تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جي سماج جو صنفي امتيازي سلوڪ … ايم بي ڪنڀر

هر سال اڄوڪي ڏينهن 11 آڪٽوبر کي عالمي طور تي ڇوڪرين جو عالمي ڏهاڙو (International Day of Girl) ڪري ملهايو ويندو آهي گڏيل قومن جي اداري يونيسف پاران هر سال 11 آڪٽوبر تي عالمي مهم جو آغاز ڪيو ويندو آهي جنهن جو مقصد ڇوڪرين جي بنيادي ۽ آئيني حقن کي تسليم ڪيو وڃي ۽ انهن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪيو وڃي ۽ صنفي امتياز جو خاتمو ڪيو وڃي. هن سال ڇوڪرين جي عالمي ڏينهن جو عنوان”منهنجو آواز، اسان جو برابر مستقبل“(My Voice,Our equal future)آهي، نياڻين جو بين القوامي ڏينهن اسان جو ڌيان، صنفي برابري، تشدد جو خاتمو، مدي خارج رسمن جو خاتمو HIV/AIDS جو خاتمو، نون صلاحيتن ۽ مهارتن ۾اضافو ڪرڻ ۽ نئين نسل کي سماجي تبديلي ۾ اهم ڪردار ڏيڻ طرف ڌيان ڇڪرائي ٿو.دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ نوجوانن جي ملڪ طور تي ٿئي ٿي ۽ پاڪستان کي نوجوانن جو ملڪ به چيو ويندو آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ افغانستان کانپوءِ پاڪستان نوجوانن جي آبادي جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي آهي. پاڪستان جي 64% آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي جنهن ۾ 29 سيڪڙو 15کان 29 سالن جي عمر جا نوجوان آهن ۽ پاڪستان آباد جي لحاظ کان دنيا جو پنجون نمبر تي وڏو ملڪ آهي جنهن ۾ وڌ کان وڌ آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي انگن اکرن مطابق 2050ع تائين پاڪستان ۾ نوجوانن جي آبادي ۾ ضافو ٿيندو رهندو. ان مان بهتر طور تي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي.
بيجنگ ڊڪلريشن(Beijing Declaration-1995) ڇوڪرين ۽ عورتن جي حقن کي اڳتي وڌائڻ جو هڪ اهم ۽ رهنمائي اصول آهي. 25 سال اڳ 3,000عورتون ۽ مرد دنيا جي 200 ملڪن مان بيجنگ ۾ چوٿين ولڊ ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيا ۽ جنهن ۾ عزم ڪيو ويو ته ڇوڪرين ۽ عورتن جا حق انساني حق آهن ۽ بيجنگ ڊڪلريشن جي ايجنڊا جو مهور صنفي برابري (GenderEquality) هو. بيجنگ ڊڪلريشن جا اهم نڪتا عورتن تي تشدد جو خاتمو نياڻين جي تعليم، شادي ڪرڻ جو وقت ۽ شادي ڪرڻ جي چوائس، عزت وارو روزگار، امتيازي سلوڪ جو خاتمو، ووڪيشنل ٽريننگ کي فروغ ڏيڻ ۽ چائلڊ ليبر جو خاتمو شامل هو.اڄ جديد ۽ سائنسي دور ۾ اسان تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻو پوئتي بيٺل آهيون انگ اکر تمام گهڻا ڏکوئيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آهن پاڪستان ۾ Male جي شرح خواندگي 53% ۽ Female جي شرح خواندگي 42% سيڪڙو آهي ۽ جڏهن ته 15% سيڪڙو نوجوان بيروزگاري جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. اقوام متحده جي ميمبر ملڪن طرفان 17 جٽادار ترقي وارا حدف مقرر ڪيا ويا آهن جنهن ۾ جٽادار ترقي وارو حدف نمبر 4 ”معياري تعليم“ آهي. معياري تعليم هر ٻار جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي پر اسان وٽ هر ٻار جو تعليم حاصل ڪرڻ هڪ خواب بڻيل آهي خاصل ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ ڪوبه سنجيده قدم نه کنيا ويا آهن 22.5 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن خاص ڪري انهن ۾ ڇوڪريون تمام گهڻو متاثر ٿيل آهن 32% ڇوڪريون ۽ 21% ڇوڪرا پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن. ڪيترن ئي گهراڻن ۾ ڇوڪرن کي ڇوڪرين تي ترجيع ڏني وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن کان پوئتي رهجي وڃن ٿيون. ملڪ جي آئين موجب ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ڪوبه امتيازي سلوڪ نه هجڻ کپي. ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن مطابق هر ٻار ۽ ٻارڙي کي برابري جا حق ملڻ کپن، عورتن سان هر قسم جي امتيازي سلوڪ خلاف گڏيل قومن جو ڪنوينشن (CEDAW) به بين القوامي سطح تي تسليم شده دستاويزي حيثيت رکي ٿو. ڇو ته هي ڇوڪرين ۽ عورتن جي حقن جي لاءِ بنيادي ۽ جامع ڊانچو پيش ڪري ٿو. هي ”ڇوڪرين ۽ عورتن“ يعني دنيا جي اڌ آبادي کي بنيادي انساني حقن جي زمري ۾ آڻي ٿو، هي ڪنوينشن اقوام متحده جي مقصدن سان جڙيل آهي انهي لاءِ ڇوڪرين ۽ عورتن جي حقن جي فراهمي لاءِ لاح عمل به آهي. هن معاهدي ۾ شريڪ ملڪ عورتن جي خلاف هر قسم جي تحصباڻي رويي جي مذمت ڪن ٿا، عورتن جي خلاف ٻٽي معيار جي خاتمي جي لاءِ بنا ڪنهن دير پاليسي واضع ڪرڻ جي حوالي سان تمام مناسب ذريعن جي استعمال تي اتفاق راءِ رکن ٿا ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جو عهد ڪن ٿا.
