ڇڪتاڻ جو خاتمو: دوست ملڪ سرگرم، پاڪستان، ايران، آمريڪا جا رابطا

ڇڪتاڻ جو خاتمو: دوست ملڪ سرگرم، پاڪستان، ايران، آمريڪا جا رابطا

اسلام آباد/تهران (م ڊ) عرب امارات ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان، ايران ۽ ٻين ملڪن سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون. پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي هم منصب سان فون تي رابطو ڪيو. جنهن دوران يمن جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اماراتي هم منصب شيخ عبدالله بن زايد النهيان يمن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. عراقچي سڀني علائقائي ملڪن کي يمن ۾ اتحاد ۽ علائقائي سالميت برقرار رکڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ايران يمن جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ قومي اتحاد تي ٻڌل ڳالهين کي اهم سمجهي ٿو. بيان موجب اماراتي وزير يمن ۾ تڪرار گهٽائڻ لاءِ ابو ظهبي جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو. هن ملڪ ۽ وسيع علائقي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ذريعن موجب آمريڪا به ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي.