ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هر سفارتي رستو اختيار ڪيو وڃي: پزشڪيان

ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هر سفارتي رستو اختيار ڪيو وڃي: پزشڪيان

تهران (م ڊ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان ڳالهين جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هر سفارتي رستو استعمال ڪرڻ گهرجي جنگ مان ڪنهن کي به فائدو نه ٿو ٿئي ۽ خطرن جي خلاف ثابت قدم رهڻ دوران، هر منطقي ۽ سفارتي رستو استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي. سومر تي انصاف واري وزارت جي دوري دوران ڳالهائيندي مسعود پزشڪيان چيو ته ايرانين کي ملڪ جي حقيقتن کان باخبر رکيو وڃي. غلط معلومات يا غير حقيقي واعدا نه رڳو مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد نٿا ڪن پر عوام جي اعتماد کي به ڪمزور ڪن ٿا. مسعود پزشڪيان چيو ته ڪاميابيون ۽ چئلينج ٻنهي کي عوام جي سامهون ايمانداري سان پيش ڪرڻ گهرجي.