ڊالر بي قابو: 296 رپين جو ٿي ويو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5رپيا 78 پئسا مهانگو
مَي 11, 2023
ڪراچي(ڪامرس نيوز) ڊالر جي اڏام جاري آهي، وڌيڪ 5 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 295 رپين جو ٿي ويو. تفصيل موجب انٽر بئنڪ ۾ آخري چئن سيشن ۾ ڊالر 11 رپيا 41 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد تاريخ جي بلند ترين سطح کي پهچي ويو، اڄ صبح وڌيڪ 5 رپيا 78 پيسا مهانگو ٿيڻ بعد 296 رپيا وڪرو ٿيڻ لڳو ، گذريل ڏينهن ڊالر 290 رپيا 22 پيسا تي بند ٿيو هو، انٽر بئنڪ ۾ آخري چئن سيشن جي ڪاروبار بعد قرضن جو ڪاٿو1437 ارب رپيا وڌي ويو.