ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ آئي ريل ڙي: اها به چاڪليٽ جي

ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ آئي ريل ڙي: اها به چاڪليٽ جي

دوحا (انٽريسٽنگ نيوز) مالٽا سان تعلق رکندڙ مشهور چاڪليٽ ماهر اينڊريو فاراگيا (جنهن وٽ ڪيترائي عالمي رڪارڊ موجود آهن) تازو ئي دنيا جو سڀ کان ڊگهو چاڪليٽ ٺاهي نئون گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. هن مالٽا جي انسٽيٽيوٽ آف ٽوئرزم اسٽڊيز جي شاگردن سان گڏجي 55.27 ميٽر ڊگهي چاڪليٽ ٽرين تيار ڪئي، جنهن ۾ هڪ پراڻي ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ۽ چاڪليٽ مان ٺهيل 22 بوگيون شامل هيون، هر بوگي جو وزن لڳ ڀڳ 160 ڪلوگرام هو. دنيا جو هي سڀ کان ڊگهو چاڪليٽ مجسمو هن سال جي ونٽر اولمپڪس گيمز کان اڳ ميلان ۾ پيش ڪيو ويندو، اينڊريو فروجيا ۽ سندس ٽيم ڪيترن ئي مهينن کان هن منصوبي تي ڪم ڪري رهي هئي، هن شاهڪار جي رٿابندي ۾ لڳ ڀڳ هڪ سال لڳي ويو، جڏهن ته فروجيا گذريل سال آڪٽوبر ۾ عملي ڪم شروع ڪيو ۽ ٽرين جي هر حصي جا مٽيءَ مان ماڊل تيار ڪيا. اٽلي جي شهر برگيمو ۾ تقريباً 5 هزار چاڪليٽ جا الڳ الڳ ٽڪرا ڪٽيا ۽ تراشيا ويا، پوءِ انهن کي پلاسٽڪ ۾ ويڙهي تمام احتياط سان ميلان منتقل ڪيو ويو، جتي اينڊريو فروجيا جي ٽيم ڪيترن ئي ڏينهن تائين محنت ڪري انهن کي جوڙي اهو شاندار مجسمو تيار ڪيو، جيئن اهو ونٽر اولمپڪ گيمز کان اڳ مڪمل ٿي سگهي.