ڇڪتاڻ بعد ڊار ۽ عراقچي ۾ رابطو: امن ڪوشش جاري رکڻ تي اتفاق

ڇڪتاڻ بعد ڊار ۽ عراقچي ۾ رابطو: امن ڪوشش جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وچ ۾ رابطو، خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي جاري رکڻ اظهار ڪيو ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان مطابق پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچيءَ سان ٽيليفون ذريعي رابطو ٿيو. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو.