| ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان پاران ٽياڪڙي ڪردار ختم ڪرڻ کان انڪار، ايران آمريڪا جنگبندي اسرائيل تباهه ڪئي: آمريڪي نائب صدر |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان خطي ۾ پائيدار امن لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهيون ئي واحد رستو آهن. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻطرفي واپار بابت ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن، جن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ٽياڪڙي وارو ڪردار ختم نه ڪيو آهي. جيستائين افغانستان دهشتگردن جي پٺڀرائي ختم نٿو ڪري، تيستائين لاڳاپن ۾ بهتري ممڪن نه ٿيندي. هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ٻڌايو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جو حامي آهي، جنهن جي سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطا ڪيا آهن. ايراني قيادت به خطي ۾ امن لاءِ پاڪستاني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. پاڪستان سڀني ڌرين تي زور ڏنو آهي ته جارحيت جو خاتمو ڪري اسلام آباد مفاهمتي ۽ قطر جي گڏيل پڌرائي تحت ٻيهر ڳالهين جو عمل شروع ڪيو وڃي. پاڪستان، حريت قيادت خلاف ڏهاڪن پراڻي واقعي بابت ڀارتي ادارن طرفان داخل ڪيل چارج شيٽ جي سخت مذمت ڪري ٿو. اِها چارج شيٽ ظاهر ڪري ٿي ته ڀارتي ادارا سياسي ايجنڊا اڳتي وڌائي رهيا آهن. ڀارت اڃا تائين پهلگام واقعي بابت ڪو به ٺوس ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو. ترجمان بلوچستان ۾ هٿياربند حملي ۽ پوليس اهلڪارن جي قتل واري واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته ڀارتي ميڊيا ۾ اهڙن واقعن تي کليل نموني خوشيون ملهايون وڃن ٿيون. طاهر حسين اندرابي چيو ته صوماليا ۾ يرغمال بڻايل پاڪستانين جو معاملو وزيراعظم شهباز شريف جي نوٽيس ۾ آهي، جنهن لاءِ انساني حقن واري وزارت کي فوڪل پوائنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جاپان جي هڪ بيان تي پاڪستان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي باقاعده ڊيمارش جاري ڪيو آهي.
تهران/دوحا (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا هڪ ڀيرو وري هڪ ٻئي تي حملا ڪيا آهن. آمريڪي نائب صدر انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگبندي کي اسرائيل تباهه ڪيو آهي. ايران نار خطي جي پاڙيسري ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي نوان حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته واشنگٽن سڄي رات ايران جي مختلف هنڌن کي نشانو بڻايو. مليل اطلاعن موجب مليل اطلاعن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب خطي جي سلامتي واري صورتحال وڌيڪ نازڪ ٿي وئي آهي، جڏهن ته جنگبندي ۽ امن ڳالهين لاءِ جاري ڪوششن لاءِ به سنگين خطرا پيدا ٿي ويا آهن. ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي ارنا رپورٽ ڪئي ته آمريڪي حملي رات جو سمنان ايئرپورٽ کي نشانو بڻايو. ٻئي طرف ايراني اختيارين موجب، علائقي ۾ ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جن ۾ اردن، ڪويت ۽ بحرين به شامل آهن. ڪويت ۽ بحرين جي فوجن چيو ته خميس ڏينهن ٻيهر ايراني هوائي حملا ڪيا ويا. ڪويت جي فوج چيو ته هن ڊرون حملن جي هڪ نئين لهر کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي هنن انهن حملن کي “ايراني جارحيت” قرار ڏنو. ڪويت جي گادي واري هنڌ جي ويجهو ڌماڪن جا آواز پڻ ٻڌا ويا. ايران چيو ته هن ڪويت جي علي السالم هوائي اڏي تي هڪ ريڊار سسٽم، هڪ هوائي دفاعي نظام ۽ تيل اسٽوريج سهولتن کي نشانو بڻايو ويو. اردن جي سرڪاري نيوز ايجنسي پيٽرا مطابق اردن ڏانهن فائر ڪيل 8 ايراني ميزائلن کي هوائي دفاعي نظام ذريعي ڪاميابي سان تباهه ڪيو ويو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڀارت بحري جهازن جي مالڪن ۽ جهازران ڀرتي ڪندڙ ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ حڪم تائين ڀارتي جهازرانن کي انهن جهازن تي مقرر نه ڪيو وڃي، جيڪي هرمز مان گذرن ٿا. ٻئي طرف آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس چيو آهي ته اسرائيل آمريڪا ۾ عوامي راءِ جي جنگ هارائي رهيو آهي، اها هڪ سادي ۽ واضح حقيقت آهي. اسرائيل جنگبندي ختم ڪرڻ لاءِ سازش ڪئي. نائب صدر جي ڊي وينس آمريڪي پوڊڪاسٽر جو روگن سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل آمريڪا جو اتحادي آهي، پر اهو آمريڪي سياست تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهي. هن چيو ته جنگبندي معاهدي خلاف اسرائيلي حڪومت پئسا هلائي مهم هلائي ۽ اسرائيل جنگبندي کي تباهه ڪيو.