعمال ڪري سگھن. سنڌ سميت پوري پاڪستان اندر ساڳئي قسم جي منجھائيندڙ صورتحال ھٿ وٺي پيدا ڪئي ويئي آھي.  ملڪ اندر جنرلن، وڏن سياستدانن يا سياسي گھراڻن پاران ڪرسيءَ تي ويھڻ واري رساڪشي، سياسي محاذ آرائي، ڪيسن، جج صاحبان جي فيصلن کان عام شھري وائڙن وانگر اوپرو ۽ صفا پري بيٺل نظر اچي پيو. امر جليل جي ڪھاڻيءَ وانگر سڀ اقتدار جي ڪرسيءَ لاءِ مرن پيا، ھڪڙا ويھن پيا ته ٻيا ڪرسيءَ کي اونڌو پيا ڪن، ٽيان انتظار ۾ بيٺل آھن ۽ پاڪستاني عوام جي وات ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چوسڻي وڌي ويئي آھي، جيئن سندن وات بند ھجن. ميوزيڪل چيئر واري راند زور شور سان جاري آھي. ڏسون ته ڪير ڪيترو ان تي ويھي ٿو ۽ ڪير وري ان کي حاصل ٿو ڪري.