گلوبل انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 2030ع تائين 150 ملين ڇوڪريون ٻالڪپڻ جي شادي جو شڪار ٿينديون جيڪي سڌو سئون نياڻين جي حقن جي لتاڙ آهي. اڃا تائين ڇوڪرين ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ جي واعدي ٿي عمل نه هئڻ برابر آهي هر سال 12 ملين بالغ ڇوڪريون تشدد ۽ جنسي زيادتي جو شڪار ٿين ٿيون. پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي صورتحال تسلي بخش ڪونهي. ڇوڪرين تي تشدد ، جنسي زيادتي، غيرت جي نالي تي قتل، تيزاب هارڻ، گهريلو تشدد، ٻالڪپڻ جي شادي جو رجحان به عام آهي پاڪستان صنفي برابري ۾ ٻين ملڪن کان تمام گهڻو پوئتي آهي 13 ملين ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن. صنفي اڻبرابري (گلوبل جينڊرگيپ 2020) موجب پاڪستان هن وقت عالمي اقتصادي فورم پاران جاري ٿيل رپورٽ مطابق پاڪستان عورتن جي ترقي ۾ شموليت ۾ 153 ملڪن مان 151 تي آهي ۽ معاشي سرگرمين ۾ شموليت ۾ 150 نمبر تي آهي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي شعبي ۾ 143 نمبر تي آهي ۽ صحت جي شعبي ۾ 149 نمبر تي آهي ۽ سياست جي ميدان ۾ 93 نمبر تي. پاڪستان دنيا ۾ صنفي اڻبرابري ۾ 2006 ۾ 112 نمبر تي هو جيڪو هاڻ 2020 ۾ 151 تي آهي. پاڪستان ۾ ٻارن، ٻارڙين ۽ عورتن سان جنسي بنيادن تي طاقت، خوف تشدد ۽ بندوق جي زور تي زيادتي جي واقعات جو تسلسل سان ٿيڻ هڪ حساس قسم جو معاملو آهي. پاڪستاني عورت سان جيڪو ڪجهه ڏينهن پهرين لاهور رنگ روڊ تي ان جي معصوم ٻارڙن جي سامهون جنسي زيادتي جو واقعو ٿيو اهو معاشري ۾ يقيني طور تي هن ڳالهه کي اجاگر ڪري ٿو ته هي طبقو حقيقي معنيٰ ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهي ڪنهن به عورت کي ان جي معصوم ٻارن جي سامهون جنسي زيادتي جو شڪار ڪرڻ درندگي ۽ حيوانت جي تصوير جي عڪاسي ڪري ٿو ته بطور معاشرو اسان ڪٿي بيٺا آهيون سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته ڪهڙو سبب آهي ته ڇوڪريون، عورتون ۽ ٻارڙا پاڻ کي محفوظ نٿا سمجهن، ڇوڪرين، عورتن ۽ ٻارڙن سان جنسي زيادتي جو مسئلو صرف پاڪستان جو ڪونهي پر پوري دنيا ۾ اهڙا واقعا پيش اچن ٿا.
هاڻ وقت آهي ته انهن مجرمن کي سخت نوعيت جي سزا ڏيڻي پوندي ۽ اسان جي پارليامينٽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين کي حتمي فيصلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان کي ڇوڪرين ۽ عورتن جي خلاف جرائم جي خاتمي لاءِ هڪ نئين سماجي وقانوني جنگ جي ضروت آهي جيئن هو پاڻ کي محفوظ سمجهن ۽ بغير ڪنهن خوف ۽ آزادانه بنيادن تي پنهنجي چرپر ۽ سرگرمين کي يقيني بنائڻ، صرف حڪومت جي ذميواري ڪونهي سڄي معاشري کي سماجي تحريڪ هلائي پوندي جيڪو علمي و فڪري بنياد تي قائم ڪرڻي آهي اسان کي متخلف سطحن تي ڪم ڪرڻو پوندو پهرين تعليمي نظام ۽ تعليمي ادارن بشمول مدرسن ۾ ٻارن جي تربيت جي معاملن کي بنياد بنائڻو پوندو. نصابي ڪتابن ۾ تشدد سميت عورتن جي باري ۾ منفي روين يا طرز عمل کي هڪ وڏي مسئلي جي طور تي پيش ڪرڻو پوندو. انهن ئي تعليمي ادارن مان تحقيق جي معاملن تي توجه ڏيڻي پوندي ڇو ته ماڻهو ڇوڪرين ۽ عورتن کي جنسي بنيادن تي درد نگي جو نشانو بنائين ٿا ٻارن کي محفوظ رکڻ لاءِ سيلف ڊفينس جي تربيت کي لازمي قرار ڏنو وڃي جيڪڏهن اسان کي مهذب معاشرو قائم ڪرڻو آهي ته اسان کي ڇوڪرين ۽ عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن اسين پاڻ کي هر سطح تي عملاً مهذب معاشري جي طور تي پيش ڪري سگهون. هي ڪم انهي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن رياست، حڪومتي ادرا ۽ معاشرو عورتن ۽ ٻارڙين جي تحفظ ۾ عملي بنيادن تي ان سان گڏ بيٺل هوندا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *