ڇو رت اڇو ٿيو اٿئو؟ تعليم ۽ صحت کاتن ۾هٿ هلڪو رکو: ڪو ڊونر ويو ته نقصان عوام جو ٿيندو: هاءِ ڪورٽ

نومبر 24, 2024

ڪراچي (اسٽاف: عرفان شاهه ) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي  ته عالمي ڊونرز کي اهو حڪم اماڻيون ٿا ته اوهان اسان تي ڀروسو ڪريو ٿا پر هتي صورتحال ڪجهه ٻي آهي، ڪو ڊونر هليو ويو ته نقصان عوام جو ئي ٿيندو، صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتابن جي فراهمي بابت ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا عالمي فنڊنگ سان هلندڙ 5 منصوبن کي وزيراعليٰ انسپيڪسن ٽيم (سي ايم آءِ ٽي) جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شيرين ناريجو جي نگراني ۾ ڏيون؟ ٻن ٽن سٺن آفيسرن جي نگراني ۾ منصوبا مڪمل ٿيڻ سان چيڪ اينڊ بيلنس رهندو، جيڪڏهن اوهان ڪا به اڳڀرائي ٻڌايو ته اسان حڪم ۾ ترميم ڪري سگهون ٿا، اوهان وٽ آپشن آهي، اسان جي حڪم مان فائدو وٺي سٺا ڪم ڪرايو، عدالت اي جي سنڌ کي چيف سيڪريٽري سان مشاورت ڪري آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت ڊيپوٽيشن تي مقرر 4 ڪامورن  کي هٽائڻ بابت ريمارڪس ڏيندي  چيو ته اسان صرف نشاندهي ڪندا آهيون، جيڪڏهن توهان کي تعليم کاتو ايئن ئي هلائڻو آهي ته ڀلي هلايو،  جسٽس صلاح الدين پنهور چيو سنڌ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، جسٽس امجد علي سهتو چيو ته هڪ ماڻهو کي بچائڻ لاءِ سمورو سسٽم هڪ ٿي ويو آهي، اسان گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيون ٿا پر چئي نٿا سگهون، اهڙن ڪارنامن تي ايوارڊ ڏيڻ چاهيون ٿا پر اسان جي وس ۾ ناهي.  چئو ٿاته هٿ هلڪو رکون؟ گهٽ ۾ گهٽ صحت ۽ تعليم جي ملازمتن ۾ ته هٿ هلڪو رکو، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ان مامري تي ڪڏهن ته بريڪ لڳڻ گهرجي، اسان انٽرنيشنل ڊونرز کي اهو حڪم ڏئي چوندا آهيون ته توهان اسان تي اعتبار ڪري رهيا آهيو پر هتان جي صورتحال ڪجهه ٻي آهي، آءِ جي سنڌ چيو ته ڪو انٽرنيشنل ڊونر هتان هليو ويندو ته ان جو نقصان اسان کي ئي ٿيندو، عدالت چيو ته حڪومت جي ڪارنامن سبب ئي نقصان ٿيندو،جسٽس امجد علي سهتو چيو ته نقصان حڪومت جو نه پر ٽيڪس ڏيندڙ شهرين جو ٿيندو، عالمي مالياتي ادارن کان قرض وٺي ڪم ڪرايو ويندو آهي، پو ۽ وري ٽيڪس جي پيسن سان ادائگي ڪئي ويندي آهي, جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪڏهن اوهان اڳڀرائي ٻڌايو ٿا ته اسان آرڊر ۾ ترميم ڪري ٿا ڇڏيون، عالمي فننڊنگ سان هلندڙ پنج منصوبن کي سي ايم آءِ ٽي جي چيئرپرسن شرين ناريجو جي نگراني ۾ ڏنو وڃي. توهان وٽ آپشن آهي ته اسانجي آرڊر جو فائدو وٺندي سٺا ڪم ڪريو، عدالت چيو ته توهان چيف سيڪريٽري سنڌ کان هدايت وٺو، اسان ترميم ڪري ڇڏينداسين، ٻن يا ٽن سٺن آفيسر جي نگراني ۾ پراجيڪٽ ڏنو وڃي ته جيئن چيڪ اينڊ بيلنس رهي،  هي اسان جو صوبو آهي، اسان جا ماڻهو آهن ،ان ڪري اسان ڇنڇر واري ڏينهن به عدالتن ۾ ويٺل آهيون, خبر ناهي ته ڇا ٿي ويو آهي جو ماڻهن جو رت اڇو ٿي ويو آهي، عدالت چيو ته هڪ اعلي’ سطحي ڪاميٽي هئڻ گهرجي، جيڪا منصوبي جي نگراني ڪري، عدالت اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته ته توهان بيان جمع ڪرائي ڇڏيو ته غير ملڪي فنڊنگ سان هلندڙ منصوبن جي نگراني لاءِ ڪاميٽي جوڙيندا, جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ايندڙ وقت ۾ شيون ڪافي بهتر ٿي وينديون.

Leave A Comment