ڇڪتاڻ تيز: آمريڪا وينزويلا جي تيل بردار جهاز تي قبضو ڪري ورتو

ڇڪتاڻ تيز: آمريڪا وينزويلا جي تيل بردار جهاز تي قبضو ڪري ورتو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي فورسز وينزويلا جي سمنڊ ڀرسان هڪ ٻئي تيل بردار جهاز تي قبضو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڇنڇر ڏينهن پيش آيل اهو واقعو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وينزويلا ۾ داخل ٿيندڙ ۽ اتان نڪرندڙ سڀني پابندي جي شڪار تيل بردار جهازن خلاف ناڪابندي جي اعلان جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سامهون آيو آهي. اها ڪارروائي اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي ۽ خطي ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي ۾ به واڌ ڪئي پئي وڃي. وينزويلا آمريڪي قدمن تي اڃا تائين ڪو ردعمل نه ڏنو آهي پر ان کان اڳ هو آمريڪا تي پنهنجا تيل جا وسيلا چورائڻ جي ڪوشش جو الزام هڻندو رهيو آهي. واضح رهي ته تازن هفتن ۾ اهو ٻيو موقعو آهي ته آمريڪا وينزويلا ڀرسان تيل بردار جهاز کي ضبط ڪيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ به آمريڪا وينزويلا ڀرسان هڪ تيل بردار جهاز کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو هو.